ڇيڙ

ڇيڙ: آڳاٽي زماني ۾ سنڌ اندر سماجي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ وارو رواج عام هو. باهمي طريقي سان هر ڪم نبيريو ويندو هو، جيئن ڇنو اڏڻ، لابارو ڪرڻ، هر ڪاهڻ، کاٽي کڻڻ وغيرہ جهڙن ڪمن ۾ پاڙي اوڙي جي ڀائپيءَ عيوض بنا ڪنهن معاوضي جي مدد طور ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهڙو رواج ٿورو گهڻو سنڌ اندر اڄ بہ قائم آهي. اڄ بہ اڪثر ڪمن ۾ راڄ جي ماڻهن کي سڏ ڏبو آهي، اهي ان ڏينهن تي اچي سڄو ڪم راس ڪري ڏيندا آهن، اهڙي گڏيل ڪم کي ڇيڙ چوندا آهن. ڇيڙ ۾ ڪم ڪندڙ کي ڪو بہ معاوضو نہ ملندو آهي. کيس مٺو ڀت يا ماني کارائبي آهي، ڇيڙ کي ابت يا ونگار بہ چيو ويندو آهي. موجودہ دور ۾ زميندار زوريءَ ڇيڙيون بہ ڪرائيندا آهن، جنهن کي ’بيگر‘ سڏيندا آهن.


لفظ ڇيڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو