ڇَٽَ

ڇَٽَ: سنڌ ۾ پوک ڪرڻ جا عام طور ٻه طريقا رائج آهن: هڪ ڇَٽ ۽ ٻيو ويهراج يا وئراج، جنهن کي ’ڪاههَ‘ به چيو ويندو آهي. اُهي ٻئي طريقا زمين جي حالت تي دارومدار رکن ٿا. ڇٽ جا ٻه نمونا آهن: هڪ ڪورڙ ۽ ٻيو گڙٻي. ڪورڙ ڇٽ لاءِ وٽ واري زمين کي پاڻي اچڻ کان ٻه مهينا اڳ کيڙي، ٽي هر ڏئي، ناڙيءَ رستي ٻج پوکي يا هٿ سان ڇٽي، تر يا سانهر گهمائي ڍڪي ڇڏبو آهي. هي ٻج وَٽَ تي مورجي ويندو آهي. گڙٻيءَ جي حالت ۾ زمين کي باقاعدي ڪمائي، ٽي هر ڏئي، زمين ۾ پاڻي ڇڏبو آهي. زمين پاڻيءَ سان ڀرجي وڃڻ کانپوءِ ڪانبا ڀري، ان ۾ ٻج ڇٽبو آهي. هي طريقو وچولي هيٺاهين زمين لاءِ فائديمند آهي.
شاهبندر جي ڏکڻ ۾ ڇٽ جو هڪ ٽيون نمونو به اختيار ڪيو ويندو آهي. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ انهيءَ حصي واري ايراضي، سيلاب هيٺ اچي، وٽائتي ٿي ويندي آهي. آبڪلاڻيءَ جي خاتمي کانپوءِ جڏهن ويريون چڙهنديون آهن ۽ زمين جي ڳچ حصي کي ٻوڙي ڇڏينديون آهن، تڏهن بند ٻڌي انهن ۾ آيل پاڻي روڪيو ويندو آهي. اتي مينهن جا ڌڻ ڇڏيا ويندا آهن، جيڪي زمين کي جھڳوريندا آهن. اها ”جهڳور“ کيڙ جو ڪم ڏيندي آهي. ٻج کي ڳوڻين ۾ بند ڪري پاڻيءَ جي کڏن ۾ چئن ڏينهن تائين پسڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن. پسڻ کانپوءِ ان کي سڪل زمين تي پکيڙيندا آهن ۽ ان مٿان تڏا ۽ مٽي رکندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ٻج کي چار ڏينهن ٻيا به رکندا آهن. جڏهن ٻج ڦوٽ ڪندو آهي. تڏهن ان کي ڌوئي صاف ڪري، تڏن تي پکيڙبو آهي ۽ ٻئي ڏينهن ان کي پاڻي ڏنو ويندو آهي. انهيءَ منزل کانپوءِ ئي ٻج پوکڻ جي لائق ٿيندو آهي ۽ زمين ۾ ڇٽيو ويندو آهي. جيستائين ٻج سلو ڪڍي، تيستائين پکين کي رات ڏينهن هڪلبو آهي. هن طريقي سان فقط ڳاڙها چانور پوکبا آهن.


لفظ ڇَٽَھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو