ڇتراڻي، محمد امين: مولانا محمد امين ڇتراڻي، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جي خليفن ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. هيءُ نہ صرف باطني فيض ۽ ڪمالات جو مالڪ هو، پر ظاهري علم ۾ بہ جيد عالم هو. سنڌ جي وڏي محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پوٽي مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ کان ظاهري ۽ باطني علم پرايائين ۽ خليفي احمد خان نظاماڻيءَ جي صحبت ۾ بہ رهيو. ’تڪمله مقالات‘ جي مصنف، مولانا محمد امين کي پنھنجي دؤر جو وڏو ديندار بزرگ ۽ ظاهري علمن جو يگانو عالم سڏيو آهي ۽ اهو بہ لکيو آهي تہ مولانا محمد ’امين‘ تخلص رکندو هو ۽ مخدوم ابراهيم صاحب ڏانهن خطن سان گڏ شوق مان ڪي غزل بہ لکي موڪليندو هو، انهن مان هڪ جو نمونو هيٺينءَ ريت آهي:
روز وشب داشت ’امين‘ سعي قدمبوسي تو،
مگر اين ست که با حکم ازل جنگ نکرد.