ڇَڇَر پراڻ

ڇَـڇَـر پـراڻ: پنج/ ڇھہ صديون اڳ آمريءَ وٽان درياھہ، ڇَڇَرن جي تڙ کان ٻہ درياهي ڪئي هئي ۽ نئين وهڪري کي ان زماني ۾ ’ڇڇر پراڻ‘ سڏبو هو. فيروز شاھہ تغلق جڏهن ٺٽي تي ڪاھہ ڪئي هئي ته، موٽندي ڇڇر پراڻ وٽ اچي ترسيو هو ۽ اتي ڪچو ڪوٽ بہ ٺهرايو هئائين. گذريل سٺ سالن واري عرصي ۾ آمري تڙ وٽان وهندڙ درياھہ بہ مٽجي ’پراڻ‘ ٿيو ۽ ’ٺيٻاٺ‘ کان نئون وهڪرو ميل اڌ پنڌ تي آمريءَ جي پراڻ جي اوڀر ۾ وهڻ لڳو، وچ ۾، يعني ٻہ درياهي ۾ جيڪا زمين بچي، اهو آڌڙيءَ جو ٻيلو سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جي ايراضي 5 يا 6 ميل هئي. هن هنڌ هڪ ڳوٺ پڻ آباد هو، جيڪو مغلن جي دور ۾ لاکن هٿان تباھہ ٿيو هو. آمري ۽ ٺٽي تي سميجن ۽ جابلو ماڻهن لڳاتار حملا ڪري انهن کي تباھہ ڪيو. هتي آباد ٺٽي ڳوٺ کي ’ٺٽي ولي‘ محمد بہ چيو وڃي ٿو. مغلن جي دؤر جا ڍار شھر سن پرڳڻي ۾ هئا. لَڪي، آمري، سن ۽ ٺٽي ولي محمد کي آمريءَ ۽ ٺٽي جي سميجن ۽ جابلو ماڻهن جي حملن تباھہ ڪري ڇڏيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو