ڇَڇَر1: سميجا قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو آهي، جيڪو هن وقت ڌار ذات جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. هن قبيلي جا ماڻهو ٿرپارڪر، سانگهڙ، دادو ۽ مسڻ واري علائقي ۾ رهن ٿا. رائڌڻ سميجي جي پٽ ڇَڇَر کان هن قبيلي جي شاخ شروع ٿئي ٿي. ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ ديھہ جو نالو بہ ڇڇر آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ درياهي بند هو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ درياھہ جي هٽڻ ڪري هيءُ بند ڦٽي ويو. هن وقت سن شھر جي ويجهو (ضلعي ڄامشوري ۾) ڇڇر نالي سان ٻہ ڳوٺ: ڇڇر وڏا ۽ ڇڇر ننڍا آباد آهن.
- ڇڇرن کي جوڻيجن جي پاڙي ۾ بہ شمار ڪيو وڃي ٿو، خود جوڻيجن جو شمار سماٽن ۾ ٿئي ٿو.