
ڇاڇري
ڇاڇري (پکي): هن گروھہ ۾ اهي پکي اچي وڃن ٿا، جيڪي پنھنجي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ پاڻيءَ تي مدار رکن ٿا. اهڙا پکي گپ چڪ ۽ ننڍي پاڻيءَ مان چهنب ذريعي چوڳ حاصل ڪندا آهن. پکين جي هن گروھہ جون چهنبون ۽ ڄنگهون ڊگهيون ٿينديون آهن، جيڪي پکين جي ضروري ڪم ڪار ڪرڻ ۾ معاون ٿين ٿيون.
ڏيهي ڇاڇري پکي: ’سرمائي سانھہ‘ (Grey Heron)، ’ڌنار ٻگهہ‘ (Cattle Egret)، ’ڪنگ ٻگهو‘ (Egret)، ’ٻگهہ، سانھہ‘ (White Heron)، ’ڪانيرو‘ (Glossy Ibis)، ’واڱڻائي سانھہ‘ (Purple Heron)، ’ڍنڍن واري سانھہ‘ (Paddy/ Pond Heron)، ’ڪهنگ‘ (Purple Moorhen / Swamp Hen)، ’جهنگ ڪڪڙ / ڊبڊبو‘ (Kora/ Water Cock)، ’ٻلي پکي / بيضوڪا‘ (Pheasan/ Bailed Jacane)، ’ٽيٽيهر‘ (Red Watted Lapwing)، ’ڪوڪڙان‘ (Night Heron)، ’ڏوئڙ‘ (Spoon Bill)، ’نور دل‘ (Sun Bittern)، ’ننڍڙي ٻاراهي‘ (Little Bittern)، ’ڪارو ٻگهو‘ (Black Egret)، ’وڏي ٽٻڻي/ ڪنگري‘ (White Breasted King Fisher)، ’ننڍي ٽٻڻي/ لوٽڙي‘ (Threetoed King Fisher)، ’چٽوڙ ٽٻڻي/ ڪاري اڇي ٽٻڻي‘ (Pied King Fisher)، ’ٽيٽو‘ (Black Wing Stit).
پـرڏيـهـي ڇـاڇـري پـکـي (Migratory Waders): ’ڪلنگي واري ٽيٽيهر‘ (Crested Lapwing)، ’سائبيريائي ڪونج‘ (Siberian Crane)، ’ڪونج‘ (Crane)، ’ڍينگ‘ (Stork)، ’ميهر پکي‘ (Rail)، ’لاڏواڻي ٽيٽو‘ (Avoeet)، ’بوڻينڊو‘ (Curlew).