ڇاٻڙيا

ڇـاٻڙيا (ذات): ڇاٻڙيا هندن جي هڪ ذات آهي، جيڪي اوائل ۾ وکر کڻي ڳـوٺـن ۾ گـهـور ڪـندا هئا. سنڌ ۾ ڇـاٻـڙيـا ذات لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهي هندستان جي راجسٿان واري علائقي کان آيا هئا ۽ واپار مان وڏا دولتمند ٿيا. سنڌ اندر ڇاٻڙين جا پاڙا منشاراماڻي، پارواڻي، عيدناڻي ۽ چندناڻي وغيرہ آهن. بھاري لال ڇاٻڙيا، مشھور سنڌي اديب آهي، جنهن کي گوبند مالهيءَ جي وقت ۾ (1947ع) شيخ اياز سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو