ڇاري: هيءَ چوپائي مال ۾ جي هڪ بيماري آهي، هن بيماري لاحق ٿيڻ سان مال جا پير ۽ کُر پچي پوندا آهن، عام طرح هن بيماريءَ کي ’سمهڙو‘ چوندا آهن.
- سمنڊ جي کاريءَ کي بہ ’ڇاري‘ چوندا آهن پر اهڙي ڍوري جو پيٽ سُڪل ۽ سائي گاھہ وارو هوندو آهي ۽ ان ۾ چوپايو مال چرندو آهي:
صبح ساريون، ڇپر ڇاريون،
وڇن واريون، جهنگن ڦرن جال ميان.
(احمد شاھہ)