
ڇاتيون (اُرهه)

ڇاتيون (اُرهه)
ڇاتيون (اُرھہ: (Breast/ Mammary Gland: انسان جي جسم ۾ جيڪي بہ ننڍا توڙي وڏا عضوا آهن اهي سڀئي قدرت جا بي مثال شهڪار آهن، پر عورت جي ڇاتي (ارھہ) اهڙو عضوو آهي، جيڪو خدا پاران رزاق هجڻ جو پهريون پختو دليل آهي. ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سورهن هفتن جو ڪچڙو (Foetus) مس هوندو آهي تہ ان وقت جتي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جا عضوا پيا ٺهندا آهن تہ ٺيڪ انهيءَ وقت ماءُ جي ڇاتين ۾ بہ ٿڃ جي ٺھڻ جي شروعات ٿيندي آهي. (ٿورو ٿورو کير ماءُ جي ڇاتين جي کير ناڙين ۾ رسڻ شروع ٿيندو آهي). جنهن وقت ٻار هن دنيا ۾ پير پائيندو آهي تہ قدرت پاران ٻار جي پير پائڻ کان اڳ۾ ئي سندس رزق جو ٿڃ جي صورت ۾ ماءُ جي ڇاتين ۾ بندوبست ٿيل هوندو آهي. ماءُ جي ڇاتي نہ رڳو نئين ڄاول ٻار جي رزق جو ذريعو آهي، پر ساڳي وقت ماءُ جي جسم جو اهڙو عضوو آهي، جيڪو ماءُ جي مامتا، ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ سڃاڻپ، پيار ۽ محبت جي ڳانڍاپي جو پڻ بنيادي ذريعو آهي ۽عورت جي جسم جي سڀني عضون ۾ نازڪ ۽ حساس عضوو بہ آهي.
(الـف) ڇـاتـيءَ (اُرهـه) جـي بيـهـڪــ (Location of Breast): اُرهـه جـا غـدود (Mammary Glands) يا ڇاتي عورت جي پيدائش (Reproductive System) سان لاڳاپيل عضوو ۽ غدود آهن. ڇاتيون سيني (Pectrol) جي مٿاڇري تي سيني جي ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscles) سان جڙيل هونديون آهن. هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سيني جي ڪوڙي (تاڪي) (Sternum)، ٻنهي بغلن جي سڌ ۽ وڌ واري حصي ۾ ٻي ۽ ٽين پاسراٽيءَ کان ستين پاسراٽيءَ تائين هيٺ مٿي گولائيءَ ۾ پکڙيل ٿين ٿا. هي غدود (ڇاتيون) عمر جي نون کان ڏهن سالن جي وچ ۾ ٻيجڻين (Overies) کان نڪرندڙ ٻن هارمونن Oestrogen ۽ Progestrone جي مدد سان وڌڻ شروع ڪندا آهن ۽ عورت جي بالغ ٿيڻ ۽ جوانيءَ (Puberity) تائين واڌ کائيندا رهندا آهن. عورت جي هر ڀيري ڳورهاري ٿيڻ تي ڇاتين (ارھہ جي غدودن) ۾ واڌ ايندي رهندي آهي. جڏهن عورت حيض جي دائمي موقوفي (بند) ٿيڻ جي عمر Menupause)) کي پهچندي آهي تہ مٿيان ٻئي هارمون (ايسٽروجن+پروجيسٽران) ٻيجڻيون ٺاهڻ بند ڪنديون آهن. اهڙيءَ صورت ۾ ڇاتيون (هي غدود بہ) سُسڻ شروع ڪنديون آهن. آخر ۾ عمر جو اهڙو بہ حصو ايندو آهي، جو هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سُسي ويندا آهن.
اُرھہ/ ڇاتيءَ (ڇاتين) جو اصل ڪمائتو حصو (Parenchyma) آهي، جيڪو گهڻن ننڍن وڏن حصن (عضون) تي ٻڌل آهي. ايئن ڇاتين جا ٻاهريان حصا (عضوا) اندرين حصن سان ملي ڇاتين جي شڪل ٺاهي بيهن ٿا. هيٺ ڇاتين جي اندرين توڙي ٻاهرين حصن (عضون) جي بناوت تي روشني وجهجي ٿي.
1. ٻنڊيون (Nipples): هر هڪ ڇاتيءَ جي وچ ۾ هڪ ٻنڊي ڀوري ناسي يا گهاٽي ناسي رنگَ جي هوندي آهي. ٻنڊيون گول ۽ ڊگهن ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscels) مان ٺهيل هونديون آهن، جن ٻنڊين ۾ اٽڪل پندرهن کان ويھہ سوراخ هوندا آهن. ٻنڊين مان ٻار جي چوسڻ تي ٿڃ نڪرندي آهي. دراصل اهي ٻنڊين جا سوراخ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) جا منهن هوندا آهن.
2. پِڙو (Aroela): پڙو هر هڪ ڇاتيءَ ۾ گول دائري ۾ ٻنڊين جي چوڌاري هوندو آهي؛ جيڪو پکيڙ ۾ اڌ انچ کان هڪ انچ جي اندر گولائيءَ ۾ ٿئي ٿو. پڙي جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو، جيڪو عورت جي ڳورهاري هئڻ دوران اڃا بہ گهاٽو ڪارو ٿي ويندو آهي. پڙي جي هيٺان چرٻيءَ جا غدود (Sebaceus Glands) هوندا آهن، جن کي Montgomery Glands بہ چئبو آهي. چرٻيءَ وارن غدودن جا نشان پڙي جي مٿان چوڌاري اڀارن (Papillae) وانگي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چرٻيءَ وارا غدود هر وقت ضرورت آهر سڻڀو مادو خارج ڪندا رهندا آهن.
3. خانا (Lobes): هر هڪ ڇاتيءَ ۾ ويھہ خانا ٿين ٿا. هر هڪ خاني ۾ وري تمام گهڻا ننڍا خانا (Lobules) هوندا آهن. جيڪي ننڍڙا خانا ٻنڊين جي چؤڌاري پکڙيل هوندا آهن. ننڍڙا خانا تمام گهڻن کانچن (Alveoli) تي مشتمل هوندا آهن. هر هڪ کانچي کي ڇھہ ڪنڊون ٿينديون آهن. کانچا اڳتي هلي ننڍڙين ناڙين سان ڳنڍبا آهن. اهي ننڍڙيون ناڙيون گڏجي کير جي هڪ وڏي ناڙي ٺاهينديون آهن. جنهن کي کير جي وڏي ناڙي (Lactiferous Dect) چئبو آهي.
4. کـيـر جـي وڏي نـاڙي (Lactiferous Duct): کير جون وڏيون نـاڙيـون وچ ڇاتيءَ ۾ پکڙيل هونديون آهن. هر هڪ ڇاتيءَ ۾ کير جي وڏين ناڙين جو تعداد لڳ ڀڳ ويھہ ٿئي ٿو. هر هڪ کير جي وڏي ناڙي پڙي جي ويجهو هڪ ننڍڙي دُٻي (Ponds) ۾ بدلبيون آهن. هتي کير جي ناڙين جي شڪل کير جي پيالين/ وٽين وانگي ٿي ويندي آهي، جن کي (Lactiferous Sinus) چئبو آَهي.
5. رَت جي رسد (Blood Supply): ڇاتيون (اُرھہ جا غدود) ٻنهي قسم جي رت جي رڳن (Blood Vessels) (هڪ رت جي شريانن Artries ۽ ٻيو رت جي نسن Veins) سان مڪمل ڳتيل ٿينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڇاتين (اُرهن) کي رڳن وارا غدود (Vascular Glands) بہ چيو ويندو آهي.
6. ڇاتين جو تنتي نظام (Nerve System): ڇاتين جو تنتي نظام چوٿين، پنجين ۽ ڇهين سيني جي تنتن سان جڙيل آهي. ڇاتين ۾ خاص ڪري ٻنڊين جي چوڌاري ڳاڻاٽي کان بہ وڌيڪ (ڇاتين جون پنهنجون) خابرو قسم جي تنتن (Sensory Nerves) جون پڇڙيون موجود هونديون آهن. هن قسم جي تنتن جو ماءُ جي کير ٺھڻ ۽ نڪرڻ تي ڪو بہ ضابطو يا اثر ڪونهي؛ پر ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان انهن ۾ اهڙو تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري پچوئٽري غدود (Pituitary Glands) مان هائيپو ٿلامس (Hypothalamus) جي هدايت تي ٻہ هارمون نڪرندا آهن. هڪ پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone) (جنهن هارمون جي ڪري ٿڃ ٺهندي آهي) ٻيو آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone) (هن هارمون جي ڪري ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان ٿڃ ٻنڊين مان ٻاهر نڪرندي آهي). هنن ٻنهي هارمونن جي ڪري ماءُ جي ڇاتين ۾ ٿڃ ٺهندي بہ آهي ۽ ماءُ جي ٻنڊين مان ٿڃ ٻاهر نڪرندي بہ آهي.
7. لعاب جو نيڪال (Lymphatic Drainage): لعاب جي نيڪال جو سرشتو ڇاتين جو تمام اهم حصو آهي، جيڪو ٻن قسمن سان پنهنجو ڪم ڪري ٿو. هڪ لعابي تنتن (Lymphatic Vessels) ذريعي، ٻيو لعابي ڳوڙهين (Lymphatic Nodes) ذريعي اٽڪل پنجهتر سيڪڙو ڇاتين جو لعاب بغل جي ڳوڙهين (Axillary Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو. ويھہ سيڪڙو ڇاتين جو لعاب خود ڇاتين ۾ موجود ڪجهه غدودن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. باقي پنج سيڪڙو ڇاتين جو لعاب ڇاتين کان سيني جي پوئين پاسراٽين جي وچ وارين ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. لعابي ڳوڙهيون ۽ لعابي ڳوڙهين جو فعل نهايت اهم آهي. هنن ڳوڙهين ۾ ڪنهن بہ قسم جو خلل پوڻ ڪري ڇاتين جو ڪينسر (Carcinoma) ٿيندو آهي. ڇاتين جو لعاب سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پنجهتر سيڪڙو بغل ۽ بغل سان لاڳاپيل حصن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو، جنهن ۾ بغل جي وچ، پاسي، اڳين ۽ پويون ڳوڙهيون اچي وڃن ٿيون. باقي ٿورو لعاب سيني جي تنتن ۽ ڳچيءَ جي پاسي وارن ڳوڙهين وٽ هسليءَ جي مٿان ڳوڙهين (Supraclaviculrar Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو.
8. پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone): پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جي اڳئين حصي مان هي هارمون نڪرندو آهي، جيڪو ماءُ جي ٿڃ ٺاهيندو آهي. ويم کان پوءِ (Parturation) سنئون سڌو هن هارمون جو اثر ماءُ جي ڇاتين تي ٿيندو آهي. ماءُ جي ويم کان پوءِ هن هارمون جي رت جي سطح وڌي ويندي آهي. ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان پروليڪٽن هارمون اڃا بہ وڌيڪ دماغ جي تنتي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود مان خارج ٿيندو آهي.
9. آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone): هـي هـارمـون پچـوئٽـري غـدود (Pituitary Gland) جـي پـوئيـن حـصـي مـان دمـاغ جـي تـنتـي مـرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي گهربل مقدار ۾ خارج ٿيندو آهي. جڏهن ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيندو آهي تہ دماغ جي خابرو تنتي سرشتي جي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود جي پوئين حصي مان گهربل مقدار ۾ آڪسيٽوسن هارمون خارج ٿيندو آهي، جنهنڪري ٻنڊيءَ جي غدودن جي جيوگهرڙن (Glandular Cell) ۽ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) ۾ ڪوئجڻ جو عمل (Process of Contraction) ٿيندو آهي، جنهن سان ٻار جي ٻنديءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي ٻنڊيءَ جي سوراخن مان ٿڃ نڪري پوندي آهي.
(ٻ) ڇاتين جون بيماريون (Diseases of Breasts):
1. اضافي ٻنڊيون (Accessory Nippls): ڪڏهن ڪڏهن ڪن عورتن کي اضافي ٻنڊيون ٿينديون آهن، جيڪي عام ڇاتين ۽ ٻنڊين کان ننڍيون ٿينديون آهن. هي گهڻو ڪري ڪنهن بہ ڇاتيءَ (ارھہ) جي پاسي ۾ يا ڪڇن جي پاسي ۾ يا وري ڪڇن جي اندرين پاسي ۾ ٿينديون آهن.
2. ٻنڊين جون تڪليفون (Aliments Of Nipples): ٻنڊين ۾ گهڻن قسمن جون تڪليفون ٿينديون آهن، جن ۾ ٻنڊين جا سوراخ يا کير واريون ناڙيون بند ٿي وينديون آهن. جنهن ڪري ٻنڊين مان کير اچڻ بند ٿي ويندو آهي، جنهن جو سبب ارھہ جون کوڙ بيماريون هونديون آهن، جن ۾ خاص ڪري ارھہ جو ڳَڙُ (Galactocele Abscess) هوندو آهي.
3. ارھہ جي غدودن جو وڌي وڃڻ (Enlargmenet of Glands): اُرھہ ۾ ننڍا وڏا ڪيترا غدود ٿين ٿا، جن جي وڌي وڃڻ ڪري اُرهن ۾ سور ٿي پوندو آهي.
4. ڳليٽيون ۽ رسوليون (Tumours): ڇاتين ۾ عام (Bengin) يا مهلڪ (Malignant) ڳلٽيون ۽ رسوليون Tumours ٺھڻ. (وڌيڪ ڏسو: ڇاتين جو سرطان)
5. زخم (Ulcers): ڇاتين ۾ ڦٽن ۽ ڦرڙين ٿيڻ يا ڌڪ لڳڻ ڪري زخم ٿي پون.
6. روڳ Infection): ڇاتيءَ جي اندرين حصن (عضون) يا ٻاهرين حصن (عضون) ۾ ڪنهن مهلڪ بيماريءَ جي ڪري روڳ (infection) ٿي پوي.
7. اُرھہ جي سوڄ (Swelling): ارھہ جي غدودن ۾ ارھہ جي بيمارين ڪري، يا ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پوي.
8. ڇاتيءَ جي خانن جون بيماريون (Diseases of Lobes): ڇاتيءَ جا ننڍا وڏا خانا (گهڻين بيمارين جي ڪري) سسي يا وڌي وڃن، يا انهن ۾ ڳلٽيون ۽ رسوليون ٺھن يا وري انهن ۾ چرٻي گهٽ ٿي وڃي يا حد کان وڌيڪ ڀرجي وڃي، ان ڪري پنهنجو ڪم ڇڏي ڏين.
9. اُرھہ جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوري (Feeble Lligments Muscles): ارهن جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوريءَ جي ڪري اُرھہ ڇڙڪي ڪمزور ٿي پوندا آهن.
10. ارهن جو سسي وڃڻ (Atrophy Shrinks of ): ارهن جي مٿاڇري يا اندر خانن ۾ قدرتي طور چرٻيءَ جي گهٽ ٿي وڃڻ ڪري وقت کان اڳ ۾ عورت جون ڇاتيون سُسي وڃن ٿيون يا وري خود جوانيءَ ۾ گهٽ اُڀرن (سسيل ۽ ننڍيون هجن) ٿيون.
11. ڇاتيءَ جو سور (Pain in Breast Mastodynia): عورتن کي ڇاتين جي گهڻين بيمارين کان سواءِ گهڻو ڪري ماهواريءَ دوران ڇاتين ۾ سور ٿيندو آهي ۽ گرڀوتيءَ هجڻ دوران سور سان گڏ اُرهن ۾ سختي بہ ٿيندي آهي، جنهنڪري ڳورهاري عورت جون (هڪ يا ٻئي) ڇاتيون سور ۾ جهرنديون آهن.
12. ڪينسر (Cancer): هيءَ عورت جي ڇاتين جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ مهلڪ بيماري (Fatal Disease) آهي. هن بيماريءَ جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ عورتون موت جو بَکُ بڻبيون آهن.
ڇاتين (اُرھہ) جو سرطان (Breast Cancer/ Carcinoma): ڇاتين (ارھہ) جو سرطان، عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ مهلڪ مرض آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل عورتن جي شرح ٻين مرضن جي بنسبت وڌيڪ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هيءَ بيماري اڪثر اهڙين عورتن کي ٿيندي هئي، جيڪي پنھنجي ماهواريءَ بند ٿيڻ واري عمر ۾ Menu pause کي پهچنديون هيون، پر هاڻي هيءَ بيماري ڪيترن سببن ڪري عورت کي عمر جي ڪنهن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون جيڪي اڃا بالغ ٿينديون آهن تہ اهي بہ هن موذي مرض ۾ وٺجي وينديون آهن.
اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواھہ علاج نہ لڌو ويو آهي ۽ نہ ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇو تہ متاثر ارھہ جو اهو حصو يا سڄو ارھہ ڪٽڻ جا تجربا بہ ڪيا ويا، پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي. پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارھہ، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.
هـن بيمـاريءَ جـي تـاريـخ تـمـام قـديـم آهـي. 2500 سال اڳ رومـي ۽ يوناني حڪيمن ڇاتيءَ جي ڪيترين بيمارين مان ڪينسر ۽ ڇاتيءَ ۾ طبعي تبديلين بابت ڄاڻ ڏني هئي. دنيا ۾ حڪيم بُقراط (Hippocrate) اهو پهريون يوناني حڪيم هو، جنهن ڇاتيءَ ۾ ٿيندڙ مهلڪ طبعي تبديلين (Physiological Changes) ۽ غير فطري روڳي واڌ بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ هن ان غير فطري واڌ کي (Skiros Karkinoma) يعنيBreast Carcinoma (Cancer) جو نالو ڏنو، جيڪو نالو اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ قائم آهي.
اٽڪل 500 ق. م ڌاري ڪيترن رومي ۽ يوناني حڪيمن، ڇاتيءَ جي هن مهلڪ بيماريءَ تي گهڻن رخن کان وڌيڪ تجربا ڪيا. بيماريءَ کي يوناني حڪيمن سامونڊي کيکڙي (Sea-crabs) جي شڪل سان مشابهت ڏني، جنهنڪري هن بيماريءَ کي سرطان چيو ويندو آهي.
هن بيماريءَ جو سبب اهو آهي تہ جڏهن ڇاتيءَ جي صحتمند جيوگهرڙن جي فعل ۾ گهڻن سببن جي ڪري بگاڙ ٿئي ٿو تہ ڇاتيءَ جي اوڄن ۾ پڻ نئين غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کي اسين ڇاتيءَ جو ڪينسر چئون ٿا.
بيماريءَ جا قسم (Types of Disease): ڇاتيءَ جي هن غير فطري واڌ کي بيماريءَ جي روڳي هجڻ يا نہ هجڻ جي خاصيت کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇو تہ هر هڪ واڌ ڪينسر ناهي هو ندي:
(1) بي ضـرر (اڻ روڳي واڌ) (Bengn Growth)
(2) مهلڪ سـرطاني واڌ (Malignant Growth)
(1) بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ Benign Growth (Tumor): بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ کي گهڻن نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جيئن گومڙ ۽ رسولي وغيرہ. هن قسم جي بي ضرر واڌ مقامي هوندي آهي. تنهنڪري ڇاتيءَ جي ٻين حصن ڏي ناهي وڌندي، پر هڪ هنڌ تي بيٺل هوندي آهي ۽ واڌ ويجهه بہ آهستي آهستي ڪندي آهي. پنھنجي خاصيت جي حساب سان اڻ روڳي هوندي آهي، پر علاج ضرور ڪرائڻ گهرجي.
ٻيو قسم بي ضرر واڌ آهي. ان واڌ جا بہ ڪيترا قسم ٿين ٿا. مثال: جيئن رت جي ڳوڙهي يا شريانين واري رسولي (گومڙ: Angioma)، تاندورن وارو گومڙ (Fibroma Tumor)، چرٻي وارو گومڙ (Lipoma/ Lypoma)، لڪل ڌاڳن وارين مشڪن جو گومڙ (Leiomyoma) ۽ هڏين جو گومڙ (Osteoma) وغيرہ اچي وڃن ٿا. بي ضرر قسم جا سڀئي گومڙ سدائين ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) سان ئي اُڀرن ٿا.
(2) مهلڪ سرطاني واڌ (Malignant Growth/ Tumor): ڇاتيءَ ۾ مهلڪ قسم جي غير فطري واڌ جي علامت سان ڇاتيءَ جي سرطان هئڻ جي واضح نشاني ليکبي آهي. اها واڌ ڇاتيءَ جي چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن (Epithelium Cells) مان اڀرندي آهي. ڇاتيءَ جي هيءَ مهلڪ واڌ (گومڙ) جنهن کي نج ڇاتيءَ جو ڪينسر چئبو آهي، عورت جي حياتي لاءِ ڏاڍي مهلڪ آهي.
مهلڪ (سرطاني) واڌ جا قسم (Types of Malignant Growth):
(1) سخت سرطاني واڌ (گومڙ) (Scrrihus Growth/ Tumor): هن قسم جو سرطاني (گومڙ) واڌ، سڀني قسمن جي گومڙن (واڌ) ۾ عام ٿئي ٿي. هن قسم جو گومڙ سخت ٿئي ٿو ۽ واڌ ويجهه ۾ گهڻو وقت وٺندو آهي. ڪن حالتن ۾ هن قسم جي گومڙ جي وڌڻ ۾سال بہ لڳي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جو گومڙ وڏي عمر ۾، خاص ڪري عورت جي حيض جي موقوف Menu pause Period)) کان پوءِ ظاهر ٿيندو آهي. هن قسم جي گومڙ ۾ سور بہ ٿيندو آهي، پر اهو هر وقت نہ ٿيندو آهي. گومڙ (واڌ) واري کل ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيندو آهي. تنهن کانسواءِ گهڻين مريضائن جا هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ ڇاتيءَ سان گڏ بغل جا غدود بہ سڄي پوندا آهن.
(2) ميڄالي جي مِکُ جي شڪل جهڙي واڌ (Encephaliod Growth of Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ مٿين سرطاني واڌ وانگر سخت ڪانہ ٿيندي آهي، پر ڪي قدر نرم ٿيندي آهي، جيئن جيئن سرطاني واڌ ۾ واڌارو ٿيندو آهي تہ سرطان جي واڌ جي مٿاڇري وارين نسن (Superfical Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي، ان واڌ جو رنگ واڱڻائي هوندو آهي، جيڪا هن قسم جي واڌ جي ڀرپور علامت هوندي آهي ۽ چورڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. هيءَ واڌ اڳتي هلي جڏهن ڦاٽي پوندي آهي تہ ان مان گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. هن قسم جي گومڙ جي شڪل گل جهڙي ٿيندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني واڌ کي (Rose Cancer) بہ چوندا آهن. هن قسم جي گومڙ جو ڪاڇو ٻين سرطاني گومڙن جي مقابلي ۾ گهڻو وڏو هوندو آهي ۽ گومڙ جو وزن بہ گهڻو هوندو آهي، تنهنڪري مريضه پنھنجي سرطاني ڇاتيءَ ۾ واڌ سان گڏ ڳوراڻ بہ گهڻي محسوس ڪندي آهي. هن قسم جي ڪينسر جي واڌ تمام گهڻي تڪڙي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ سال کان مٿي ڪانہ ٿيندي آهي.
(3) ڳوڙهن (غدودن) جهڙي واڌ (Adenoid Growth/ Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ مريضه جي سرطاني ڇاتيءَ ۾ هر هنڌ ننڍڙين ننڍڙين سخت ڳوڙهين جا ڇڳا هوندا آهن. اهي سخت ڳوڙهيون رٻڙ جي بال وانگي محسوس ٿينديون آهن، جن ڳوڙهين کي هٿ سان گهمائڻ سان هيڏي هوڏي چوري پري (ڦري) سگهنديون آهن.
(4) گوشت (جي ٽڪري) جهڙي واڌ (Sarcoma Growth Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ تمام گهڻي خطرناڪ هوندي آهي. هن قسم جي واڌ جي پاڙ گهڻو ڪري سرطاني مرض ۾ وچڙيل ڇاتيءَ جي هيٺان هڏن تائين هوندي آهي. هن قسم جي سرطان تمام گهڻو تڪڙو واڌ ويجهہ ڪندو آهي. سرجريءَ کان پوءِ نئين حملي ۾ هي پنھنجي اصلي جاءِ مٽائي ڪنهن ٻئي عضوي يا ٻئي اُرھہ ڏي وڌندو يا پکڙبو (Metastasis) آهي، پر جيڪڏهن ساڳي هنڌ تي وري ٿي پيو تہ بہ اهو تمام تڪڙو واڌ ويجهه ڪندو آهي. تمام گهڻو مهلڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ويندو آهي.
آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن هن قسم جي سرطان جي واڌ ساڳئي هنڌ ٿي پئي تہ ڪن حالتن ۾ اها ايتري تہ وڏي هوندي آهي، جو اها ٽن ڇاتين جيڏي ٿي پوندي آهي، تنهنڪري ٻيهر بيماري هيٺ آيل ڇاتيءَ وارو حصو وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڀوائتو لڳندو آهي.
(ڀ) ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا سبب (Aetiology):
(1) ٿڃ نہ ڌارائڻ: ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب ماءُ جو ٻار کي ٿڇ نہ ڌارائڻ آهي. ٿڃ ڌارائڻ ڪري ماءُ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ وڏي ڍال آهي. جيڪي مائرون پنھنجي اولاد کي ٿڃ نٿيون ڌارائن، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.
(2) دير سان شادي ٿيڻ (Late Marriage): اڄڪلھہ سماجي مجبورين ۽ ڪن سببن جي ڪري ڇوڪرين جي شادي دير سان ٿئي ٿي، جنهنڪري ڪنوارين ڇوڪرين کي پڻ گهڻي ڀاڱي ارھہ جو ڪينسر ٿئي ٿو.
ڇوڪرين جي مناسب وقت تي شادي ڪرائڻ سان ارھہ جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو بلڪل گهٽ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ جلدي شادي ڪرڻ کانپوءِ عورت جو جلدي حاملا ٿيڻ پڻ ارھہ جي ڪينسر کان بچاءُ جو وڏو ذريعو آهي.
(3) ڄم روڪ دوائون (Birth Control Medicines): جيڪي عورتون گهڻي عرصي تائين ڄم روڪ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون، جن دوائن/ انجيڪشن جي ٺاهڻ ۾ هٿرادو اسٽروجن (Estrogen) ۽ پروجيسٽرون (Progestrone)، هارمون (Harmones) ڪتب آندا ويندا آهن. اهي ٻئي هٿرادو هارمون عورتن ۾ ڪيتريون زنانيون بيماريون ڪري وجهندا آهن، جنهن ۾ ماهواريءَ جو بي ترتيب اچڻ، يا گهڻو اچڻ، ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ جي فعل ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ ۾ رسولين کان وٺي ڪينسر جو ٿي پوڻ. ٻيجڻين ۾ هٿرادو هنن ٻنهي هارمونن جي گهڻي مقدار ۾ پهچڻ ڪري انهيءَ جو سڌو اثر ارھہ جي غدودن تي بگاڙ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڇاتيءَ جي غدودن ۾ غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ سخت گومڙ ٺھن ٿا، جيڪي مهلڪ هجڻ ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
5. خـانـدانـي مـنصــوبـابـنـدي (Family Planning): اڪـثـر عـورتون خـانداني منصوبابنديءَ سبب پنهنجو آپريشن ڪرائي، ٻار ڪڍرائي ڇڏينديون آهن، جنهن ڪري عورت جو سڄو جنمي نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ عورت جو وقت کان اڳ ۾ سنڍ Barren (Sterile) ٿيڻ ڪيترين جسماني توڙي ذهني بيمارين کي جنم ڏئي ٿو، جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر، زنانيون بيماريون، ٿولھہ ۽ ذهني پريشاني (ڊپريشن) وغيرہ اچي وڃن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ جي گهڻين مهلڪ بيمارين، خاص ڪري ٻيجڻي (Ovary) ۽ ڳڀيرڻ جي ڪينسر جي صورت ۾ ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ کي آپريشن ڪري ڪڍيو ويندو آهي تہ ڪينسر جي صورت ۾ آپريشن دوران يا آپريشن کانپوءِ ڪينسر جا جيوڙا رت جي ناڙين وسيلي رت جي وهڪري ذريعي ٻيجڻين يا ڳڀيرڻ کان پکڙجي Metastasis بيمار عورت جي ڇاتي تائين پهچي کيس ڇاتيءَ جو ڪينسر ڪري وجهندا آهن.
ڇاتين جي سرطان جي ٻين سببن مان ڪجهہ هي آهن:
کاڌي ۾ پوٽيشم جي گهٽتائي، پوٽيشم عام طؤر ڳڙ ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جيڪڏهن ذيباطيس نہ هجي تہ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري مقدار ۾ ڳڙ جو شربت پيئڻ سان پوٽيشم حاصل ٿئي ٿي. ان کان سواءِ دٻن ۾ پيڪ ٿيل کاڌن/ فاسٽ فوڊ وغيرہ يا سوڊا جھڙا ڪيميڪل گهڻو واپرائڻ بہ بيماريءَ جو ڪارڻ ٿين ٿا، جڏهن تہ فارمي مرغيءَ جي هڏين کي ڪُرٽي کائڻ کان بہ پرهيز ڪجي، ڇو تہ مرغين جي خوراڪ ۾ زهريلا ڪيميڪل بہ استعمال ٿيندا آهن، جڏهن تہ گهڻي مقدار ۾ ڪافي يا چانھہ جو استعمال، گهڻي تماڪ نوشي، سدائين ڳڻتين ۾ رهڻ ۽ وڏي گوشت جي گهڻي استعمال سان بہ ڇاتين جي سرطان جو خدشو وڌي سگهي ٿو.
بيماريءَ جي تشخيص ۽ علامتون: هن بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو: (1) بيماريءَ جون ظاهري علامتون، (2) الٽرا سائونڊ ۽ ليبارٽري ٽيسٽون وغيرہ.
(1) بـيـمـاريءَ جـون ظـاهـري عـلامـتـون (Clinical Symptoms): ڇـاتيءَ جي چـڪاس ڪرڻ وقت ڇاتيءَ جي واڌ کي پنھنجي چئن آڱرين ۽ آڱـوٺي جي وچ ۾ نـرمـيءَ سـان ائيـن جهـلـڻ گهـرجي، جيئن زمين تان ڪريل بال کي کنيو ويندو آهي، پوءِ پنھنجي هٿ جي آڱرين ۽ آڱوٺي جي چوٽين کي اکيون سمجهي واڌ جي چؤ طرف ڦيرائجي ۽ اندازو لڳـائـجـي تـه اهـا واڌ ڪيئن مـحسوس ٿئي ٿي، ڇا ان ۾ ننڍڙين ڳوڙهين جو ڇڳو آهي؟ سخت ڳوڙهيون آهن يا نرم، جيئن ڳوهيل اٽو هجي، جي سخت ڳوڙهيون آهن تہ هڪ هـنـڌ بيـٺـو هـوندو يا آڱرين سان ڦيرڻ تي هيڏي هوڏي ڦري ٿو. نرم ڳوڙهين، نرم گومڙ ۽ اٽي جهڙي ڳوهيل واڌ کي هروڀرو ڪينسر نہ سمجهجهي.
(2) ٻنڊيون (Nipples): ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضه جي بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ جي ٻنڊي پوئتي ڇاتيءَ ۾ اندر هلي ويندي آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻ مريضه کي ٻنڊي آهي ئي ڪانہ. هيءَ علامت ڇاتيءَ جي ڪينسر جي يقيني علامت آهي. انهيءَ هڪ ئي علامت کي ڇاتيءَ جو ڪينسر ڄاڻائي ڪينسر جو علاج ڪرائڻ گهرجي.
ٻنڊيءَ مان رت، گند، پونءِ، ڪنو پاڻيءَ ۽ ساھہ ۾ تنگي بہ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن بيماريءَ هيٺ آيل ڇاتيءَ جو مرض ڪينسر جو اثر وڌي ڦهلاءُ ڪري Metastasis سيني جي تاڪي (ڪوڙي) يا سيني جي هڏن تائين پهچندو آهي. هن قسم جي واڌ کي ڪينسر (Sarcoma Growth) چئبو آهي.
(3) سور (Pain): شروع ۾ ڪيترين مريضائن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر هجڻ باوجود ايترو گهڻو سور محسوس نہ ٿيندو آهي، پر جيئن جيئن بيماري وڌندي ويندي آهي تہ سور بہ وڌندو آهي، اهو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي. مريضه کي ڪينسر دوران بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ (يا ڇاتين) ۾ ائين سور ٿيندو آهي، ڄڻ گوشت ۾ ڪنهن سئي ٽنبي هجي.
(4) نبض (Pulse): هر ڪنهن قسم جي ڪينسر جي مريض جي نبض ڪمزور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي سنهي محسوس ٿيندي آهي، پر تڪڙو هلندي آهي، جڏهن تہ صحتمند ماڻهو جي نبض ڀرپور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي مضبوط لڳندي آهي ۽ هڪ ڪري سانت ۾ هلندي آهي.
(5) ڄڀ (Tongue): عام طرح سان صحتمند ماڻهوءَ جي زبان جو رنگ گلابي هوندو آهي ۽ زبان آلي هوندي آهي، پر ڪينسر جي مريض جي زبان مرض جي پهرئين درجي ۾ اڳيان وارو اڌ حصو ڦڪو هوندو آهي ۽ پويون اڌ حصو ميرانجهڙو اڇو هوندو آهي. جڏهن مرض اڳتي وڌي ٻئي درجي کي پهچندو آهي تہ زبان جو رنگ چھچ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر هيءَ بيماري جڏهن گهڻي مهلڪ ٿي آخري درجي ۾ پهچندي آهي تہ ان وقت زبان جو رنگ ڍڳي جي رنگ جهڙو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.
ائين زبان جو چھچ ڳاڙهو ٿي وڃڻ جو مطلب اهو آهي تہ مريض جي رت جو نظام درست ناهي ۽ رت ۾ آڪسيجن جي آميزش (ملاوٽ، گهٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تہ زبان جو رنگ ڳائي گوشت جي رنگ جهڙو هجڻ جو مطلب اهو آهي تہ ڪينسر جي بيماريءَ سان گڏ مريض جو هاڻي ٻين عضون (خاص ڪري بڪين) جو فعل بہ ناڪارہ ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪينسر جو مرض ٻين عضون ڏانهن وڌندو (پکڙبو: Metastasis) پيو وڃي، جيڪا بيماريءَ جي مهلڪ صورت هوندي آهي، ان صورت ۾ ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي وڃي.
(6) اکيون (Eyes): عام طرح سان صحتمند ماڻهو جي اکين جي دوڏن جو رنگ اڇو هوندو آهي، پر ڪينسر جي مريض جي اکين جي رنگ (دوڏن جو رنگ) جي اڇاڻ جي مٿان سائي ڦڪي رنگ جا دٻڪ هوندا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي تہ رت ۾ زهريلو مادو ۽ البيومين شامل ٿي ويو آهي، تنهنڪري مريض جي جسم جو رت زهريلو ٿي ويو آهي.
ڊاڪٽر بيماريءَ جي تشخيص لاءِ مختلف ليبارٽري ٽيسٽون ۽ ڇاتين جي الٽراسائونڊ ذريعي پتو لڳائين ٿا.
(ٿ) احتياط وارا اپاءَ (Preventive Measures):
ڪينسر جي مريضه کي هر صورت ۾ رڌ پچاءُ نہ ڪرڻ ڏجي، ڇو تہ باھہ جي تاءَ سبب مرض اڃا بہ وڌي ويندو آهي. ائين علاج ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن مريضه صحتمند ٿئي تہ بہ کيس هڪ سال تائين باھہ جي ويجهو نہ وڃڻ گهرجي، نہ تہ مرض وري ٻيهر اٿلي سگهي ٿو. باھہ جي لھس تي هي مرض وڌندو ۽ وري ٻيهر موٽندو بہ آهي.
ڪينسر جي مريضه کي اس کان بہ بچائڻ گهرجي نہ تہ ٻيءَ صروت ۾ هيءُ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ بہ هڪ سال تائين هر حال ۾ اُس تي گهٽ نڪرجي، خاص ڪري اونهاري واري موسم جي اُس ۾ گهٽ نڪرڻ گهرجي.
ڪينسر جي مريضه کي گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ نہ گهرجي. سياري ۾ بہ نھن سوسڙي پاڻيءَ سان وهنجڻ گهرجي. مرض ڇڏي وڃڻ کانپوءِ بہ هڪ سال تائين احتياط ڪرڻ گهرجي.