ڇاٻڙيا، آرتي

ڇاٻڙيا، آرتي

ڇاٻڙيا آرتي

ڇاٻڙيا، آرتي: بالي ووڊ جي نامور اداڪارہ آرتي ڇاٻڙيا، 21 نومبر 1982ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. هن سنڌي خاندان سان تعلق رکندڙ ڇوڪريءَ جو والد اشوڪ ڇاٻڙيا ڏندن جو ڊاڪٽر ۽ ماءُ نسيما ڇاٻڙيا انٽيريئر ڊزائنر آهي. آرتيءَ پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ٽن سالن جي عمر ۾ ڪمرشل اشتهارن کان ڪيو. ٿوري ئي وقت ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ وڏي شھرت حاصل ڪيائين. 1999ع ڌاري کيس ’مـس انـڊيـا‘ جو اعـزاز مليو. هن مـاڊل طور مختلف فلمن: ’نشا هي نشا هي‘، ’روٺي هوئي هي ڪيون‘ ۾ ’مڌوبالا‘ جو ڪردار ادا ڪيو. هن 2001ع ڌاري ٺهيل فلم ’لجا‘ ۾ شما جو ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ هن ’آوارا پاگل ديوانا‘ ۽ ’تم سي اچها ڪون‘ فلمن ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. هي ٻئي فلمون 2002ع ۾ رليز ٿيون. سندس ٻين مشھور فلمن ۾: ’شادي نمبر 1‘، ’سک‘، ’تيسري آنک‘، ’پارٽنر‘، ’ڌُوم ڌڙاڪا‘، ’گوپي‘، ’ڪيسي پيار ڪرون‘، ’ملين گي ملين گي‘ وغيرہ شامل آهن. آرتي ڇاٻڙيا هندي فلمن کانسواءِ تيليگو، ڪنڙ ۽ ٻين ٻولين جي فلمن ۾ بہ بھترين پرفارمنس ڪري رهي آهي. هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.21  عيسوي

بالي ووڊ جي نامور اداڪاره آرتي ڇاٻڙيا، 21 نومبر 1982ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثريا ملتانيڪر
دينا واڊيا
سعيده گوپانگ
خان آف قلات
قاسم ڪيهر
دريا خان جلباڻي
شنبو امير
انور جوکيو
ڏگوغريب ﷲ
آچاريه آسودومل ٽيڪچند گدواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون