ڇَليرو

ڇَليرو

ڇَليرو

ڇَليرو(Pangolin or Scaly Anteater /Manis Crassicaudata) : هي جانور بنيادي طرح آفريڪا سان تعلق رکندڙ آهي، پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ملي ٿو. صحرائي ميدانن، چراگاهن ۽ گرم ٻيلن ۾ به رهي ٿو. ڇليري کي هنديءَ ۾ سالو سانپ، سنسڪرت ۾ بجراڪت، بنگاليءَ ۾ بانروئي، ملايالم ۾ انام پيچي، تامل ۾ الانگو ۽ سنهاليءَ ۾ ڪباليوا ڪري چوندا آهن. هي کير پياريندڙ جانور (مماليه) عجيب قسم جو جاندار آهي. ميٽوڙي ناسي رنگ واري هن جانور جي جسم ۽ پٺيءَ تي عام کل بدران هڪ ٻئي مٿان چڙهيل وڏا ڇلر ٿين ٿا. هن جو جسم 20 کان 23 انچ ۽ وزن 15 کان 18 ڪلو تائين ٿئي ٿو. هن جو پڇ ڊگهو ۽ منهن نوڪدار، وات ننڍو، ڪن ننڍڙا، اکيون ننڍيون، اڳيان چنبا تمام ڊگها ۽ اندرئين پاسي وريل هوندا آهن ته جيئن هيءُ جانور پنهنجين ٽِڻين يا آڱرين جي ھڏين تي به ھلي سگهي. هن جا ڪن ۽ اکيون ننڍيون آهن، پر سنگهڻ جي حس تيز ٿئي ٿي. هن جي بت تي ڇلرن جون 18 قطارون ٿين ٿيون. مادي، نَر کان ننڍي ٿيندي آهي. هن جي نوڪدار مُنهن تي ناسون ظاهر هونديون آهن. ٻوٿ جي نوڪدار هئڻ سبب هيءُ زمين جي اندر سولائيءَ سان گهڙي ويندو آهي. ڇليرو رهڻ لاءِ ٻن منٽن اندر 8 فوٽ اونهي کڏ کوٽي سگهي ٿو. کڏ ۾ گهڙڻ کانپوءِ منهن بند ڪري ڇڏيندو آهي. ڄمڻ وقت سندس تور هڪ پائونڊ ۽ ڊيگهه 18 انچ کن هوندي آهي، ان وقت سندس ڇلر تمام نرم هوندا آهن، پر ٻن ڏينهن اندر اهي سخت کُهرا ٿي ويندا آهن. نئون ڄاول ڇلو مرون، ڄمڻ شرط پنڌ ڪندو آهي ۽ ماءُ جي پٺيءَ ۽ پڇ جي مٿان ڊوڙڻ لڳندو آهي. هن جي کل مان ڪيتريون شيون ٺهن ٿيون، جهڙوڪ: منڊيون، ڇلا وغيره. هن جي چرٻيءَ مان تيل ڪڍي دوائن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.
ڇَليرو هڪ گول ٻِر کوٽي ان ۾ اندر گهڙي ننڊ ڪندو آهي. ڏينهن جو سمهندو آهي ۽ رات جو ماڪوڙا کائيندو آهي. هن جي نظر گهٽ هوندي آهي، پر سنگهڻ جي سٺي صلاحيت سان پنھنجو شڪار ڳولي وٺندو آهي. اڏوهين جا دڙا پنهنجن تيز چنبن سان کوٽي، ٻِرن ۾ پنهنجي ڊگهي گول ۽ چهٽندڙ زبان وجهي ڇڏيندو آهي. جنهن سان اڏوهيون چُـهٽي پونديون آهن. هن جانور کي ڏند ڪونه ٿين، ان ڪري ماڪوڙيون ڳهي وڃي ٿو. هيءُ بلڪل بي ضرر جانور آهي. کيس هٿ لائڻ سان خوف ۾ ڄاهي وانگر ويڙهجي، منهن لڪائي ڇڏيندو آهي. هن جانور جو نسل سڄي دنيا ۾ خطري هيٺ آهي. هن جي مادي 120 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ ھڪ يا ٻه ٻچا ڏيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو