ڇتو چنڊ

ڇتو چنڊ: ٺٽي ضلعي ۾ هن نالي سان هڪ ديھہ ۽ هڪ ڳوٺ، ٺٽي شھر کان ست ڪلوميٽر اُتر طرف نيشنل هاءِ وي تي موجود آهي. سنڌ جي مشھور سياستدان محمد عثمان سومري جو جنم ڳوٺ ڇَتي چنڊ جي ويجهو آهي، جنهن جو فرزند محمد خان سومرو هڪ وقت سنڌ جو وزير بہ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو