
ڇيڄ
ڇيڄ (سنڌي ناچ): هي خالص سنڌي ناچ آهي، جيڪو هر خوشيءَ جي موقعي تي ٿيندو آهي، خاص ڪري ورڻ ديوتا/ اُڏيري لعل جي بھراڻي تي ڪيو ويندو آهي. عيد، شادي، هولي وغيرہ تي بہ ڇيڄ وجهبو آهي. ڇيڄ ۾ گول ٺاهي بيهبو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ماڻهو هئڻ ضروري آهن ۽ اهو تعداد وڌي 50 بہ ٿي سگهي ٿو. جيترا ماڻهو گهڻا اوترو چڪر وڏو، پر گهڻن ماڻهن ۾ تال، سُر ۽ لئي جي يڪسان بيهڻ جو امڪان گهٽ آهي. ڇيڄ وجهندڙن مان هر هڪ کي ڪاٺ جو هڪ ڏؤنڪو/ ڏؤنڪلو يا ڏونڪلي هوندي آهي، جنهن جو قطر منو انچ يا انچ ۽ ڊيگهہ ۾ سوا فوٽ کان ٻہ فوٽ ٿيندي آهي. ڏونڪا ڪهڙي بہ ڪاٺ جا ٿي سگهن ٿا، پر گهڻو ڪري جنڊيءَ تي لٿل رنگبرنگي ٿيندا آهن. ڏونڪن کي هڪ ڇيڙي وٽ هڪ کان ڏهن گهنگهرن جي سنگهر لٽڪائين. ڪي شوقين هيٺان مٺ وٽ بہ گهنگهرو هڻن، ڪي قابل ماڻهو ڇيڄاري تي ڏونڪا کڻن. ٻہ ساڄي هٿ ۾ تہ هڪ کاٻي هٿ ۾، بهرحال ڏونڪن بنا ڇيڄ نہ ٿيندو آهي. ان گول جي وچ ۾ پنھنجي خاص نموني جي ٻڌل پڳ سان دهلاري ۽ سنڌي پٽڪي سان شرنائيءَ وارو هوندو آهي. شرنايو بلڪل ڳنڀير، صرف مِٽُن ڦوڪ دوران اڇل ڏيندو، باقي دهلاري، جنهن جي هٿ ۾ ڪاٺ جا ٻہ ڏونڪا هوندا آهن. دهل جي پاسَن ڪٽڻ لاءِ، سر ڏيندو ۽ سر وٺائيندو رهندو آهي، يعني سڄيءَ ڇيڄ جي تار جو مهندار هوندو آهي. ٻيا سڀ هن جي پٺيان ناچ نچندا آهن. سرن ۾ گهڻو تڻو سنڌڙو، ڀيرو، ڪوهياري، حسيني، تلنگ، کماچ، مالڪونس يا سھڻي سُر استعمال ڪن، پر گهڻي ۾ گهڻي شرنايو پهاڙي ڏيندو ۽ آهستي آهستي لئي وٺرائيندو، تيز لئي ڪندو ويندو آهي ۽ جڏهن پوري مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي تہ ڇيڄ بہ پنھنجي اتاهينءَ تي پهچي ويندي آهي. گجرات ۽ راجستان ۾ بہ ’ڏونڪلي راس‘ ٿيندي آهي، پر سنڌ جي ڇيڄ گهڻو نرالي، مست ۽ جهومائيندڙ هوندي آهي. جيڪڏهن ٽانڊو، شِو جو ناچ آهي تہ هندو ڌرم وارن وٽ هي ناچ ورڻ ديوتا جي نالي منسوب ٿيل آهي.
جنهن بہ ناچ ۾ گول ٺاهجي ان کي راس چئجي. راس جي رت ٿيندي آهي. سرد رت يا بسنت، ان ۾ بہ چانڊوڪي رات جو ڇيڄ سھڻي لڳندي آهي. ڇيڄ بہ هڪ راس جو نمونو آهي. راس ۾ ناچ وڌيڪ عوامي ٿئي ٿو ۽ رَسُ بہ ڪري ٿو. راسين جا گهڻائي قسم آهن، جن ۾ راکل راس، ناٽيه راس، گوپي راس، ڪونچ راس، ڪان گوپي راس وغيرہ. راس جا بہ ڪيترا عنصر آهن، جيئن گول ٺاهڻ جو نمونو، گول جو وقت، راس ڦٽائڻ جو وقت، راس وارن جي بيهڪ ۽ چال جي ترتيب، نمونو ۽ مفاصلو وغيرہ. سندن هٿن، پيرن، چيلھہ، ڪنڌ ۽ ٻانهن، آنڱرين، اکين جا چالا، روپ، سازن جو وڄتون وغيرہ اهميت رکن ٿيون. ڏونڪن جي وڄت طور بہ راس جا ڪئين نمونا آهن. هڪ هڪ ٺڪاءَ کي ’تال‘ چوندا آهن. هڪ ٺڪاءُ ڪڍائي جيڪڏهن وٿي وجهبي تہ ان کي ايڪ تال چئبو، پر جي ٻہ ٺڪاءَ ڪڍائي ويساهين ڏبي تہ ان کي ’دو تال‘ چئبو. اهڙيءَ طرح ’تين تال‘ (ٽي ٺڪاءُ)، ’چوتال‘ (چار ٺڪاءَ)، ’ڇاڳيا‘ (ڇھہ ڏونڪن جا ٺڪاءَ)، ’اٺيا‘ (اٺ ٺڪاءَ)، ’ٻاريا‘ (ٻارنهن ٺڪاءَ) بہ ٿيندا آهن. گهڻا ٺڪاءَ تڏهن ڪڍائي سگهبا، جڏهن دهل جي لئي تيز هـوندي آهي. جيئـن ڳـائڻ ۾ شـڌ، ڪـومـل، تـيـور، سپـتڪ، مـندر، مـڌيه تار، آروهي، امروهي، وادي سموادي ٿئي تيئن ڇيڄ ۾ بہ آهي. ڇيڄارين جو ٽرڻ، چُرڻ، هلڻ، مڙڻ، ويهڻ، اٿڻ، ڍيل، ڍار، ڌوڻ ڌڪوڻ، وڄندڙ دهل ۽ شرنائيءَ سان موافقت رکندي آهي. ان لاءِ ڇيڄ جاکوڙ نمونا ٺھي پيا آهن، گهڻو ڪري ڇيڄارين کي هڪ جهڙي پوشاڪ هوندي آهي. هٿ ۾ رومال کڻندا آهن. ان کي جهليندا وري ڪُنڊ کان آهن تہ جيئن اڏائڻ ويل وڏي چوڄ ڏيکاري. هن ناچ ۾ ٽلٽيءَ جو ٽيئون رام ڀڳت پهرين جوڙ جو ڇيڄاري ليکيو وڃي ٿو.
نصرپور، سيوهڻ، ڪراچي، حيدرآباد، روهڙي ۽ سکر ۾ ڇيڄاري تمام گهڻا هئا، جيڪي ورهاڱي وقت لڏي ويا. هاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪجهہ ڇيڄاري ڇيڄ وجهن ٿا. ڏونڪلي جو هڪڙو ٺڪاءُ پنھنجي ساڄي پاسي واري ساٿيءَ جي ڏونڪي تي ۽ ٻيو وري کاٻي پاسي واري همراھہ سان ڪڍائبو آهي. ان وچ ۾ جيڪي ماهر هوندا آهن، سي پنھنجي ڏونڪي تي ناز مان هڪ چاهي ٻہ ٺڪاءَ ڪڍائي وٺندا آهن. ڦيري ڏئي، اوڪڙو ويهي اٿندا آهن، ڪي تہ مٿاڇرو زمين تي آهلي اٿندا آهن. ٿر ۾ تہ هن ڇيڄ/ ناچ جو خاص رواج آهي. هي سنڌي ناچ اڄ بہ سنڌ ۾ مختلف موقعن تي پيش ٿيندو آهي.