ڇلونگڙي (مڇي): مڇيءَ جو هڪ قسم. هيءَ مڇي بلڪل ڦاٻڻيءَ جهڙي ٿيندي آهي، جنهن جي ويڪر ڏيڍ کان ٻن ٽن انچن جيتري ۽ ڊيگهہ اڌ فوٽ کان سوا فوٽ تائين ٿيندي آهي. ڦاٻڻي جي مقابلي ۾ هن جا ڪنڊا ڪجهہ تيز ٿيندا آهن ۽ ٿولھہ ۾ بہ ڦاٻڻي مڇي کان وڌيڪ هوندي آهي. هن ۾ چرٻي تمام گهڻي ٿيندي آهي، جڏهن تہ هن جي کل سڻڀي ۽ ٿلهي هوندي آهي. ڇلونگڙيءَ کي تمام تيز ۽ سنهڙا ڏند ٿيندا آهن، هن جي بيهڪ بہ ڄرڪي وانگر ٿيندي آهي. هن جون اکيون ڪي قدر وڏيون، ڪبوتر جي اکين وانگر ٿينديون آهن. هيءَ بہ هڪ لائي مڇي آهي، جيڪا گهڻي سڻڀي ۽ کائڻ ۾ سوادي ٿيندي آهي.