چچ پٽ سيلائج برهمڻ

چچ پٽ سيلائج برهمڻ: راءِ گهراڻي کان پوءِ سنڌ تي برهمڻ گهراڻي حڪومت ڪئي، جنهن جو بنياد چچ برهمڻ وڌو. چچ وڏو بھادر ۽ انشاپردازيءَ جو ماهر هو، جڏهن سنڌ تي راءِ گهراڻي جي راجا سهيرس جي پٽ راءِ سهاسيءَ جي حڪومت هئي. ان وقت سندس وڏو وزير رام حاجب هو، جنهن جو هر فيصلو حرف آخر سمجهيو ويندو هو. سيلائج برهمڻ جو پٽ چچ پنھنجي صلاحيتن آڌار رام حاجب جي درٻار جو ملازم اچي ٿيو. چچ بن سيلائج سندس ڀاءُ چندر ۽ پيءُ سيلائج پنھنجي دؤر جا وڏا راهب هئا. چچ ديانتدار ۽ قابل شخص هو ۽ پنھنجي قابليت سبب جلد ئي ’وزير مراسلات‘ ٿيو. هڪ ڏينهن راءِ سهاسي درٻار ۾ آيو تہ ان وقت سيوستان (سيوهڻ) مان ڪي خط اچي پهتا. راءِ سهاسيءَ رام حاجب کي طلب ڪيو، پر هو موجود نہ هو. ان تي چچ راءِ سهاسيءَ کي چورائي موڪليو تہ: ”آءٌ رام حاجب جو نائب آهيان، جيڪڏهن ڪنهن خط لکڻ جي ضرورت هجي تہ هي بندو اچي لکي ڏئي.“ راءِ سهاسي هڪدم کيس سڏايو ۽ خطن جا جواب لکڻ لاءِ حڪم ڏنو. چچ خط لکي راءِ آڏو اچي پيش ڪيا. راءِ سهاسي جيڪو خود بہ بلاغت ۽ خط و ڪتابت جي علم جو ماهر هو. چچ جا لکيل خط ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو. جڏهن رام حاجب درٻار ۾ اچي پهتو تہ بادشاھہ راءِ سهاسي، چچ جي ڏاڍي تعريف ڪئي. ان تي رام حاجب چيو تہ: ”سيلائج برهمڻ جو پٽ ڏاڍو ايماندار ۽ محنتي آهي.“ ان کان پوءِ راءِ سهاسيءَ خوش ٿي چچ کي وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا.راءِ سهاسيءَ جي حڪومت ۾ ئي رام حاجب گذاري ويو، جنهن کانپوءِ وڏ وزارت چچ جي حوالي ڪئي وئي. چچ عوام سان همدرديءَ ۽ فراخدليءَ سان پيش ايندو هو. ان ڪري ملڪ جا سمورا علائقا ضابطي هيٺ رهيا.
’چچ نامي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ چچ ۽ راڻي سونهن ديوي (سُهنديءَ) بابت افسانوي احوال ڏنل آهي، جنهن موجب چچ انشا پرداز هئڻ ڪري راءِ سهاسيءَ جي محل ۾ ايندو رهندو هو، سونهن ديويءَ چچ کي ڏسندي هئي ۽ هُو چچ جي عشق ۾ گرفتار ٿي وئي، پر اهو افسانوي قصو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو بہ واسطو نہ آهي، ڇو تہ چچ ايماندار ۽ سچو ماڻهو هو، جنهن پنھنجي مهربان حاڪم سان دغابازيءَ کي گناھہ سمجهيو ٿي. ٿوري عرصي کانپوءِ راءِ سهاسي سخت بيمار ٿي پيو ۽ سندس موت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا تہ راڻي سونهن ديويءَ چچ کي گهرائي چيو تہ جيئن تہ راءِ سهاسيءَ کي ڪو اولاد نہ آهي. ان ڪري سندس موت بعد اقتدار جا مالڪ سندس عزيز ٿيندا. ان ڪري منهنجي مرضي آهي تہ آءٌ راڻي رهان ۽ تون بادشاھہ هجين. چچ کي اها صلاح وڻي، پر چيائين تہ جيستائين منهنجو مالڪ (راءِ سهاسي) جيئرو آهي، تيستائين آءٌ اهو قدم نٿو کڻي سگهان. راڻي سونهن ديويءَ اها ڳالھہ مڃي ۽ جنهن ڏينهن راءِ سهاسيءَ لاڏاڻو ڪيو تہ چچ راڻي سونهن ديويءَ جي چوڻ تي راءِ جا سمورا مائٽ گرفتار ڪري امڪاني بغاوت کي روڪي ورتو.
راءِ سهاسيءَ جي مرڻ کانپوءِ چچ، راڻي سونهن ديويءَ سان شادي ڪئي ۽ سن 622ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿي ويٺو. اهڙيءَ ريت راءِ گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي ۽ چچ ذريعي برهمڻ دؤر جي شروعات ٿي. راجا چچ حڪومت سنڀاليندي ئي خزاني جا در کولي ڇڏيا ۽ عوام تان ٽئڪس معاف ڪري ڇڏيو. سندس دؤر ۾ روايت آهي تہ رسول اڪرم حضرت محمد صلي عليہ وسلم نماز پڙهڻ کانپوءِ اڪثر سنڌ ڏانهن منهن ڪري فرمائيندا هئا: ”مون کي سنڌ کان ٿڌڙي هير پئي لڳي.“ (’سنڌ جا سورما‘، جي. ايم. سيد، ص- 4، ڇاپو ٽيون، جنوري 2001ع، جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن، ضلعو دادو.)
راءِ سهاسيءَ جي لاڏاڻي کان ڇھہ مهينا پوءِ سندس ڀاءُ راءِ مهرٿ هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪري چچ تي ڪاهي آيو. راءِ مهرٿ ان وقت چتور جو حاڪم هو. هن اروڙ کان ٽي ميل پري خيما کوڙيا ۽ وزيرن ۽ اميرن جي هڪ ٽولي کي چچ ڏانهن موڪلي کيس چورائي موڪليائين تہ هي تخت اسان جو اباڻو آهي. ان جو وارث آءٌ آهيان. جيڪڏهن تون چپ چاپ ملڪ منهنجي حوالي ڪندين تہ توکي ساڳيو عهدو ڏنو ويندو ۽ تو سان هميشہ مهربانيءَ ۽ احسان جي روش برقرار رکي ويندي، چچ سندس ان ڳالھہ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ چچ ۽ مهرٿ جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ چچ کي سوڀ حاصل ٿي ۽ مهرٿ مارجي ويو. ان کانپوءِ چچ پٽ سيلائج ۽ راڻي سونهن ديويءَ آزاديءَ سان حڪومت ڪئي. چچ کي سونهن ديويءَ مان ٻہ پٽ: ڏاهر ۽ ڏهر سينه ٿيا ۽ هڪ ڌيءَ مايين ڄائي. چچ پنھنجي ڀاءُ چندر کي اروڙ شھر جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کانپوءِ هن ڀاٽيه، اسڪلنده جو قلعو، سڪه، ملتان، ڪشمير، سيوستان، برهمڻ آباد، ڪرمان، قندابيل (لسٻيلو) ۽ ٻيا مختلف علائقا فتح ڪري پنھنجي ملڪ ۾ شامل ڪيا. سيوستان جي فتح کانپوءِ برهمڻ آباد جي حاڪم اگهم لوهاڻي چچ جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان تي چچ وڏي لشڪر سان برهمڻ آباد تي چڙهي آيو. اگهم بہ پنھنجي لشڪر سميت برهمڻ آباد کان ٻاهر نڪري آيو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ هڪ سال جنگ هلندي رهي. آخرڪار اگهم مارجي ويو ۽ چچ برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو. اگهم جي زال سان چچ شادي ڪئي ۽ اگهم لوهاڻي جي پٽ سريند کي گهرائي پنھنجي ڀائٽيءَ سان سندس شادي ڪرايائين. ان کانپوءِ چچ وڏا فلاحي ڪم ڪيا. انصاف پسند بادشاھہ تہ اڳ ئي هو. هن پنھنجي حڪومت دوران ظلم ۽ ناانصافيءَ جا سڀ نشان مٽائي ڇڏيا. هر ماڻهوءَ سان برابريءَ وارو سلوڪ ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيائين. هن عادل ۽ رحمدل بادشاھہ چچ 52ھہ/672ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. تاريخدان اعجازالحق قدوسيتاريخ سنڌ‘ ۾ چچ جي حڪومت جو عرصو 40 سال ۽ سندس وفات جو سن 40ھہ/660ع ڄاڻايو آ هي. چچ جي مرڻ کان پوءِ تخت تي سندس ڀاءُ چندر ويٺو ۽ چندر جي لاڏاڻي کانپوءِ چچ جو وڏو پٽ ڏاهر تخت تي ويٺو.
(حوالو: چچ نامو، تحفة الڪرام، تاريخ سنڌ (اردو: اعجازالحق قدوسي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو