
چـڪـوري (اداڪـاره)
چـڪـوري (اداڪـاره): سـنڌي، پـنجـابـي ۽ اردو فـلمـن جي مشھور اداڪارہ چڪوري بيگم، 1960ع ڌاري حيدرآباد جي مشھور رقاصہ ثريا جي گهر ڄائي. سندس مادري زبان پنجابي هئي. سندس پهرين فلم ’محبوب مِٺا‘ 1971ع ۾ ٺھي. جنهن جو فلمساز جي. ايس. گورچاڻي ۽ هدايتڪار اي. ڪيُو. پيرزادو هو. هن فلم ۾ سائيڊ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. بابو ڀائيءَ جي فلم ’تان صدقي'>پيار تان صدقي‘ دوران سندس ملاقات مشتاق چنگيزيءَ سان ٿي ۽ پنھنجي ماءُ ثريا جي مخالفت جي باوجود عدالتي پرڻو ڪيائين. جڏهن هي جوڙو لاهور ويو، تہ ڪجهہ عرصي بعد سندن علحدگي ٿي وئي. چڪوريءَ جي ٻي شادي هدايتڪار ڪيفي سان ٿي. هن جون سنڌي فلمون: ’جيجل ماءُ‘، ’پيار ڪيو سينگار‘، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘، ’منهنجو پيار پُڪاري‘، ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘، ’اچ تہ ڀاڪر پايون‘ ۽ ’رت ۽ اجرڪ‘ مشھور ٿيون. سندس اردو ۽ پنجابي فلمن ۾: ’مولا جٽ‘، ’هيرا ڦيري‘، ’ڪونج‘، ’ٽڪراءُ‘، ’دنگل‘، ’پرمٽ‘، ’بدمعاشي بندا‘ وغيرہ ڪامياب فلمون ڳڻي سگهجن ٿيون. جن اداڪارن سان هن ڪم ڪيو، تن ۾: مشتاق چنگيزي، ڪيفي، سلطان راهي، مصطفيٰ قريشي، بدر منير، شاهد، محمد علي، يوسف خان، محي الدين، انجمن، صائمه، راني، آسيه، نغمه ۽ عاليه خان اچي وڃن ٿا.
چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.
2010.11.02 عيسوي
چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.