ڇاندڻ شريف: هيءُ قديم ڳوٺ گهوٽڪي ضلعي ۾ ميرپور- داد لغاري روڊ تي، داد لغاريءَ کان ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي تعلقي ڏهرڪيءَ ۾ آباد آهي. آڳاٽي زماني ۾ هتان درياهي وهڪرو وهندو هو، جيڪو ماٿيلي کان ٿيندو پير بائد جي قديم قبرستان جي ڀرسان گذرندو هو، جتي اڄ بہ درياھہ جي پتڻ جا نشان موجود آهن. ڇاندڻ/ ڇنڊڻ شريف جي ڀرسان قبرستان ۾ انهيءَ درياهي وهڪري جا نشان، ڍنڍ يا وڏيءَ کڏ جي صورت ۾ اڄ بہ موجود آهن. جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر بلوچ، ڇاندڻ/ ڇنڊڻ لفظ جي هيٺين معنيٰ ڄاڻائي آهي: ”ڪنهن ڍنڍ، نھر يا کڏ مان اضافي پاڻيءَ جي نيڪال جي نالي. ٻنيءَ وغيرہ مان خاص طرح برسات واري وقت ۾ وڌيڪ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالي يا ڪسي وغيرہ. اهو لفظ ڇنڊڻ مقامي لهجي ۾ ڇاندڻ اچارجي ٿو.“
هتي پير طريقت سيد السادات سيد محمد حسن شاھہ جيلاني، سوئي شريف واري بزرگ (وفات 1254ھہ) جي خليفي حضرت عبدالرحمان جي درگاھہ، مسجد ۽ مدرسو واقع آهي. مسجد جي فن تعمير سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي شاهدي ڏئي رهي آهي، جنهن تي ڪاشي ۽ گلڪاريءَ جو عمدو ڪم ٿيل آهي، خاص دروازن تي رنبيءَ سان اهڙي تہ نفيس اُڪر ٿيل آهي، جو اهو فنِ تعمير، سنڌ جي واڍن جي فني مهارت جي شاهدي ڏئي ٿو. مسجد جي ڏاکڻي پاسي واري ڪمري ۾ بزرگن جون مزارون آهن.