ڇوريٽاڻي

ڇوريٽاڻي: تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي جي پيڃاري واھہ جي اولهندي ڪپ تي، دڙي موريءَ کان ٻہ ميل اتر طرف لغارين جو قديم ڳوٺ ’ڇوريٽاڻيآباد آهي. هن ڳوٺ ۾ لغارين کان سواءِ شيدي خاصخيلي ۽ ٻين ذاتين وارا بہ رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ پوسٽ آفيس بہ آهي. هن ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون ميسر آهن. مرحوم رئيس خير بخش خان لغاري، مرحوم رئيس فضل محمد لغاري، رئيس مولابخش خان لغاري، مولانا محمد خان لغاري ۽ ٻين شخصيتن جي رهائش ڪري هن ڳوٺ کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن ڳوٺ جا ستر سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. ڇوريٽاڻي ۽ آسپاس ۾ 1800کان وڌيڪ خاندان آباد آهن.


لفظ ڇوريٽاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو