
ڇير
ڇير: هيءُ هڪ قسم جو ڳھہ آهي، جيڪو پيرن ۾ پائبو آهي. هيءُ ڳھہ هڪ ويڪري پٽيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ تار جي مڙهت ٿيندي آهي، آخر ۾ ننڍڙا ننڍڙا گهنگهرو پويل هوندا آهن، جن مان ڇمڪي جو هلڪو آواز نڪرندو آهي. ڇير پيرن ۾ پائڻ جو مخصوص ڳھہ آهي، جيڪو چانديءَ مان ٺهيل هوندو آهي، پر ڪي سرنديءَ وارا سوني ڇير بہ ٺهرائيندا آهن. ڇير ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪڙي ڇير عام ڳھہ وانگر استعمال ٿيندي آهي تہ ٻيو قسم نرت (ناچ) دوران نرتڪار پيرن ۾ پائي نچندا آهن. ان ۾ گهنگهرو پيل هوندا آهن، اها ڇير پائي ناچو يا ناچڻيون رقص ڪنديون آهن. ڇير جا ٻيا بہ ڪيترا قسم آهن، جھڙوڪ: گنگهرن واري ڇير، پٽين واري ڇير، لکپتي ڇير، ڪڙين واري ڇير، قبي واري ڇير، ڦل واري ڇير وغيرہ. ڇير هڪ سري بہ ٿيندي آهي تہ ٻہ سري ۽ ٽه سري بہ. ڪي تہ شوق مان پنج سري بہ جوڙائيندا آهن. ڇير ۾ جيتريون سريون وڌيڪ هونديون آهن اوتري وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. حيدرآبادي ڇير ۾ گهنگهرو گهڻا ٿيندا آهن، انهيءَ ڇير کي ’ڪل ڦل‘ واري ڇير بہ چيو ويندو آهي. ٻين ڇيرن تي پٽا پٽا ٿيندا آهن، ڪڙين وارين ڇير تي ڪڙيون ملائي پٽو تيار ڪيو ويندو آهي. هن کي هيٺان گهنگهرو هوندا آهن، قبي واريءَ ڇير جو پٽو قبي جهڙو هوندو آهي. پٽيءَ هيٺان ڪڙيون ٿينديون آهن ۽ انهيءَ هيٺان گهنگهرو هوندا آهن. قبي واريون ڇيريون نج چانديءَ مان ٺهنديون آهن. هن ڇير جي ڏانڊين ۾ سوراخ هوندا آهن، سوراخن جي وچ ۾ چاٻيون وجهبيون آهن ۽ هيٺان گهنگهرو پيل هوندا آهن. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ان ڳھہ کي پازيب بہ چون