ڇانوڻي1

ڇانوڻي1: اهو مخصوص هنڌ، جاءِ، جتي فوج جي رهائش، اسلحي رکڻ سميت ٽريننگ ڪئي ويندي هجي. آڳاٽي دور ۾ ڪنهن بہ ملڪ ۾ باقاعدي فوج نہ هوندي هئي، مثال طور: اسلام جي ابتدائي دور ۾ بہ ڪو باقاعدي فوجي نظام نہ هو، پر ضرورت وقت مسلمان دشمنن جي مقابلي ۾ نڪري ايندا هئا. پوئين دور ۾ مسلمان حڪمرانن باقاعدي ۽ مستقل پگهاردار فوج جو نظام قائم ڪيو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي عرب گورنرن برهمڻ آباد ڀرسان منصوره نالي شھر تعمير ڪرايو، جنهن جو مقصد علحده فوجي ڇانوڻي قائم ڪرڻ هو. ٽالپرن ۽ انگريزن وري جدا طريقا استعمال ڪيا، جن اميرن کي جاگيرون ڏنيون ويون، تن کي ذميوار بنايو ويو تہ اهي مقرر تعداد ۾ پيدل ۽ سوار فوج جو انتظام رکن. انگريزن سنڌ ۽ برصغير تي قبضي بعد هنڌين ماڳين پنهنجون فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون. سنڌ تي قبضي بعد پهرين ڇانوڻي پڪي قلعي حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي. پاڪستان ٿيڻ بعد مڙني صوبن ۾ ڇانوڻين جو ڄار وڇايو ويو آهي. هينئر پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي ’پنو عاقل ڪينٽ‘ چئي وڃي ٿي. موجودہ دور ۾ فوج جي رهڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ملڪ جي هر حصي ۾ ڇانوڻيون قائم ڪيل آهن. جھڙوڪ: ڇور ڇانوڻي، ملير ڇانوڻي، بدين ڇانوڻي، پشاور ڇانوڻي، ڪوئيٽا ڇانوڻي وغيرہ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو