ڇَنو

ڇَنو: ٻهراڙين ۾ گهوٽيتن پاران پنهنجن ڄاڃين کي ٽِڪائڻ ۽ کارائڻ لاءِ تيار ڪيل عارضي اڏاوت کي ’ڇنو‘ چئجي ٿو، جنهن جي تياري ڄڃ اچڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنواريتا پري هوندا آهن ته ٻه ٽي ڏينهن اڳ گهوٽيتن جا ڪي همراهه وهٽ وانا ڪاهي، ڄاڃين جي ويهڻ، رڌ پچاءَ جي سامان رکڻ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ مَنهه ۽ لانڍيون ٺاهڻ لاءِ ڪنواريتن ۾ پهچي ڇني اڏڻ جو انتظام ڪندا آهن، جتي ڪاٺيون، کٽون، ديڳيون، ٿانءَ، ٺڪر، ڦنڊرون، چانور ۽ مصالحو وغيره گڏ ڪيو ويندو آهي، گهوٽيتن پاران ان سموري تياريءَ کي ڪن علائقن ۾ ’سامگري‘ به چيو وڃي ٿو.
ڄاڃين جي رهائش، رڌ پچاءَ ۽ ماني ٽڪيءَ کان سواءِ گهوٽيتن پاران شاديءَ جون ٻيون رسمون به ڇني ۾ ٿينديون آهن. ڇنو گهڻو ڪري ڪنواريتن جي گهر کي ويجهو ٺاهيو ويندو آهي. گهوٽيتيون ڪنواريتيون عورتون ڇني جا خاص ڳيچ چونديون آهن. ماڻهو پنهنجي حيثيت آهر ڇنو جوڙيندا آهن. غريب ماڻهو پنج اٺ ٿوڻيون کوڙي، انهن تي ڪاٺ ڏئي، مٿان ڪک يا پن رکي ڇانو ڪندا آهن. سرنديءَ وارا ماڻهو وڏو ڇنو تيار ڪرائيندا آهن، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ذاتين ۽ پاڙن جي جدا جدا رهائش جو بندوبست به ڪن. ٿر جا هندو وري ڪکن، ڪانن ۽ ٿوڻين جو سادو ڇنو ٺاهي ان جو منهن اتر ۽ پٺ ڏکڻ طرف ڪندا آهن. اڄڪلهه وسيلن وارن هنڌن تي تنبن ۽ شاميانن جو رواج آهي، جيڪي منَهه ۽ لانڍيءَ جي ڀيٽ ۾ لڳائڻ آسان ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو