ڇهه سٽا

ڇهه سٽا: سنڌي شاعريءَ ۾ ڇهن سٽن تي مشتمل صنف ’ڇهه سٽا‘، ’مسدس‘ کان مختـلـف صنـف آهـي. مسـدس واري گهـاڙيـٽـي ۾ طـويل نظـم ٿيـن ٿا، جڏهن ته ’ڇهه سٽا‘ جي صنف ۾ طويل توڙي الڳ الڳ نظم به لکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي ’رڻ تي رم جهم‘ ۾ ڇهه سٽي جي گهاڙيٽي ۾ طويل نظم به موجود آهن. جڏهن ته انفرادي ’ڇهه سٽا‘ به ملن ٿا. اياز جي ’ڇهه سٽن‘ جي گهاڙيٽي ۾ ٽين ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيي آهن، جڏهن ته باقي سٽون هم وزن آهن، پر هم قافيا نه آهن. ’ڇهه سٽا‘ جي سري سان استاد بخاريءَ به طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ان جو گهاڙيٽو شيخ اياز جي ’ڇهه سٽن‘ کان مختلف آهي. استاد بخاريءَ جي ڇهه سٽن ۾ پهرين ۽ ٻين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن. ٽين ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته چوٿين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا آهن. ’ڇهه سٽن‘ ۾ بحر وزن جي ڪا به مخصوصيت نه هوندي آهي، اهي ڪنهن به وزن تي چئي سگهجن ٿا، پر سٽون پاڻ ۾ هم وزن هئڻ گهرجن. ’ڇهه سٽي‘ جو گهاڙيٽو هن ريت آهي:
جهومندڙ هوائن ۾،
رات ڄامشوري جي،
ڪنهن رباب وانگر آ!
عمر ايئن اڏامي ٿي،
ڄڻ پکي پرن تي آ،
وقت خواب وانگر آ،
(شيخ اياز)


لفظ ڇهه سٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو