چڱو جت: چڱو جت پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. ڪڇ ۾ ابڙاسي واري علائقي ۾ سنڌيار تلاءَ تي رهندڙ هو. مير فتح علي خان ٽالپر جي دور ۾ جتن ۽ چانگن جي وچ ۾ ’ڇاڻي واري جنگ‘ لڳي، جنهن ۾ چڱو جت به شامل هو. 18هين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وفات ڪيائين. جوکين جي ڄام مراد علي ۽ سندس وچ ۾ بيتن جي ڏي وٺ ٿي. ڄام مراد علي سانوڻ جي مند ۾ سوڀياوان زال جي فطري سونهن بابت سينگار جو بيت چيو ۽ ٻين سگهڙن ۽ شاعرن کي به ان قسم جا بيت جوڙڻ لاءِ چيائين. ’چڱي‘ کيس هيٺيون بيت لکي موڪليو:
سارنگ نين سڄڻين، جھُڙ جيئن آگمياس،
اُڀ قـمـر، ڪيـس ڪـڪـر، اوڍڻ ڪـيريـاس،
سبزه لتاڙي آئي، تنهن جا پرتئون پـيـر رتاس،
مُنهن ۾ مينهن ڦڙين جا، مينڍن موڙ ڳُتاس،
آڏو تـنهـن عـجيـب جـا، ڀـرون بـيـن بنـيـاس.
چمڪي وڄ چڱو چئي، اهـڙي سـونهن سـندياس،
سـڻ جـوکـيا جـواب جـت جو، انهيءَ اهڃاڻاس،
ڳچي ڳاٽ ڏناس، اچي ڪامڻ گڏي ڪانڌ کي