چڱڙو ڍنڍ

چڱڙو ڍنڍ: چڱڙو ڍنڍ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جي ديھہ چڱڙيءَ ۾ قمبر شھر کان اٺن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اولھہ پاسي ڳوٺ ٻير شريف ڀرسان آهي. روايت آهي تہ هيءَ ڍنڍ ميرن جي راڄ ۾ قنبر جي نوريزاڻي ٻرڙن جي وڏي بزرگ چڱڙي خان ٻرڙي (1850- 1785ع) جي ذاتي ملڪيت هئي، انگريز راڄ ۾ چڱڙي خان ٻرڙي جي وارثن وچ ۾ ڪجهہ اختلاف ٿي پيا، جنهنڪري سموري جائداد وڪرو ڪئي وئي، جنهن ۾ چڱڙو ڍنڍ جي ايراضي بہ شامل هئي. هن وقت اها ڍنڍ رئيس پريل خان تنيي جي ملڪيت آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلھہ هيءَ ڍنڍ پنھنجي اصل حيثيت وڃائي چڪي آهي. پر پوءِ بہ هن ۾ نيڪال وارو ۽ کارو پاڻي موجود رهي ٿو. لوڻياٺو پاڻي سُڪي وڃڻ جي صورت ۾ لوڻ جا تھہ ڄمي پون ٿا. اڳي هن ڍنڍ مان مڇي، پکي، بھہ، پٻڻ جام ملندو هو.


لفظ چڱڙو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو