ڇيت: ڪاٺيءَ جي سنهي ذري کي ڇيت چئبو آهي. ڇيت ڪنهن بہ وڻ جي ڪاٺي، سر، ڪانهن، ننڍڙن ڪنڊيدار ٻوٽن جي ننڍڙي تھہ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. ٻهراڙين ۾ زرعي زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين يا پورهيتن جي جسم جي عضون، پير، اک، هٿ وغيرہ ۾ اهڙي قسم جا ذرڙا چپي پوندا آهن. ڇيت ننڍڙي هئڻ جي باوجود تمام گهڻي ڏکندي آهي. ان کي تشبيھہ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪا ننڍڙي ڳالھہ دل تي بيهي رهي يا گهڻي تڪليف ڏي تہ چئبو آهي ته، ’اصل ڇيت وانگر پئي چڀي.‘