ڇاتيون (اُرهه)
ڇاتيون (اُرهه)
ڇاتيون (اُرهه: (Breast/ Mammary Gland: انسان جي جسم ۾ جيڪي به ننڍا توڙي وڏا عضوا آهن اهي سڀئي قدرت جا بي مثال شهڪار آهن، پر عورت جي ڇاتي (ارهه) اهڙو عضوو آهي، جيڪو خدا پاران رزاق هجڻ جو پهريون پختو دليل آهي. ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سورهن هفتن جو ڪچڙو (Foetus) مس هوندو آهي ته ان وقت جتي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جا عضوا پيا ٺهندا آهن ته ٺيڪ انهيءَ وقت ماءُ جي ڇاتين ۾ به ٿڃ جي ٺهڻ جي شروعات ٿيندي آهي. (ٿورو ٿورو کير ماءُ جي ڇاتين جي کير ناڙين ۾ رسڻ شروع ٿيندو آهي). جنهن وقت ٻار هن دنيا ۾ پير پائيندو آهي ته قدرت پاران ٻار جي پير پائڻ کان اڳ۾ ئي سندس رزق جو ٿڃ جي صورت ۾ ماءُ جي ڇاتين ۾ بندوبست ٿيل هوندو آهي. ماءُ جي ڇاتي نه رڳو نئين ڄاول ٻار جي رزق جو ذريعو آهي، پر ساڳي وقت ماءُ جي جسم جو اهڙو عضوو آهي، جيڪو ماءُ جي مامتا، ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ سڃاڻپ، پيار ۽ محبت جي ڳانڍاپي جو پڻ بنيادي ذريعو آهي ۽عورت جي جسم جي سڀني عضون ۾ نازڪ ۽ حساس عضوو به آهي.
(الـف) ڇـاتـيءَ (اُرهـه) جـي بيـهـڪــ (Location of Breast): اُرهـه جـا غـدود (Mammary Glands) يا ڇاتي عورت جي پيدائش (Reproductive System) سان لاڳاپيل عضوو ۽ غدود آهن. ڇاتيون سيني (Pectrol) جي مٿاڇري تي سيني جي ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscles) سان جڙيل هونديون آهن. هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سيني جي ڪوڙي (تاڪي) (Sternum)، ٻنهي بغلن جي سڌ ۽ وڌ واري حصي ۾ ٻي ۽ ٽين پاسراٽيءَ کان ستين پاسراٽيءَ تائين هيٺ مٿي گولائيءَ ۾ پکڙيل ٿين ٿا. هي غدود (ڇاتيون) عمر جي نون کان ڏهن سالن جي وچ ۾ ٻيجڻين (Overies) کان نڪرندڙ ٻن هارمونن Oestrogen ۽ Progestrone جي مدد سان وڌڻ شروع ڪندا آهن ۽ عورت جي بالغ ٿيڻ ۽ جوانيءَ (Puberity) تائين واڌ کائيندا رهندا آهن. عورت جي هر ڀيري ڳورهاري ٿيڻ تي ڇاتين (ارهه جي غدودن) ۾ واڌ ايندي رهندي آهي. جڏهن عورت حيض جي دائمي موقوفي (بند) ٿيڻ جي عمر Menupause)) کي پهچندي آهي ته مٿيان ٻئي هارمون (ايسٽروجن+پروجيسٽران) ٻيجڻيون ٺاهڻ بند ڪنديون آهن. اهڙيءَ صورت ۾ ڇاتيون (هي غدود به) سُسڻ شروع ڪنديون آهن. آخر ۾ عمر جو اهڙو به حصو ايندو آهي، جو هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سُسي ويندا آهن.
اُرهه/ ڇاتيءَ (ڇاتين) جو اصل ڪمائتو حصو (Parenchyma) آهي، جيڪو گھڻن ننڍن وڏن حصن (عضون) تي ٻڌل آهي. ايئن ڇاتين جا ٻاهريان حصا (عضوا) اندرين حصن سان ملي ڇاتين جي شڪل ٺاهي بيهن ٿا. هيٺ ڇاتين جي اندرين توڙي ٻاهرين حصن (عضون) جي بناوت تي روشني وجھجي ٿي.
1. ٻنڊيون (Nipples): هر هڪ ڇاتيءَ جي وچ ۾ هڪ ٻنڊي ڀوري ناسي يا گھاٽي ناسي رنگَ جي هوندي آهي. ٻنڊيون گول ۽ ڊگھن ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscels) مان ٺهيل هونديون آهن، جن ٻنڊين ۾ اٽڪل پندرهن کان ويهه سوراخ هوندا آهن. ٻنڊين مان ٻار جي چوسڻ تي ٿڃ نڪرندي آهي. دراصل اهي ٻنڊين جا سوراخ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) جا منهن هوندا آهن.
2. پِڙو (Aroela): پڙو هر هڪ ڇاتيءَ ۾ گول دائري ۾ ٻنڊين جي چوڌاري هوندو آهي؛ جيڪو پکيڙ ۾ اڌ انچ کان هڪ انچ جي اندر گولائيءَ ۾ ٿئي ٿو. پڙي جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو، جيڪو عورت جي ڳورهاري هئڻ دوران اڃا به گھاٽو ڪارو ٿي ويندو آهي. پڙي جي هيٺان چرٻيءَ جا غدود (Sebaceus Glands) هوندا آهن، جن کي Montgomery Glands به چئبو آهي. چرٻيءَ وارن غدودن جا نشان پڙي جي مٿان چوڌاري اڀارن (Papillae) وانگي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چرٻيءَ وارا غدود هر وقت ضرورت آهر سڻڀو مادو خارج ڪندا رهندا آهن.
3. خانا (Lobes): هر هڪ ڇاتيءَ ۾ ويهه خانا ٿين ٿا. هر هڪ خاني ۾ وري تمام گھڻا ننڍا خانا (Lobules) هوندا آهن. جيڪي ننڍڙا خانا ٻنڊين جي چؤڌاري پکڙيل هوندا آهن. ننڍڙا خانا تمام گھڻن کانچن (Alveoli) تي مشتمل هوندا آهن. هر هڪ کانچي کي ڇهه ڪنڊون ٿينديون آهن. کانچا اڳتي هلي ننڍڙين ناڙين سان ڳنڍبا آهن. اهي ننڍڙيون ناڙيون گڏجي کير جي هڪ وڏي ناڙي ٺاهينديون آهن. جنهن کي کير جي وڏي ناڙي (Lactiferous Dect) چئبو آهي.
4. کـيـر جـي وڏي نـاڙي (Lactiferous Duct): کير جون وڏيون نـاڙيـون وچ ڇاتيءَ ۾ پکڙيل هونديون آهن. هر هڪ ڇاتيءَ ۾ کير جي وڏين ناڙين جو تعداد لڳ ڀڳ ويهه ٿئي ٿو. هر هڪ کير جي وڏي ناڙي پڙي جي ويجھو هڪ ننڍڙي دُٻي (Ponds) ۾ بدلبيون آهن. هتي کير جي ناڙين جي شڪل کير جي پيالين/ وٽين وانگي ٿي ويندي آهي، جن کي (Lactiferous Sinus) چئبو آَهي.
5. رَت جي رسد (Blood Supply): ڇاتيون (اُرهه جا غدود) ٻنهي قسم جي رت جي رڳن (Blood Vessels) (هڪ رت جي شريانن Artries ۽ ٻيو رت جي نسن Veins) سان مڪمل ڳتيل ٿينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڇاتين (اُرهن) کي رڳن وارا غدود (Vascular Glands) به چيو ويندو آهي.
6. ڇاتين جو تنتي نظام (Nerve System): ڇاتين جو تنتي نظام چوٿين، پنجين ۽ ڇهين سيني جي تنتن سان جڙيل آهي. ڇاتين ۾ خاص ڪري ٻنڊين جي چوڌاري ڳاڻاٽي کان به وڌيڪ (ڇاتين جون پنهنجون) خابرو قسم جي تنتن (Sensory Nerves) جون پڇڙيون موجود هونديون آهن. هن قسم جي تنتن جو ماءُ جي کير ٺهڻ ۽ نڪرڻ تي ڪو به ضابطو يا اثر ڪونهي؛ پر ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان انهن ۾ اهڙو تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري پچوئٽري غدود (Pituitary Glands) مان هائيپو ٿلامس (Hypothalamus) جي هدايت تي ٻه هارمون نڪرندا آهن. هڪ پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone) (جنهن هارمون جي ڪري ٿڃ ٺهندي آهي) ٻيو آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone) (هن هارمون جي ڪري ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان ٿڃ ٻنڊين مان ٻاهر نڪرندي آهي). هنن ٻنهي هارمونن جي ڪري ماءُ جي ڇاتين ۾ ٿڃ ٺهندي به آهي ۽ ماءُ جي ٻنڊين مان ٿڃ ٻاهر نڪرندي به آهي.
7. لعاب جو نيڪال (Lymphatic Drainage): لعاب جي نيڪال جو سرشتو ڇاتين جو تمام اهم حصو آهي، جيڪو ٻن قسمن سان پنهنجو ڪم ڪري ٿو. هڪ لعابي تنتن (Lymphatic Vessels) ذريعي، ٻيو لعابي ڳوڙهين (Lymphatic Nodes) ذريعي اٽڪل پنجهتر سيڪڙو ڇاتين جو لعاب بغل جي ڳوڙهين (Axillary Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو. ويهه سيڪڙو ڇاتين جو لعاب خود ڇاتين ۾ موجود ڪجھه غدودن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. باقي پنج سيڪڙو ڇاتين جو لعاب ڇاتين کان سيني جي پوئين پاسراٽين جي وچ وارين ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. لعابي ڳوڙهيون ۽ لعابي ڳوڙهين جو فعل نهايت اهم آهي. هنن ڳوڙهين ۾ ڪنهن به قسم جو خلل پوڻ ڪري ڇاتين جو ڪينسر (Carcinoma) ٿيندو آهي. ڇاتين جو لعاب سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پنجهتر سيڪڙو بغل ۽ بغل سان لاڳاپيل حصن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو، جنهن ۾ بغل جي وچ، پاسي، اڳين ۽ پويون ڳوڙهيون اچي وڃن ٿيون. باقي ٿورو لعاب سيني جي تنتن ۽ ڳچيءَ جي پاسي وارن ڳوڙهين وٽ هسليءَ جي مٿان ڳوڙهين (Supraclaviculrar Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو.
8. پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone): پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جي اڳئين حصي مان هي هارمون نڪرندو آهي، جيڪو ماءُ جي ٿڃ ٺاهيندو آهي. ويم کان پوءِ (Parturation) سنئون سڌو هن هارمون جو اثر ماءُ جي ڇاتين تي ٿيندو آهي. ماءُ جي ويم کان پوءِ هن هارمون جي رت جي سطح وڌي ويندي آهي. ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان پروليڪٽن هارمون اڃا به وڌيڪ دماغ جي تنتي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود مان خارج ٿيندو آهي.
9. آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone): هـي هـارمـون پچـوئٽـري غـدود (Pituitary Gland) جـي پـوئيـن حـصـي مـان دمـاغ جـي تـنتـي مـرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي گهربل مقدار ۾ خارج ٿيندو آهي. جڏهن ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيندو آهي ته دماغ جي خابرو تنتي سرشتي جي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود جي پوئين حصي مان گھربل مقدار ۾ آڪسيٽوسن هارمون خارج ٿيندو آهي، جنهنڪري ٻنڊيءَ جي غدودن جي جيوگھرڙن (Glandular Cell) ۽ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) ۾ ڪوئجڻ جو عمل (Process of Contraction) ٿيندو آهي، جنهن سان ٻار جي ٻنديءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي ٻنڊيءَ جي سوراخن مان ٿڃ نڪري پوندي آهي.
(ٻ) ڇاتين جون بيماريون (Diseases of Breasts):
1. اضافي ٻنڊيون (Accessory Nippls): ڪڏهن ڪڏهن ڪن عورتن کي اضافي ٻنڊيون ٿينديون آهن، جيڪي عام ڇاتين ۽ ٻنڊين کان ننڍيون ٿينديون آهن. هي گھڻو ڪري ڪنهن به ڇاتيءَ (ارهه) جي پاسي ۾ يا ڪڇن جي پاسي ۾ يا وري ڪڇن جي اندرين پاسي ۾ ٿينديون آهن.
2. ٻنڊين جون تڪليفون (Aliments Of Nipples): ٻنڊين ۾ گھڻن قسمن جون تڪليفون ٿينديون آهن، جن ۾ ٻنڊين جا سوراخ يا کير واريون ناڙيون بند ٿي وينديون آهن. جنهن ڪري ٻنڊين مان کير اچڻ بند ٿي ويندو آهي، جنهن جو سبب ارهه جون کوڙ بيماريون هونديون آهن، جن ۾ خاص ڪري ارهه جو ڳَڙُ (Galactocele Abscess) هوندو آهي.
3. ارهه جي غدودن جو وڌي وڃڻ (Enlargmenet of Glands): اُرهه ۾ ننڍا وڏا ڪيترا غدود ٿين ٿا، جن جي وڌي وڃڻ ڪري اُرهن ۾ سور ٿي پوندو آهي.
4. ڳليٽيون ۽ رسوليون (Tumours): ڇاتين ۾ عام (Bengin) يا مهلڪ (Malignant) ڳلٽيون ۽ رسوليون Tumours ٺهڻ. (وڌيڪ ڏسو: ڇاتين جو سرطان)
5. زخم (Ulcers): ڇاتين ۾ ڦٽن ۽ ڦرڙين ٿيڻ يا ڌڪ لڳڻ ڪري زخم ٿي پون.
6. روڳ Infection): ڇاتيءَ جي اندرين حصن (عضون) يا ٻاهرين حصن (عضون) ۾ ڪنهن مهلڪ بيماريءَ جي ڪري روڳ (infection) ٿي پوي.
7. اُرهه جي سوڄ (Swelling): ارهه جي غدودن ۾ ارهه جي بيمارين ڪري، يا ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پوي.
8. ڇاتيءَ جي خانن جون بيماريون (Diseases of Lobes): ڇاتيءَ جا ننڍا وڏا خانا (گھڻين بيمارين جي ڪري) سسي يا وڌي وڃن، يا انهن ۾ ڳلٽيون ۽ رسوليون ٺهن يا وري انهن ۾ چرٻي گھٽ ٿي وڃي يا حد کان وڌيڪ ڀرجي وڃي، ان ڪري پنهنجو ڪم ڇڏي ڏين.
9. اُرهه جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوري (Feeble Lligments Muscles): ارهن جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوريءَ جي ڪري اُرهه ڇڙڪي ڪمزور ٿي پوندا آهن.
10. ارهن جو سسي وڃڻ (Atrophy Shrinks of ): ارهن جي مٿاڇري يا اندر خانن ۾ قدرتي طور چرٻيءَ جي گھٽ ٿي وڃڻ ڪري وقت کان اڳ ۾ عورت جون ڇاتيون سُسي وڃن ٿيون يا وري خود جوانيءَ ۾ گھٽ اُڀرن (سسيل ۽ ننڍيون هجن) ٿيون.
11. ڇاتيءَ جو سور (Pain in Breast Mastodynia): عورتن کي ڇاتين جي گھڻين بيمارين کان سواءِ گھڻو ڪري ماهواريءَ دوران ڇاتين ۾ سور ٿيندو آهي ۽ گرڀوتيءَ هجڻ دوران سور سان گڏ اُرهن ۾ سختي به ٿيندي آهي، جنهنڪري ڳورهاري عورت جون (هڪ يا ٻئي) ڇاتيون سور ۾ جھرنديون آهن.
12. ڪينسر (Cancer): هيءَ عورت جي ڇاتين جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ مهلڪ بيماري (Fatal Disease) آهي. هن بيماريءَ جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ عورتون موت جو بَکُ بڻبيون آهن.
ڇاتين (اُرهه) جو سرطان (Breast Cancer/ Carcinoma): ڇاتين (ارهه) جو سرطان، عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ مهلڪ مرض آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل عورتن جي شرح ٻين مرضن جي بنسبت وڌيڪ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هيءَ بيماري اڪثر اهڙين عورتن کي ٿيندي هئي، جيڪي پنهنجي ماهواريءَ بند ٿيڻ واري عمر ۾ Menu pause کي پهچنديون هيون، پر هاڻي هيءَ بيماري ڪيترن سببن ڪري عورت کي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگھي ٿي. ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون جيڪي اڃا بالغ ٿينديون آهن ته اهي به هن موذي مرض ۾ وٺجي وينديون آهن.
اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواهه علاج نه لڌو ويو آهي ۽ نه ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته متاثر ارهه جو اهو حصو يا سڄو ارهه ڪٽڻ جا تجربا به ڪيا ويا، پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي. پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارهه، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.
هـن بيمـاريءَ جـي تـاريـخ تـمـام قـديـم آهـي. 2500 سال اڳ رومـي ۽ يوناني حڪيمن ڇاتيءَ جي ڪيترين بيمارين مان ڪينسر ۽ ڇاتيءَ ۾ طبعي تبديلين بابت ڄاڻ ڏني هئي. دنيا ۾ حڪيم بُقراط (Hippocrate) اهو پهريون يوناني حڪيم هو، جنهن ڇاتيءَ ۾ ٿيندڙ مهلڪ طبعي تبديلين (Physiological Changes) ۽ غير فطري روڳي واڌ بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ هن ان غير فطري واڌ کي (Skiros Karkinoma) يعنيBreast Carcinoma (Cancer) جو نالو ڏنو، جيڪو نالو اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ قائم آهي.
اٽڪل 500 ق. م ڌاري ڪيترن رومي ۽ يوناني حڪيمن، ڇاتيءَ جي هن مهلڪ بيماريءَ تي گھڻن رخن کان وڌيڪ تجربا ڪيا. بيماريءَ کي يوناني حڪيمن سامونڊي کيکڙي (Sea-crabs) جي شڪل سان مشابهت ڏني، جنهنڪري هن بيماريءَ کي سرطان چيو ويندو آهي.
هن بيماريءَ جو سبب اهو آهي ته جڏهن ڇاتيءَ جي صحتمند جيوگھرڙن جي فعل ۾ گھڻن سببن جي ڪري بگاڙ ٿئي ٿو ته ڇاتيءَ جي اوڄن ۾ پڻ نئين غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کي اسين ڇاتيءَ جو ڪينسر چئون ٿا.
بيماريءَ جا قسم (Types of Disease): ڇاتيءَ جي هن غير فطري واڌ کي بيماريءَ جي روڳي هجڻ يا نه هجڻ جي خاصيت کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ واڌ ڪينسر ناهي هو ندي:
(1) بي ضـرر (اڻ روڳي واڌ) (Bengn Growth)
(2) مهلڪ سـرطاني واڌ (Malignant Growth)
(1) بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ Benign Growth (Tumor): بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ کي گھڻن نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جيئن گومڙ ۽ رسولي وغيره. هن قسم جي بي ضرر واڌ مقامي هوندي آهي. تنهنڪري ڇاتيءَ جي ٻين حصن ڏي ناهي وڌندي، پر هڪ هنڌ تي بيٺل هوندي آهي ۽ واڌ ويجھه به آهستي آهستي ڪندي آهي. پنهنجي خاصيت جي حساب سان اڻ روڳي هوندي آهي، پر علاج ضرور ڪرائڻ گھرجي.
ٻيو قسم بي ضرر واڌ آهي. ان واڌ جا به ڪيترا قسم ٿين ٿا. مثال: جيئن رت جي ڳوڙهي يا شريانين واري رسولي (گومڙ: Angioma)، تاندورن وارو گومڙ (Fibroma Tumor)، چرٻي وارو گومڙ (Lipoma/ Lypoma)، لڪل ڌاڳن وارين مشڪن جو گومڙ (Leiomyoma) ۽ هڏين جو گومڙ (Osteoma) وغيره اچي وڃن ٿا. بي ضرر قسم جا سڀئي گومڙ سدائين ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) سان ئي اُڀرن ٿا.
(2) مهلڪ سرطاني واڌ (Malignant Growth/ Tumor): ڇاتيءَ ۾ مهلڪ قسم جي غير فطري واڌ جي علامت سان ڇاتيءَ جي سرطان هئڻ جي واضح نشاني ليکبي آهي. اها واڌ ڇاتيءَ جي چرٻيءَ وارن جيو گھرڙن (Epithelium Cells) مان اڀرندي آهي. ڇاتيءَ جي هيءَ مهلڪ واڌ (گومڙ) جنهن کي نج ڇاتيءَ جو ڪينسر چئبو آهي، عورت جي حياتي لاءِ ڏاڍي مهلڪ آهي.
مهلڪ (سرطاني) واڌ جا قسم (Types of Malignant Growth):
(1) سخت سرطاني واڌ (گومڙ) (Scrrihus Growth/ Tumor): هن قسم جو سرطاني (گومڙ) واڌ، سڀني قسمن جي گومڙن (واڌ) ۾ عام ٿئي ٿي. هن قسم جو گومڙ سخت ٿئي ٿو ۽ واڌ ويجھه ۾ گھڻو وقت وٺندو آهي. ڪن حالتن ۾ هن قسم جي گومڙ جي وڌڻ ۾سال به لڳي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جو گومڙ وڏي عمر ۾، خاص ڪري عورت جي حيض جي موقوف Menu pause Period)) کان پوءِ ظاهر ٿيندو آهي. هن قسم جي گومڙ ۾ سور به ٿيندو آهي، پر اهو هر وقت نه ٿيندو آهي. گومڙ (واڌ) واري کل ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيندو آهي. تنهن کانسواءِ گھڻين مريضائن جا هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ ڇاتيءَ سان گڏ بغل جا غدود به سڄي پوندا آهن.
(2) ميڄالي جي مِکُ جي شڪل جھڙي واڌ (Encephaliod Growth of Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ مٿين سرطاني واڌ وانگر سخت ڪانه ٿيندي آهي، پر ڪي قدر نرم ٿيندي آهي، جيئن جيئن سرطاني واڌ ۾ واڌارو ٿيندو آهي ته سرطان جي واڌ جي مٿاڇري وارين نسن (Superfical Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي، ان واڌ جو رنگ واڱڻائي هوندو آهي، جيڪا هن قسم جي واڌ جي ڀرپور علامت هوندي آهي ۽ چورڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. هيءَ واڌ اڳتي هلي جڏهن ڦاٽي پوندي آهي ته ان مان گھڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. هن قسم جي گومڙ جي شڪل گل جھڙي ٿيندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني واڌ کي (Rose Cancer) به چوندا آهن. هن قسم جي گومڙ جو ڪاڇو ٻين سرطاني گومڙن جي مقابلي ۾ گھڻو وڏو هوندو آهي ۽ گومڙ جو وزن به گھڻو هوندو آهي، تنهنڪري مريضه پنهنجي سرطاني ڇاتيءَ ۾ واڌ سان گڏ ڳوراڻ به گھڻي محسوس ڪندي آهي. هن قسم جي ڪينسر جي واڌ تمام گھڻي تڪڙي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ سال کان مٿي ڪانه ٿيندي آهي.
(3) ڳوڙهن (غدودن) جھڙي واڌ (Adenoid Growth/ Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ مريضه جي سرطاني ڇاتيءَ ۾ هر هنڌ ننڍڙين ننڍڙين سخت ڳوڙهين جا ڇڳا هوندا آهن. اهي سخت ڳوڙهيون رٻڙ جي بال وانگي محسوس ٿينديون آهن، جن ڳوڙهين کي هٿ سان گھمائڻ سان هيڏي هوڏي چوري پري (ڦري) سگھنديون آهن.
(4) گوشت (جي ٽڪري) جھڙي واڌ (Sarcoma Growth Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ تمام گھڻي خطرناڪ هوندي آهي. هن قسم جي واڌ جي پاڙ گھڻو ڪري سرطاني مرض ۾ وچڙيل ڇاتيءَ جي هيٺان هڏن تائين هوندي آهي. هن قسم جي سرطان تمام گھڻو تڪڙو واڌ ويجهه ڪندو آهي. سرجريءَ کان پوءِ نئين حملي ۾ هي پنهنجي اصلي جاءِ مٽائي ڪنهن ٻئي عضوي يا ٻئي اُرهه ڏي وڌندو يا پکڙبو (Metastasis) آهي، پر جيڪڏهن ساڳي هنڌ تي وري ٿي پيو ته به اهو تمام تڪڙو واڌ ويجھه ڪندو آهي. تمام گھڻو مهلڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ويندو آهي.
آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن هن قسم جي سرطان جي واڌ ساڳئي هنڌ ٿي پئي ته ڪن حالتن ۾ اها ايتري ته وڏي هوندي آهي، جو اها ٽن ڇاتين جيڏي ٿي پوندي آهي، تنهنڪري ٻيهر بيماري هيٺ آيل ڇاتيءَ وارو حصو وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڀوائتو لڳندو آهي.
(ڀ) ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا سبب (Aetiology):
(1) ٿڃ نه ڌارائڻ: ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب ماءُ جو ٻار کي ٿڇ نه ڌارائڻ آهي. ٿڃ ڌارائڻ ڪري ماءُ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ وڏي ڍال آهي. جيڪي مائرون پنهنجي اولاد کي ٿڃ نٿيون ڌارائن، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.
(2) دير سان شادي ٿيڻ (Late Marriage): اڄڪلهه سماجي مجبورين ۽ ڪن سببن جي ڪري ڇوڪرين جي شادي دير سان ٿئي ٿي، جنهنڪري ڪنوارين ڇوڪرين کي پڻ گهڻي ڀاڱي ارهه جو ڪينسر ٿئي ٿو.
ڇوڪرين جي مناسب وقت تي شادي ڪرائڻ سان ارهه جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو بلڪل گھٽ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ جلدي شادي ڪرڻ کانپوءِ عورت جو جلدي حاملا ٿيڻ پڻ ارهه جي ڪينسر کان بچاءُ جو وڏو ذريعو آهي.
(3) ڄم روڪ دوائون (Birth Control Medicines): جيڪي عورتون گھڻي عرصي تائين ڄم روڪ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون، جن دوائن/ انجيڪشن جي ٺاهڻ ۾ هٿرادو اسٽروجن (Estrogen) ۽ پروجيسٽرون (Progestrone)، هارمون (Harmones) ڪتب آندا ويندا آهن. اهي ٻئي هٿرادو هارمون عورتن ۾ ڪيتريون زنانيون بيماريون ڪري وجھندا آهن، جنهن ۾ ماهواريءَ جو بي ترتيب اچڻ، يا گھڻو اچڻ، ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ جي فعل ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ ۾ رسولين کان وٺي ڪينسر جو ٿي پوڻ. ٻيجڻين ۾ هٿرادو هنن ٻنهي هارمونن جي گھڻي مقدار ۾ پهچڻ ڪري انهيءَ جو سڌو اثر ارهه جي غدودن تي بگاڙ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڇاتيءَ جي غدودن ۾ غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ سخت گومڙ ٺهن ٿا، جيڪي مهلڪ هجڻ ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
5. خـانـدانـي مـنصــوبـابـنـدي (Family Planning): اڪـثـر عـورتون خـانداني منصوبابنديءَ سبب پنهنجو آپريشن ڪرائي، ٻار ڪڍرائي ڇڏينديون آهن، جنهن ڪري عورت جو سڄو جنمي نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ عورت جو وقت کان اڳ ۾ سنڍ Barren (Sterile) ٿيڻ ڪيترين جسماني توڙي ذهني بيمارين کي جنم ڏئي ٿو، جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر، زنانيون بيماريون، ٿولهه ۽ ذهني پريشاني (ڊپريشن) وغيره اچي وڃن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ جي گھڻين مهلڪ بيمارين، خاص ڪري ٻيجڻي (Ovary) ۽ ڳڀيرڻ جي ڪينسر جي صورت ۾ ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ کي آپريشن ڪري ڪڍيو ويندو آهي ته ڪينسر جي صورت ۾ آپريشن دوران يا آپريشن کانپوءِ ڪينسر جا جيوڙا رت جي ناڙين وسيلي رت جي وهڪري ذريعي ٻيجڻين يا ڳڀيرڻ کان پکڙجي Metastasis بيمار عورت جي ڇاتي تائين پهچي کيس ڇاتيءَ جو ڪينسر ڪري وجھندا آهن.
ڇاتين جي سرطان جي ٻين سببن مان ڪجهه هي آهن:
کاڌي ۾ پوٽيشم جي گهٽتائي، پوٽيشم عام طؤر ڳڙ ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جيڪڏهن ذيباطيس نه هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٿوري مقدار ۾ ڳڙ جو شربت پيئڻ سان پوٽيشم حاصل ٿئي ٿي. ان کان سواءِ دٻن ۾ پيڪ ٿيل کاڌن/ فاسٽ فوڊ وغيره يا سوڊا جهڙا ڪيميڪل گهڻو واپرائڻ به بيماريءَ جو ڪارڻ ٿين ٿا، جڏهن ته فارمي مرغيءَ جي هڏين کي ڪُرٽي کائڻ کان به پرهيز ڪجي، ڇو ته مرغين جي خوراڪ ۾ زهريلا ڪيميڪل به استعمال ٿيندا آهن، جڏهن ته گهڻي مقدار ۾ ڪافي يا چانهه جو استعمال، گهڻي تماڪ نوشي، سدائين ڳڻتين ۾ رهڻ ۽ وڏي گوشت جي گهڻي استعمال سان به ڇاتين جي سرطان جو خدشو وڌي سگهي ٿو.
بيماريءَ جي تشخيص ۽ علامتون: هن بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو: (1) بيماريءَ جون ظاهري علامتون، (2) الٽرا سائونڊ ۽ ليبارٽري ٽيسٽون وغيره.
(1) بـيـمـاريءَ جـون ظـاهـري عـلامـتـون (Clinical Symptoms): ڇـاتيءَ جي چـڪاس ڪرڻ وقت ڇاتيءَ جي واڌ کي پنهنجي چئن آڱرين ۽ آڱـوٺي جي وچ ۾ نـرمـيءَ سـان ائيـن جھـلـڻ گھـرجي، جيئن زمين تان ڪريل بال کي کنيو ويندو آهي، پوءِ پنهنجي هٿ جي آڱرين ۽ آڱوٺي جي چوٽين کي اکيون سمجھي واڌ جي چؤ طرف ڦيرائجي ۽ اندازو لڳـائـجـي تـه اهـا واڌ ڪيئن مـحسوس ٿئي ٿي، ڇا ان ۾ ننڍڙين ڳوڙهين جو ڇڳو آهي؟ سخت ڳوڙهيون آهن يا نرم، جيئن ڳوهيل اٽو هجي، جي سخت ڳوڙهيون آهن ته هڪ هـنـڌ بيـٺـو هـوندو يا آڱرين سان ڦيرڻ تي هيڏي هوڏي ڦري ٿو. نرم ڳوڙهين، نرم گومڙ ۽ اٽي جھڙي ڳوهيل واڌ کي هروڀرو ڪينسر نه سمجھجھي.
(2) ٻنڊيون (Nipples): ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضه جي بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ جي ٻنڊي پوئتي ڇاتيءَ ۾ اندر هلي ويندي آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ مريضه کي ٻنڊي آهي ئي ڪانه. هيءَ علامت ڇاتيءَ جي ڪينسر جي يقيني علامت آهي. انهيءَ هڪ ئي علامت کي ڇاتيءَ جو ڪينسر ڄاڻائي ڪينسر جو علاج ڪرائڻ گھرجي.
ٻنڊيءَ مان رت، گند، پونءِ، ڪنو پاڻيءَ ۽ ساهه ۾ تنگي به تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن بيماريءَ هيٺ آيل ڇاتيءَ جو مرض ڪينسر جو اثر وڌي ڦهلاءُ ڪري Metastasis سيني جي تاڪي (ڪوڙي) يا سيني جي هڏن تائين پهچندو آهي. هن قسم جي واڌ کي ڪينسر (Sarcoma Growth) چئبو آهي.
(3) سور (Pain): شروع ۾ ڪيترين مريضائن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر هجڻ باوجود ايترو گهڻو سور محسوس نه ٿيندو آهي، پر جيئن جيئن بيماري وڌندي ويندي آهي ته سور به وڌندو آهي، اهو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي. مريضه کي ڪينسر دوران بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ (يا ڇاتين) ۾ ائين سور ٿيندو آهي، ڄڻ گوشت ۾ ڪنهن سئي ٽنبي هجي.
(4) نبض (Pulse): هر ڪنهن قسم جي ڪينسر جي مريض جي نبض ڪمزور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي سنهي محسوس ٿيندي آهي، پر تڪڙو هلندي آهي، جڏهن ته صحتمند ماڻهو جي نبض ڀرپور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي مضبوط لڳندي آهي ۽ هڪ ڪري سانت ۾ هلندي آهي.
(5) ڄڀ (Tongue): عام طرح سان صحتمند ماڻهوءَ جي زبان جو رنگ گلابي هوندو آهي ۽ زبان آلي هوندي آهي، پر ڪينسر جي مريض جي زبان مرض جي پهرئين درجي ۾ اڳيان وارو اڌ حصو ڦڪو هوندو آهي ۽ پويون اڌ حصو ميرانجھڙو اڇو هوندو آهي. جڏهن مرض اڳتي وڌي ٻئي درجي کي پهچندو آهي ته زبان جو رنگ چهچ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر هيءَ بيماري جڏهن گھڻي مهلڪ ٿي آخري درجي ۾ پهچندي آهي ته ان وقت زبان جو رنگ ڍڳي جي رنگ جھڙو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.
ائين زبان جو چهچ ڳاڙهو ٿي وڃڻ جو مطلب اهو آهي ته مريض جي رت جو نظام درست ناهي ۽ رت ۾ آڪسيجن جي آميزش (ملاوٽ، گھٽ ٿي وئي آهي. جڏهن ته زبان جو رنگ ڳائي گوشت جي رنگ جھڙو هجڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪينسر جي بيماريءَ سان گڏ مريض جو هاڻي ٻين عضون (خاص ڪري بڪين) جو فعل به ناڪاره ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪينسر جو مرض ٻين عضون ڏانهن وڌندو (پکڙبو: Metastasis) پيو وڃي، جيڪا بيماريءَ جي مهلڪ صورت هوندي آهي، ان صورت ۾ ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي وڃي.
(6) اکيون (Eyes): عام طرح سان صحتمند ماڻهو جي اکين جي دوڏن جو رنگ اڇو هوندو آهي، پر ڪينسر جي مريض جي اکين جي رنگ (دوڏن جو رنگ) جي اڇاڻ جي مٿان سائي ڦڪي رنگ جا دٻڪ هوندا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته رت ۾ زهريلو مادو ۽ البيومين شامل ٿي ويو آهي، تنهنڪري مريض جي جسم جو رت زهريلو ٿي ويو آهي.
ڊاڪٽر بيماريءَ جي تشخيص لاءِ مختلف ليبارٽري ٽيسٽون ۽ ڇاتين جي الٽراسائونڊ ذريعي پتو لڳائين ٿا.
(ٿ) احتياط وارا اپاءَ (Preventive Measures):
ڪينسر جي مريضه کي هر صورت ۾ رڌ پچاءُ نه ڪرڻ ڏجي، ڇو ته باهه جي تاءَ سبب مرض اڃا به وڌي ويندو آهي. ائين علاج ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن مريضه صحتمند ٿئي ته به کيس هڪ سال تائين باهه جي ويجھو نه وڃڻ گھرجي، نه ته مرض وري ٻيهر اٿلي سگھي ٿو. باهه جي لهس تي هي مرض وڌندو ۽ وري ٻيهر موٽندو به آهي.
ڪينسر جي مريضه کي اس کان به بچائڻ گھرجي نه ته ٻيءَ صروت ۾ هيءُ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين هر حال ۾ اُس تي گھٽ نڪرجي، خاص ڪري اونهاري واري موسم جي اُس ۾ گھٽ نڪرڻ گھرجي.
ڪينسر جي مريضه کي گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ نه گھرجي. سياري ۾ به نهن سوسڙي پاڻيءَ سان وهنجڻ گھرجي. مرض ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين احتياط ڪرڻ گھرجي.