چـڪـور
چـڪـور :(Chakor/ Alectoris chukar)2 کان 35 سينٽي ميـٽـر (14 انچ) جسامت جي ھن سھڻي پکيءَ، چڪورَ جا نر ماد ھڪجھڙا ٿيندا آھن. هي پکي اڪثر اُڀو بيهندو آهي. هن جي چهنب ۽ ٽنگون ڳاڙهيون ٿينديون آهن. چُهنب جي مٿان هڪ ڪاري پٽي اکين وٽان ٿيندي اٿس، جيڪا هيٺ ڳچيءَ تائين وري ايندي آهي. هن جي ڳچيءَ جو رنگ ميرانجهڙو اڇو ٿيندو آهي. هن پکيءَ جي پَرن جا کنڀ چمڪدار ۽ ڳاڙهسرا ناسي ٿين ٿا ۽ اُن جو باقي جسم سرمائي ٿئي ٿو. هن جي پڇ ۾ ڪل 14 کنڀ ٿين ٿيا. چڪور جي پيٽ وٽ پاسيرا ڪارا پٽا ٿين ٿا. چڪور بنيادي طرح تتر جو قسم آهي. هن جون دنيا ۾ 14 کن جنسون مشهور آهن، جيڪي مختلف رنگن جي ڪري هڪٻئي کان ٿوريون ٿوريون مختلف آهن. هي ايشيائي ملڪن ۾ گهڻو ڏٺو وڃي ٿو. افغانستان، پاڪستان، ترڪي، هندستان ۽ هماليا جي الهندن حصن: نيپال، ويندي ڏکڻ اوڀر يورپ تائين نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي جابلو خطن ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو، ان لاءِ آفريڪا ۽ سينائي صحرا ۾ به ڏٺو ويو آهي. چڪور جو گذر ٻوٽن ۽ وڻن جي پنن ۽ ميون تي آهي. هي برساتي ۽ نميءَ وارن علائقن ۾ نه رهندو آهي. جڏهن هنن پکين جي لڳ جي مند نه هوندي آهي ته ڏهن کان پنجاهه جي ٽولي ۾ هلندا آهن، پر اونهاري ۾ لڳ سبب جوڙو جوڙو ٿي رهن، لڳ واري مند ۾ سندن آواز تکو هوندو آهي ۽ پاڻ ۾ جهيڙو ڪندا آهن. چڪور جو آواز ’چڪ چڪ‘ نموني جو آهي. هي پکي 23 کان 25 آنا لاهي ٿو. هن پکيءَ جو آکيرو ٽاڪرو علائقي جي چُرن ۾ ڪکن ۽ پنن سان ڍڪيل ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ميداني علائقن جي وڻن تي به آکيرو ٺاهي ٿو. هن پکيءَ جي مادي روزانو هڪ آنو لاهيندي آهي، اها ڪٿي به هجي، پر آنو اچي آکيري ۾ لاهيندي آهي. آنن تي آرو رڳو مادي ڪندي آهي، جڏهن ته نر کاڌ خوراڪ رهندو آهي. چڪور پاڪستان جو قومي پکي آهي. چڪور سنڌ ۾ پيار جي اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.