ڇالي

ڇالي

ڇالي

ڇالي (ملي: (Mumps: هيءَ هڪ قسم جي بيماري آهي، جنهن ۾ جسم اندر غدود پيدا ٿيندا آهن. هن بيماريءَ کي ڇالي سميت مَلِي؛ ڳراڙهو؛ گِهٽ سڄڻ به چوندا آهن. هن بيماريءَ سبب پِڪَ پيدا ڪندڙ غدودن (Salivery Glands) ۾ جڏهن سور ۽ سوڄ ٿيندي آهي اُهي سخت ٿي سُڄي پوندا آهن. انهن غدودن ۾ جيڪو روڳ (Infection) ٿيندو آهي، ته ان کي ڇالي، ملي يا ڳراڙهي Mumps جي بيماري (Parotitis) چئبو آهي. پيروٽائيڊ غدود Parotid Gland يا پڪ پيدا ڪندڙ غدود Salivery Gland هڪ ئي غدود جا ٻه نالا آهن. هي غدود ڪنن جي هيٺان ڄاڙيءَ جي پاڙ ۾ ٿيندا آهن. ڇاليءَ جي ڪري جڏهن انهن غدودن ۾ سوڄ ٿي پوندي آهي ته وات کولڻ سـان سُــور ٿـيـندو آهـي. ڇـالـيءَ جـو روڳ ورلــي ڪـو هڪ ئي وقت ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن وارن پِڪَ پيدا ڪندڙ غدودن ۾ ٿيندو آهي. عام حالت ۾ ڳچيءَ جي ڪنهن به هڪ پاسي واري غدود ۾ هي روڳ ٿي سگهي ٿو. هيءَ بيماري گهڻو تڻو ٻارن ۾ ٿئي ٿي. ٿڃ پياڪ ٻار هن بيماريءَ ۾ گهڻو متاثر ٿين ٿا. هيءَ وچڙندڙ بيماري آهي. اڪثر کاڌي پيتي جي ٿانون جي گڏيل استعمال سان پکڙي ٿي. هيءَ بيماري گهڻو ڪري سياري ۽ بهار جي موسم ۾ ٿيندي آهي. هيءَ بيماري هميشه اونهاري ۾ ارڙيءَ کان پوءِ ٿيندي آهي.
بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology): هن بيماريءَ جي ٿيڻ جو سبب هڪ خاص قسم جو وائرس آهي، جيڪو ٻار جي تنتي سرشتي تي حملو ڪري پِڪَ پيدا ڪندڙ غدودن ۾ داخل ٿي روڳ پيدا ڪري وجهندو آهي، جنهن روڳ کي ’مَلِي‘ يا ’ڇالي‘ چئبو آهي. هيءُ وائرس صحتمند ٻار ڏي بيمار ٻار جي گگ ۽ پِڪ مان ساهه کڻڻ جي دوران، اوبر وارو پاڻي پيئڻ، ماني کائڻ، مريض سان گڏ ويهڻ ذريعي ڦهلجندو آهي.
بيماريءَ جي اوسر/ نسرڻ (Incubation Period): جڏهن مليءَ جو وائرس ٻار جي تنتي سرشتي ۾ داخل ٿي، پيروٽائيڊ غدود (Parotid Gland)، يا پِڪَ پيدا ڪندڙ غدود (Salivery Gland) ۾ پهچي ٿو ته هتي 14 کان 28 ڏينهن اندر هيءُ روڳ انفيڪشن ڪري وجهي ٿو. بيماري ظاهر ٿيڻ کانپوءِ چئن کان اٺن ڏينهن تائين هيءَ بيماري مريض ۾ رهي ٿي. انهن چئن ڏينهن کان اٺن ڏينهن اندر بيمار ٻار کان مليءَ جو وائرس صحتمند ٻار تائين پهچي سگهي ٿو؛ ڇو ته بيماري ظاهر ٿيڻ جي چئن ڏينهن کان پوءِ بيماريءَ جو زور ٽُٽي ويندو آهي ۽ ٻار پاڻ کي صحتمند سمجهي، گهمڻ ڦِرڻ شروع ڪندو آهي.
اهڙيءَ طرح بيمار ٻار کان صحتمند ٻار ڏي هن بيماريءَ جو وائرس پهچي سگهي ٿو.
بيماريءَ جون علامتون (Clinical Systoms): (1) هن بيماريءَ جي پهرئين ۽ مضبوط علامت هيءَ آهي ته ڪَنَ جي هيٺان ڄاڙيءَ جي چوڌاري سور سان گڏ، بيماريءَ ۾ ورتل پاسي ڳچيءَ ۾ سختي ۽ ڪاڙهي وارو سور هوندو آهي. (2) ٻار ماني کائڻ لاءِ جڏهن وات کوليندو ته کيس ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. (3) عام طرح هڪ ئي پاسي جو پئروٽڊ غدود به سُڄندو آهي؛ پر جيڪڏهن بيماريءَ زور ورتو ته پوءِ ٻئي پاسي وارو غدود به سڄندو آهي، پر هڪ وقت ٻئي غدود نه سُڄندا آهن. (4) سور جي ڪري ٻار کي هلڪو بخار، سياٽو ۽ نڙيءَ ۾ سور به هوندو آهي. (5) بخار سان گڏ ٻار کي رات جو ننڊ نه ايندي آهي، بيچيني ۽ لُڇ پڇ گهڻي هوندي اٿس. (6) ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ سوڄ واري جاءِ ڪُرندي آهي؛ جنهن ۾ سور ٿيندو آهي. (7) چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ سوڄ آهستي آهستي ٿي ڍري ٿي ويندي آهي، جيڪا سوڄ اٺن (8) ڏينهن ۾ مڪمل ختم ٿي ويندي آهي. (8) مليءَ جي بيماري جيڪڏهن چوٽ چڙهيل هجي ته ڪيترا ٻار ڪن کان نه ٻڌڻ جي شڪايت ڪندا آهن. (9) بلوغت واري عمر کي پهچڻ وارن ڇوڪرن کي هن بيماريءَ جي اثر ڪري آنورن (Testes) ۾ به سُور ٿيندو آهي؛ ائين ڇوڪريون جيڪي پنهنجي بلوغت واري عمر کي پهتل هونديون، تن مان ڪن کي هن بيماريءَ جي اثر ڪري سندن ٻيجڻين (بيضه دانين: Ovaries) ۾ سور ٿيندو آهي. (10) ليبارٽريءَ ۾ رت ٽيسٽ ڪرائڻ تي رت جا اڇا جُزا وڌيل هوندا آهن.
بيماريءَ کان پوءِ احتياطي اُپاءَ (Preventive Measures): (1) هيءَ بيماري گهڻي روڳي ۽ جلدي وچڙندڙ آهي، تنهنڪري هن بيماريءَ ۾ ورتل ٻار جي پِڪَ (گگ) کان صحتمند ٻار کي بچائجي؛ تنهن کان سواءِ صحتمند ٻار کي بيمار ٻار جي اوبر پيئڻ، گڏ کاڌو کائڻ، ايستائين جو گڏ کيڏڻ ۽ گڏ ويهڻ کان پاسو ڪرائڻ گهرجي. (2) بيماريءَ ۾ ورتل ٻار کي ٻاهر کيڏڻ يا پڙهڻ لاءِ اسڪول نه موڪلجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٻيا صحتمند ٻار هن بيماريءَ ۾ وٺجي سگهن ٿا. (3) جيڪڏهن گهر ۾ اڳي ڪو بخار، مدي جي بخار، اُرڙي يا لاکڙي ۾ ورتل هجي ته اهڙن ٻارن کي هن بيماريءَ ۾ ورتل ٻار کان پري رکجي، ٻيءَ صورت ۾ بنا دير جي اُهي بيمار ٻار به هن بيماريءَ ۾ وٺجي ويندا. (4) ڇالي/ مَليءَ ۾ ورتل ٻار کي هر صورت ۾ ٻه هفتا صحتمند ٻار کان پري رکجي. (5) بيماريءَ ۾ ورتل ٻار جي صحت جو گهڻو خيال رکجي؛ کيس روزانو صاف ۽ ڌوتل ڪپڙا پارائجن، سرديءَ ۾ گرم ڪمري ۽ گرم هنڌ ۾ سمهارجي. کليل ۽ ٿڌي هوا ۾ بيمار ٻار کي ٻاهر نه ڪڍجي. ٿڌ تي ٿڌيءَ هوا ۾ هيءَ بيماري زور وٺندي آهي. (6) نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٿورو لوڻ، يا بورڪ ايسڊ وجهي ڳاري ان جا روزانو ٽي ڀيرا گرڙا ڪرائجن. ائين بيمار کي گهڻو فائدو ٿيندو آهي. (7) بيماريءَ ۾ ورتل پاسي کي گرم پاڻيءَ جي بوتل سان ٽاڪور ڪجي. ٽاڪور جو عمل ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا ورجايو وڃي، ڇو ته سوڄ واري هنڌ کي مٿان گرم ٽاڪور ڪرڻ سان گهڻو فائدو ٿيندو آهي. سوڄ ۽ سور جي تڪليف ماٺي ٿي ويندي آهي. (8) جن ڇوڪرن کي سندن خصين ۾ سور هجي يا جن ڇوڪرين کي بيضي دانين ۾ سور هجي ته انهن ٻارن کي مڪمل آرام ڪرائجي، ڪو به ڪم ڪار ڪرڻ کان پاسو ڪرائجي ۽ ٻاهر به نه ڇڏجي. مليءَ جي بيماري ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڇوڪرن کي سندن خصين ۾ سور هجي ۽ ڇوڪرين کي سندن بيضه دانين ۾ سور رهجي وڃي ته ڪنهن ويجهي ڊاڪٽر کان انهن جو مڪمل علاج ڪرائجي.
خدشا: جيڪڏهن مليءَ جي بيماري ڇڏي وڃي، پر ڇوڪرن کي سندن خصين ۾ دائمي سور رهجي ويل هجي ته ان جو علاج نه ڪرائڻ سان ڇوڪرن ۾ ٻار پيدا ڪرڻ وارا جيوڙا ‘Spermatazoan’ يا ته ناقص ٺهندا آهن يا وري بلڪل ئي نه ٺهندا آهن. تنهنڪري ڇوڪرن ۾ مرداني سگهه ته هوندي آهي، پر انهن کي ٻار پيدا نه ٿيندو آهي. ائين ڇوڪرين جي ٻيجڻين ۾ دائمي طور رهجي ويل سور جو علاج نه ڪرايو ويندو ته اهڙين ڇوڪرين جي جڏهن شادي ڪرائبي ته هڪ ته ڇوڪرين کي شادي کان پوءِ گهڻي عرصي تائين اولاد ناهي ٿيندو، پر جيڪڏهن ٿيندو آهي ته به گهڻي عرصي علاج ڪرائڻ کان پوءِ ئي اولاد ٿيندو آهي، ڇو ته هن بيماريءَ جي پراڻي اثر جي ڪري عورت جو مادري ٻج (Ova) يا ته ٺهندو ناهي، پر جيڪڏهن ٺهندو آهي ته ناقص ٺهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو