ڇنڇر

ڇنڇر: هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو آهي، جيڪو جمعي ۽ آچر جي وچ ۾ ايندو آهي. ڇنڇر هڪ گرھہ جو بہ نالو آهي، جنهن کي ’زحل‘ چيو وڃي ٿو، هن کي نحوست، نڀاڳ، ڪم بختيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي تہ: ”جمعو تہ گهڻيئي ڀلو، پر ڇنڇر بہ ڇڏيس!“
عام ماڻهن جي وهمي سوچ مطابق هفتي جي ستن ڏينهن مان ڪي سڀاڳا تہ ڪي نڀاڳا ڏينهن ٿين ٿا. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪجهہ روايتون ۽ سنؤڻ مشھور آهن.


لفظ ڇنڇرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو