ڊاڪٽر مرلي ڌر ڇاٻڙيا

ڊاڪٽر مرلي ڌر ڇاٻڙيا

ڇاٻڙيا، مُرلي ڌر ڊاڪٽر

ڇاٻڙيا، مُرلي ڌر، ڊاڪٽر: سنڌ جي نامياري ليکڪ، شاعر ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر مرلي ڌر جو پورو نالو مرلي لال ولد رامچند ڇاٻڙيا آهي. سندس جنم جيڪب آباد ۾ 1958ع ۾ ٿيو. سندس والد رامچند ۽ ڏاڏو وشنداس ڇاٻڙيا پنھنجي تَر جا نامور سماجي خدمتگار ٿي گذريا آهن. مرلي ڌر بہ پنھنجي وڏڙن جي صحبت ۾ رهي سماجي فلاحي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال پرنٽنگ پريس ۾ گذارڻ سبب لکڻ پڙهڻ طرف راغب ٿيو. مرلي ڌر ابتدائي تعليم جيڪب آباد ۾ پوري ڪئي. 1977ع کان 1984ع تائين ميڊيڪل جي تعليم چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ورتائين ۽ اتي ئي هائوس جاب ڪيائين. اهو ضياءُ الحق جي مارشل لا جو زمانو هو. سياسي، ادبي ۽ نظرياتي تحريڪون عروج تي هيون. ان دور ۾ هن ڪجهہ دوستن سان گڏجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد وڌو ۽ ‘ڏياري’ ۽ ‘جاڳرتا ’ مخزن پڻ مرتب ڪيا. 1985ع ڌاري سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ان وقت جي يورالوجي شعبي مان ‘بُڪي ۽ مثاني جي سائنس’ ۾ ماسٽرس ڪيائين. اهو شعبو هن وقت ‘سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن’ (SIUT) جي نالي سان مشھور آهي. پاڻ اڄ تائين هن بي مثل اداري سان جڙيل آهي. SIUT جي سکر واري شاخ ‘ڇٻلاڻي طبي مرڪز’ جي قيام ۾ بہ سندس ڪردار رهيو. ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ مرليڌر، پنھنجي اداري طرفان وڌيڪ تربيت لاءِ سوئيڊن، جرمني ۽ فرانس موڪليو ويو. سندس ماسٽرس جي تحقيق ‘شعاعن رستي بڪين جي پٿريءَ جو علاج’ جي موضوع تي آهي. خراب مثاني کي ٻيهر ٺيڪ ڪرڻ ۾ کيس خاص مهارت حاصل آهي. پاڻ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ ويندو رهيو آهي. هن وقت ايس. آءِ. يو. ٽي اداري ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مرلي ڌر لکڻ جي شروعات 1975ع کان هڪ نظم سان ڪئي. ان کانپوءِ شاعري، مضمون، ڪجهہ ڪهاڻيون لکيائين. پاڻ صحت ۽ سماجي مسئلن بابت مضمون لکندو رهيو آهي. هي 1989ع کان 1992ع تائين روزانہ ‘عوامي آواز’ جي ادبي صفحي جو انچارج بہ رهيو. ان وقت ناميارو صحافي فقير محمد لاشاري عوامي آواز جو ايڊيٽر هو. 2002ع کان 2007ع تائين عوامي آواز جي هيلٿ مئگزين جو انچارج بہ رهيو. هي پنهنجين لکڻين وسيلي عام ماڻهن تائين بيمارين جا آسان علاج ۽ بچاءَ جا طريقا بيان ڪندو رهيو آهي. ٻارن جي بيمارين بابت مفيد مضمون لکڻ تي يونيسيف طرفان واکاڻ جو خط بہ حاصل ڪيائين. صحت ۽ سماجي مسئلن تي روزاني انگريزي اخبارڊان ’ سميت روازاني ‘عوامي آواز’، ‘ڪاوش’ مخزن ۽ ‘افيئر ’ مخزن ۾ بہ لکندو رهيو آهي. مرلي ڌر جا ڪجهہ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ‘اکڙيون ڏيلا من گهايل’ (شاعري: 2010ع)، (2) ‘صحت سڀني لاءِ’ (صحت جي معلومات تي مشتمل: 2012ع)، (3) ‘ٽين دنيا جا سور’ (مضمون: 2016ع)، (4) ‘ڏياري- شبري جا چکيل جوٺا ڦل’ (مضمون: ترتيب: 2017ع) قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر مرلي ڌر جي لکڻين ۾ عام بيمارين بابت آگاهي ۽ ماڻهن جي مسئلن جو ذڪر هوندو آهي. سندس گهر واري ڊاڪٽر پشپا ولڀ پڻ شاعرہ آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو