چڪلي مول

چڪلي مول (ماڳ): چڪلي مول ماڳ، ديھہ مول، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ اتر ويڪرائي ڦاڪ 250 24' 55" اوڀـر ڊگهـائي ڦاڪ 670 27' 87" ڊگرين تي موجود آھي. هي ھڪ ٻئي کان الڳ کتل پٿرن جي دائري وارو ماڳ آھي، جنھن ۾ ھن وقت 9 پٿر موجود آھن ۽ پنج ماڳ تي موجود نہ آھن، جيڪي اکڙي يا کڄي ويا آھن. اھڙيءَ ريت دائري ۾ ڪل چوڏهن پٿر لڳل ھئا، جن جو قطر 13 ميٽر آهي ۽ اُهي 43 ميٽرن جي ايراضي والارين ٿا. ھڪ پٿر جو ٻئي پٿر کان وچ وارو فاصلو 2.25 کان 2.40 ميٽر آهي. اوسي پاسي ڪابہ ثقافتي وٿ ڪانہ ٿي ملي. اڃا تائين اھا خبر نہ پئجي سگهي آھي تہ هن قسم جا دائرا ڇو ٺاھيا ويا آھن. ٿي سگهي ٿو تہ اھي ڪي مذھبي يا ثقافتي اھڃاڻ ھجن. هن قسم جي دائرن کي انگريزيءَ ۾ Henges سڏبو آھي.


لفظ چڪلي مولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو