ڇَٺِي (رسم): ٻار ڄمڻ کان ڇهين ڏينهن، ٻار جي ڇٺي ڪبي آهي. ڇٺيءَ جي رات اوڙي پاڙي جي عزيزن ۽ نياڻين کي سڏيو ويندو آهي. منگتا فقير ٻار (خاص ڪري پُٽ جي ڄمڻ تي) جي ڄمڻ واري ڏينهن کان دُهل وڄائيندا ۽ مرادون گهُرندا آهن. کين ڇٺيءَ واري رات لاڳ ملڻ جي وڏي اميد هوندي آهي. ڇٺي ڌيءَ توڙي پٽ، ٻنهي جي ٿيندي آهي. ان موقعي تي پاڙي جون زالون گڏجي سهرا ڳائينديون آهن. ڇٺيءَ جي رات ڳوٺن ۾ ڪٿي ڪٿي مٺو ڀت به رڌو ويندو آهي، جنهن کي ’مٺي ڀت جو ڪنو‘ به چوندا آهن. بلوچ ۽ سماٽ ذاتين ۾ ڪڻڪ جي ڏاري ۾ ڳُڙ وجهي ڇٺيءَ جو ڀت رڌو ويندو هو، جيڪو ڪن هنڌن تي اڄ به رائج آهي. سنڌ جي مختلف ذاتين وارا ڇٺيءَ جي ڀت مان بادشاهه پير کي ختمو به ڏيارين. چانڊيا قبيلي ۾ پٽ جي ڇٺيءَ تي طَهري ڀت ۽ ڌيءَ جي ڇٺيءَ تي ڪونئرو ڀت رڌو ويندو آهي.
ڇٺيءَ جي سؤنڻن مهل پنج يا ست زالون گڏجي ڇٺيءَ جا ڳيچ ڳائينديون آهن. گهڻو ڪري سڄي رات ڳيچن ڳائڻ ۽ سونئڻن ۾ گذارينديون آهن. ڪن ذاتين ۾ رواج آهي ته ڇٺيءَ واري رات ٻار ۽ ماءُ واري کٽ جي چئني پاون سان هڪ هڪ ڪانوکڙو ڪبو آهي ۽ هر هڪ ڪاني جي ڀرسان هڪ ڇوڪريءَ کي ڳڙ يا مٺائي ڏئي بيهاربو آهي. ان کان پوءِ زالون انهن ڪانن جي چوڌاري سڳا ويڙهڻ شروع ڪنديون آهن، جڏهن ست تندا پورا ٿيندا آهن، تڏهن هڪ عورت آيت الڪرسي پڙهي کٽ تي دم ڪندي آهي. هي رواج ڦرڙن، ٿيٻن، ميمڻن، ڪلهوڙن، مرين ۽ خشڪن ۾ عام آهي. ڇٺيءَ جي موقعي تي ٻار کي نوان ڪپڙا ۽ ڳانا پارائبا آهن. اڪثر ٻارن ۾ سٺن لڇڻن پيدا ٿيڻ جي مقصد سان ان رات سندس سيرانديءَ کان شاهه جو رسالو، سکيي ۽ مالدار ٿيڻ لاءِ خاطر سون ۽ پئسا به رکندا آهن. ڪي عورتون ٻارن کي ڪاري سُٽ جا سڳا (ڳانا) ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ به ٻڌنديون آهن ۽ هڪ ڳاني ۾ چانديءَ جو ويڙهه، ڇلو ۽ مڻيو وجهي ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجهنديون آهن. ان کان پوءِ ڍڪڻيءَ ۾ کير ڀري، ٻار جي سيرانديءَ کان رکبو آهي ۽ چونديون آهن ته: ”مائي ڀاڳ ڀري، چڱو ڀاڳ لکجانس.“ ان موقعي تي دائي هيٺيون سٽون ورجائيندي آهي:
آيـت الـڪـرســي، ڪـڇ ۾ ڪـمــان،
لـوهه جـي ڪـنجـي، رڪ جو ڪـوٽ،
يا الله! تنهنجي اوٽ، تنهنجي ڪوٽ.
اتر سنڌ ۾ ڇٺيءَ وقت آيل مائٽ اُن کير ۾ آڱر ٻوڙي ٻار جي نرڙ تي کير جو ڦُڙو لڳائي سندس رکيل نالو اُچاري دعا ڪندا ويندا آهن. ڇٺيءَ جي رات ڏاڏنگ توڙي ناننگ کان سڀئي مائٽ گڏ ٿيندا آهن ۽ ٻار کي هنج ۾ کڻي ڇٺيءَ جي رسم پوري ڪندا آهن.
سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي ’يا علي تنهنجي اوٽ، تنهنجي ڪوٽ‘ سِٽ به ورجائي ويندي آهي. جدا جدا قبيلن ۾ ڇٺيءَ جون مختلف رسمون آهن، جيئن ٺٽي ۾ ٻار ڄمڻ جي ڇهين ڏينهن ڇٺي وڏي ڌوم ڌام سان ڪئي ويندي آهي. ڪن ذاتين ۾ ڇٺيءَ ۾ ڳاڙهو رئو ٻار جي پينگهي مٿان وڌو ويندو آهي. ڇٺيءَ جي ڏينهن ٻار کي وهنجاري نوان ڪپڙا پهرايا ويندا آهن. ٻار جي ماءُ به مٿو ڌوئي نوان ڪپڙا پهريندي آهي، ڪي انهيءَ ڇٺيءَ ۾ عقيقو به ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري ٿورو دير سان چاليهن ڏينهن اندر عقيقي طور ڪنهن جانور جي قرباني ڪندا آهن. ڇٺيءَ ۾ ناناڻن پاران ٻارڙي لاءِ سوني منڊي چار يا پنج وڳا، رلڪا، وغيره ڏنا ويندا آهن ۽ ٻار جي ماءُ کي به هڪ ٻه وڳا ۽ ٻيو ڪجهه پڄت آهر ڏيندا آهن. ٻار جي ماءُ کي ڇٺيءَ ۾ هر چهري يا مٺي شيءِ کارائيندا آهن ته جيئن پوءِ ٻار کي ڪا تڪليف نه ٿئي. سنڌ اندر هندو توڙي مسلمان هيءَ رسم ڪن معمولي ساٺن سؤنڻن جي فرق سان ساڳيءَ ريت ملهائيندا آهن. هندو ڄمڻ کان ڇهين ڏينهن ٻار جي مٿي کان هڪ ٿالهيءَ ۾ مس قلم، ڏهي ۽ کير وجهي رکندا آهن. سندن عقيدو آهي ته وڌاتا ٻار جو ڀاڳ لکي ويندو. اڪثر هندو، جوتشيءَ يا ٻانڀڻ کان ويلا وٺائي، جنم پتري ٺهرائيندا آهن، جنهن کانپوءِ اهو جوتشي ٻار جا گرهه گوچر ۽ آئينده مستقبل ٻڌائيندو آهي ۽ نالو رکندو آهي. اهڙي قسم جو رواج عام مسلمانن ۾ به آهي ۽ هو ٻار جي سيرانديءَ کان قرآن شريف، ڪاغذ ۽ مس رکندا ته مائي ڇٺي اچي ٻار جو نصيب لکي ويندي. (پر ان جو واسطو هروڀرو اسلامي تعليقات سان نه آهي.)