ڇتاڻي (ذات/ پاڙو): سنڌ اندر ڇتاڻي مختلف ذاتين جو پاڙو يا نک آهي. مثال طور: چانڊين جي حسناڻي شاخ مان هڪ پاڙو ’ڇتاڻي‘ سڏبا آهن. ڪرمتين جي زنگياڻي شاخ جو واسطو بہ ’ڇتاڻي‘ پاڙي سان آهي. ڪرمتين جي ’جانوري‘ ذات ۾ بہ ڇتاڻي پاڙو آهي. اهڙيءَ طرح کوسن، لغارين، مير جتن، سومرن، ڪلهوڙن ۾ بہ ’ڇتاڻي‘ پاڙا هن. هي پاڙا، شايد هر ذات جي ڪنهن وڏي ’ڇتي‘ جي نالي سان شروع ٿيا هوندا.