ڇتي جي بيماري/ ڇتائپ
ڇتائپ جو شڪار هڪ مريض
ڇتي جي بيماري/ ڇتائپ (Rabbies): ڇتائپ، هڪ خطرناڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا جانورن توڙي انسانن ۾ ٿيندي آهي. اصل ۾ هيءَ بيماري ڪتن، بگهڙن، گدڙن ۽ لومڙين ۾ ٿيندي آهي، جن مان سڀني جانورن جهڙوڪ: گهوڙن، گڏهن، ڍڳن، رڍن ۽ گڏوگڏ ماڻهن ۾ پکڙجي ويندي آهي ۽ اهي جانور ۽ انسان ڇتا ٿي پوندا آهن.
بيماريءَ جي حد: سڀ کان اڳ هيءَ بيماري گرين لئنڊ ۾ ڪتن ۽ لومڙين ۾ لڌي وئي هئي، هن وقت آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان سواءِ هيءَ بيماري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پکڙيل آهي. هيءَ بيماري چڪ پائڻ سبب منتقل ٿئي ٿي. پاڪستان (سنڌ ۾ پڻ) ۾ هر سال هزارين جانورن ۽ ماڻهن کي ڇتا ڪُتا چَڪ پائي، هن بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا.
سبب: هن بيماريءَ جو سبب هڪ جيوڙو (Rabbies Virus) آهي، جيڪو 100 کان 150 ملي مائيڪران هوندو آهي. هن وائرس کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(i) Street Virus: هن قسم جو ريبيز وائرس ڇتي ڪُتي جي تنتي سرشتي ۽ ان جي گِگ/ ٿڪ (Saliva) ۾ ملندو آهي.
(ii) Fixed Virus: هن قسم جو (ريبيز) وائرس، اسٽريٽ وائرس جي نسلي تبديلي (Matation) آهي، جو سيهڙ جي دماغ ۾ منتقل ٿيندو رهندو آهي. اهو وائرس سيهڙن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، پر انسان کي نقصان نه ڏيندو آهي.
هي جيوڙو (ريبيز) جسم جي تنتي سرشتي تي خاص اثر ڪندو آهي. جڏهن ڇتو ڪتو يا ان بيماريءَ ۾ ورتل جانور ڪنهن کي چڪ پائيندو آهي ته سندس گِگ مان هي جيوڙا زخم ۾ پهچيو وڃن، زخم مان وري تنتن مان ٿيندا، دماغ جي هڪ حصي ’هائپو ڪيمپس ميجر‘ (Hypocampus Major) ۾ پهچندا آهن، جتي هي جيوڙا وڌندا آهن ۽ جتان پوءِ جسم جي ٻين ڀاڱن، ٿڪ وارن غدودن ۽ مغزي ڏوريءَ ۾ پکڙجي ويندا آهن ۽ جانور يا انسان ڇتا ٿي پوندا آهن. ان دوران جيوڙا جانورن جي گگ پيشاب، ڇيڻي کان سواءِ رت ۾ به تمام ٿوري مقدار ۾ موجود هوندا آهن. هيءُ مرض بهار جي مند ۾ گهڻو پکڙبو آهي. ڇاڪاڻ ته هن موسم ۾ ڪتن جي هڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو ڇتو ڪُتو، ڪُتن جي ٽولي طرف ايندو ته سڄي ولر جي ڪتن کي چڪ هڻي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح مرض پکڙبو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڇتو ڪتو ٻين جانورن، ڍڳين ۽ گهوڙن وغيره کي به چڪ پائي ويندو آهي ۽ انهن جي مالڪن کي اڪثر خبر نه پوندي آهي ۽ اهي جانور به ڇتا ٿي پوندا آهن. انسان کي به اهڙيءَ طرح ڇتي ڪتي جي چڪ لڳڻ سان مرض ٿي پوندو آهي. ڇتو گدڙ، ڪتي کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي ۽ ڇتي گداڙيءَ جا جيوڙا کان خطرناڪ ٿين ٿا.
بيماريءَ جي واڌ جو مدو: ڇتائپ ڪتن ۾ 20 کان 60 ڏينهن ٿيندي آهي ۽ وڌ کان وڌ هڪ سال ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڍڳين، گهوڙن، رڍن ۽ ٻڪرين ۾ هيءُ مرض 30 کان 60 ڏينهن ٿئي ٿو. ماڻهوءَ ۾ هيءُ مرض ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ کان 14 کان 90 ڏينهن ۽ سراسري طرح 72 ڏينهن پوءِ پنهنجو اثر ڏيکاريندو آهي. هن مرض جي واڌ جو مدو ٻن ڳالهين تي مدار رکي ٿو: (1) ڇتي ڪتي جو هنيل چڪ جيترو به دماغ جي ويجهو هوندو، اوترو مريض جلد ڇتو ٿي پوندو. (2) ڇتي ڪتي جو ڪيل زخم جيترو اونهو ۽ وڏو هوندو، اوترو جلد اثر ڪندو.
نشانيون: ڪتن ۾ هن مرض جي هئڻ جون ٻه علامتون هونديون آهن:
(1) سخت علامتون: (1) ڪتو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ اُن جي منهن مان گگ وهندي آهي. (2) ڪتي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ گهر کان ٻاهر ڀڄي ويندو آهي. (3) ڪتو، پڇ سڌو ڪري ڀڄندو رهندو آهي ۽ رستي ۾ جيڪا به شيءِ سامهون ايندي آهي، ان کي چڪ پائيندو آهي. (4) ڪتي کي جسم تي ڪنٽرول نه هوندو آهي. مالڪ کي به سُڃاڻي نه سگهندو آهي ۽ بي اختيار ان تي به حملو ڪندو آهي. (هونئن عام طرح چوڻي آهي ته: ”ڇتو ڪُتـو ڌڻي سڃاڻي.“)، (5) جيڪڏهن پاڻي سامهون ايندس ته ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ڊڄي ويندو آهي ۽ پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر هيٺين ڄاڙيءَ جي فالج سبب پاڻي پي نه سگهندو آهي. تنهنڪري پاڻيءَ کان ڊڄي ڀڄي ويندو آهي. (6) اهڙيءَ طرح ڀڄندو، ٻين تي حملا ڪندو 3 کان 10 ڏينهن اندر ٿڪجي مري ويندو آهي.
(2) عام علامت: (1) ڪتو وائڙو ٿي ويندو آهي، پر ڀڄندو نه آهي ۽ خوراڪ به گهٽ کائيندو آهي. (2) شروع ۾ ٿورو ٿورو پاڻي به پيئندو آهي، پر پوءِ هيٺين ڄاڙيءَ جي فالج ٿي وڃڻ ڪري ڪجهه به کائي پي نه سگهندو آهي. سندس حالت رحم جوڳي ٿي ويندي آهي ۽ آخر 10 ڏينهن اندر مري ويندو آهي.
ٻنهي قسمن جو جيوڙو هڪ جيترو خطرناڪ ٿيندو آهي، پر انهن مان پهريون قسم وڌيڪ خطرناڪ آهي.
ڍڳين ۽ مينهن ۾ علامتون: (1) کائڻ پيئڻ ۾ گهٽتائي، ڪمزوري ۽ منهن مان گگ پئي وهندي اٿن. (2) جانور ڏسڻ ۾ وحشي لڳندو آهي ۽ پريشان ٿي مارڻ لاءِ ڊوڙندو آهي. (3) جانور زمين تي زور زور سان پير هڻندو آهي ۽ ٽڪرن هڻڻ ڪري اڪثر سڱ به ڀڄي پوندا اٿس. (4) جانور بار بار پيشاب ڪندو آهي، آخر 6 ڏينهن اندر فالج ٿيڻ ڪري مري ويندو آهي.
گهوڙا ۽ گڏهه: هي جانور جڏهن ڇتا ٿيندا آهن ته کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا آهن، منهن مان گجيءَ واري گگ وهندي اٿن ۽ چڪ هڻڻ لاءِ ڊوڙندا آهن. پنهنجي جسم تي به چڪ هڻندا آهن. آخر پوئين ڌڙ جي فالج ٿيڻ ڪري ڇهن ڏينهن جي اندر مري ويندا آهن.
مرض جي سڃاڻپ: جيڪڏهن ڪنهن جانور ۾ شڪ پوي ته ان کي ڏهن ڏينهن لاءِ ٻڌي ڇڏجي، کاڌو پيتو ڏجيس، جيڪڏهن ان عرصي ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏي ۽ ڪمزور ٿي مري وڃي ته اهو جانور ڇتو سمجهڻ کپي ۽ موت بعد جانور کي اونهيءَ کڏ ۾ دفنائي ڇڏجي. بيماريءَ جي تصديق نشانين ۽ مغز جي هڪ حصي ۾ خوردبين ذريعي ’نيگري باڊيز‘ (Negree Bodies) ڏسڻ سان به ٿيندي آهي.
علاج: هيءُ هڪ لا علاج مرض آهي، تنهنڪري جيڪو به جانور ڇتو ٿي پوي ته ان کي هڪدم مارائي ڇڏجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جانور کي ڇتو ڪتو چڪ پائي ته ان جي مالڪ کي گهرجي ته هو هڪدم ويجهي جانورن جي اسپتال جي ڊاڪٽر سان صلاح مشورو ڪري ۽ جانور کي هڪدم ٽڪا هڻائي.
هن مرض جي مئل جانور کي خبرداريءَ سان اونهي کڏ ۾ پوري ڇڏجي. مئل جانور ٻين ڪتن کي کائڻ نه ڏجي، ڇاڪاڻ ته انهن جي زخمن مان جيوڙو انهن ڪتن کي به بيمار ڪري وجهندو، ڪنهن زخمي ماڻهوءَ کي ان مئل جانور کي هٿ نه لاهڻ گهرجي.
انسان جو علاج: جيڪڏهن ڪو انسان ڇتي ڪتي جي چڪ سبب زخمي ٿيندو آهي ته ان کي Hydrophobia ٿيندي آهي، جنهن به ماڻهوءَ ۾ ان بيماريءَ جون علامتون نظر اچن ته ان کي هڪدم ويجهي صحت مرڪز يا ضلعي اسپتال پهچائي کيس وئڪسين لڳرائجي يا ڊاڪٽر جي صلاح سان علاج ڪرائجي.