ڇيتيا

ڇيتيا (ذات): هندن جي هڪ ذات. ڪنهن زماني ۾ ڇيتيا نک وارا جنگي جوان هوندا هئا. سندن هڪ مکيہ رسم هيءَ آهي تہ: پنھنجي ناناڻي نک مان شاديون نہ ڪندا هئا. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ۾ ڀائي چڳڻ رام هنن مان ناليوارو سنت ٿي گذريو آهي. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ کوکر خانواھہ، مسوديري، پوسڻ ۽ رتيديري ۾ هن نک وارا هينئر بہ رهن ٿا. منجهائن ڪي وڻج واپار سانگي سکر ۽ اتر سنڌ جي ضلعن ۾ رهڻ لڳا.


لفظ ڇيتياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو