ڇند وديا: ڇند وديا شاعريءَ جي مخصوص وزن جي نظام (Prosodic System) کي چئبو آهي، جيڪو اُن ۾ موسيقيت ۽ نغمگي پيدا ڪري ٿو، ان ڪري شعر ٻڌڻ وقت متاثر ڪري ٿو. شاعريءَ ۾ وزن جي خيال جيتري ئي اهميت آهي. انگريزي وزن بحر جي نظام کي Metre، عربي ۽ فارسي وزن جي نظام کي علم عروض ۽ هندي وزن جي نظام کي ’ڇند وديا‘ يا پِنگل چئبو آهي.
ڇند، قديم هند جو مڃيل وزني نظام (Prosody) آهن. ڪيترن ڇندن کي عالمن ۽ مهاڪوين مختلف نالا ڏنا آهن، جن مان ڪن مقبول ڇندن جي بيهڪ، سٽاءُ ۽ انهن جي مختصر سمجهاڻي هن ريت آهي:
دوها ڇند: دوهو ٻن سٽن جو آهي، ان ڪري دوها ڇند ۾ قافيا ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن. الف ب جا اکر سُرن يا حرف صحيح (Consonants) تي مشتمل آهن ۽ اُهي اکر ملي لفظ ٺاهيندا آهن. شاعريءَ ۾ لفظن جا ’پَد‘ يا ’چرڻ‘ ٿيندا آهن، جيڪي ننڍن ۽ ڊگهن آوازن تي مشتمل ٿيندا آهن. ڊگهي آواز لاءِ ٻه ماترائون ۽ ڇوٽي آواز لاءِ هڪ ماترا ڳڻبي آهي. ٻِه ماترائين پد کي ’گرو پد‘ ۽ هڪ ماترائين پد کي ’لگهو پد‘ يا ’لگهو ماترا‘ چئبو آهي.
دوهي جي هر سٽ ۾ ٻه اڌ چرڻ ٿيندا آهن، جن جي اُچارڻ ۾ جيڪا ويرم لڳي ٿي. ان کي ’وسرام‘/ ’بسرام‘ يا ’يت‘ چئبو آهي. دوهي جي پهرئين ۽ ٽئين چرڻ ۾ 13، 13 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11، 11 ماترائون (ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ موجب 10 ماترائون به) ٿينديون آهن.
دوهي جو خاڪو هن ريت ٿيندو:
13 + 11 ، = 24 ماترائون
13 + 11 . =24 ماترائون
جڏهن ته دوهي جي ماترائن موجب تقطيع هيٺينءَ ريت ٿيندي:
(1) ساجن ميرا ايڪ هي، دُوجا ڪرون نه ڪوءِ،
13 11
دوجا ساجن تب ڪرون، جب دِل دُوجي هوءِ. (ڪبير جو هندي دوهو)
13 11
(2) ڪارو گورو ٿي ڪُٺين، او ماڻهو، او ڀاءُ،
تو ۾ آڻي ماڻهپو، شال اهو انياءُ! (اياز جو سنڌي بيت، دوهي جي روپ ۾)
هن جي گرو ۽ لگهو ماترائن موجب تقطيع هيٺينءَ ريت ٿيندي:
ڪا رو گورو ٿي ڪُٺين، او ماڻهو، او ڀا ءُ،= 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 2 2 2 2 2 1
تو ۾ آ ڻي ما ڻهـپو، شا ل ا هو ما ڻهپو! = 24 ماترائون
2 2 2 2 2 1 2 2 1 1 2 2 1 2
مٿئين دوهي جي هر سٽ ۾ 24 ماترائون ٿينديون آهن (پهرين سٽ 11+ 13= 24 ماترائن جي ۽ ٻي سٽ به 11+ 13 = 24 ماترائن جي يعني دوهي جون ٻئي سٽون 48 ماترائن جون ٿين ٿيون. ماترڪ ڳڻپ جو طريقو ڇند وديا موجب آهي. ماترڪ ڇند جي هر سٽ ۾ هر چرڻ تي ڪجهه ويرم بيهڻو پوندو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي وچ ۾ ٻئي هنڌ به بيهي سگهبو آهي، جنهنڪري شعر مٺو ۽ رسيلو بنجڻو پوندو آهي، اها بيهڪ ’وسرام‘ سڏبي آهي.
سورٺا ڇند: هي ڇند، دوها ڇند جي ابتڙ آهي، جنهن ۾ هر سٽ جا چرڻ بدلجن ٿا. چرڻ (Hemistich) بدلجڻ سان قافيا سٽن جي وچ تي ايندا، جنهن جو خاڪو هن ريت ٿيندو:
11 + 13 ، = 24 ماترائون
11 + 13 . = 24 ماترائون
سورٺا ڇند جي هر سٽ ۾ به دوهي وانگر 24 ماترائون ٿينديون آهن، پر انهن جي ترتيب 11 +13= 24 ماترائون ٿيندي.
سنڌ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعريءَ ۾ دوها توڙي سورٺا لکيا ويا آهن. سورٺن جا مثال قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف وٽ به ملن ٿا، پر انهن کي عام طرح ’بيت‘ جي صنف ۾ ئي شماريو ويو آهي. جڏهن ته جديد شاعرن: نارائڻ شيام، هري دلگير ۽ ٻين دوها ۽ سورٺا صنف طور ڌار ڌار به لکيا آهن. سنڌي شاعرن: شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، امداد حسينيءَ ۽ ٻين دوها لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هنن چرڻ جا پد بدلائي دوها 16 +11= 28 ماترائن جا به لکيا آهن.
سورٺي جا هنديءَ ۽ سنڌيءَ جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) دوها اُلٽا جان، اور بات دُوجي نهين،
11 13
پِنگل ڪرت پکان، ڇند سورٺا هوت هئن!
11 13
(2) ايڪ قصر، در لکّ، سهسين ڪڻسِ ڳڙکيون،
11 13
جيڏهن ڪريان پرک، تيڏاهن سڄڻ سامهون!
11 13 (شاهه)
دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جي ميل سان ٺهيل نئين هيئت کي پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ ’دوها سورٺا ميل‘ سڏبو آهي، جڏهن ته اُهي سنڌي شاعريءَ موجب ’بيت‘ آهن، جيڪي ’تڻويري دوهي ۽ بڙي دوهي‘ جي هيئت موجب چيا وڃن ٿا:
مثال (بڙو دوهو):
سائر ڏيئي لت، اُوچي نيچي ٻُوڙيـئـي،
هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهُت.
(قاضي قادن: 1465- 1554ع)
مثال (تڻويري دوهو):
پاڻهياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيـئن،
اسـان سڄـڻ تيـئـن، رهيـو آهي روح ۾!
(شاهه ڪريم: 1538- 1623ع)
شاهه لطيف اڪثر ٻن سٽن وارا بيت، تڻويري دوهي جي هيئت ۾ ۽ ڪيترا بيت سورٺي جي هيئت ۾ به چيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ سٽن وارن بيتن جي هيئت نج سنڌي بيتن جي هيئت آهي، جيڪا شاهه کان اڳ به ملي ٿي، پر اُن جو عروج شاهه لطيف وٽ ملي ٿو.
سنڌي شاعريءَ ۾ دوهي، سورٺي، بڙي دوهي ۽ تڻويري دوهي جي ڇندن کان سواءِ دڪپال ڇند چندرايڻ، اَت بروا، للت، چوپائي ۽ ٻيا ڇند به ڪم آندا ويا آهن. چوپائي ڇند ۾، شاهه جي رسالي ۾ سُر ڪاپائتي جي ’مت‘ ۽ سوامي پراڻ ناٿ جون ’چوپايون‘ ملن ٿيون.
سنڌ ڪجهه آڳاٽن محققن ڇند تي آڌاريل ڪلام کي ’نا موزون‘ سمجهيو هو، ڇو ته سندن نظر ۾ صرف علم عروض تي آڌاريل ڪلام ئي ’موزون‘ هو، پر هنن کي ڇند وديا جي ڄاڻ نه هئي، نه ته اها راءِ نه ڏين ها.
قديم سنڌي شاعريءَ ۾ بيت، وايون ۽ ڪافيون، ڇند (۽ موسيقيءَ جي ماترائن) تي لکيون ويون آهن، جڏهن ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ بيت، دوهو، سورٺو، وائي، ڪافي ۽ غزل کان وٺي نظم تائين صنفون، ڇند يعني ماترڪ وزن تي لکيون وڃن ٿيون، ۽ بيت کان سواءِ باقي صنفن کي علم عروض جي مترنم وزنن تي به لکيو وڃي ٿو.
هندي ڇند جو رچاءُ مشرقي ٻولين جي سڀاءُ وٽان آهي، ڇو ته ان کي فطري ترنم آهي، پر عربي ۽ فارسي عروض جا بحر هتان جي آبهوا ۽ ٻولين جي فطري ميٺاڄ جي ابتڙ سمجهيا پئي ويا آهن. پوءِ به سنڌيءَ ۾ علم عروض جا آسان ۽ مروج بحر ۽ وزن نور محمد ’خسته‘ کان وٺي موجوده شاعرن تائين ڪم آندا ويا آهن. هندي ڇندَ، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ سان گڏ اردو شاعريءَ ۾ به ڪافي نکار ۽ ترنم آندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مشهور اردو شاعر عظمت الله خان پنهنجي ڪتاب ’سريلي بول‘ ۾ عربي ۽ فارسي عروض جي مخالفت ڪندي اردو شاعريءَ لاءِ هندي ڇند کي فطري قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته: ”اردو عروض جو بنياد هندي ڇند تي رکيو وڃي. هندي ڇند جا اصول سائنسي مطالعي ۽ تجربي بعد اردوءَ جي نئين عروض جا بنياد قرار ڏنا وڃن. عربي يا فارسي عروض جا جيڪي بحر ان اصول تي پورا لهن، اهي به رکيا وڃن ۽ ٿي سگهي ته انگريزي عروض (Metre) جا اهڙا اصول، جيڪي هر زبان لاءِ ڪم اچي سگهن. تن تي به هن نئين عروض جي پيڙهه جو پٿر رکيو وڃي.“
(ماخذ: سريلي بول، سنڌي گيت، دوهي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مضمون: ’سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو جائزو‘)