ڇُٽا

ڇُٽا: سنڌ ۽ لسٻيلي جي هڪ اهم سماٽ ذات آهي، جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اصل ۾ سومرا آهن. هنن جو هڪ وڏو تعداد ڏاڙهياري جبل (وارھہ)، دادو ضلعي ۾ آراضي ڳوٺ جي ڀرسان، بلوچستان ۽ لسٻيلي ۾ دريجيءَ واري علائقي ۾ رهي ٿو. سندن مادري زبان سنڌي آهي، جبل ۾ رهڻ ڪري بلوچي بہ ڳالهائين ٿا. تاريخي روايتن ۾ آهي تہ هي سومرا دودي سومري جو راڄ هئا. دودي سومري ۽ علاؤالدين خلجيءَ ’چغدي‘ جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ دودي جي شهادت بعد ڪي سومرا ميدان مان ڀڄي ويا، تن کي ’ڇٽا‘سڏيو ويو. ان کان سواءِ مَهرن، ڌاريجن، چاچڙن ۽ نومڙين ۾ بہ ڇُٽن جا پاڙا آهن.
ڪوهستان ۾ رهندڙ ڇُٽن جا هيٺيان پاڙا آهن:
ڀوتاڻي، ماڙيچا، مٺاڻي، گنجا، اڌڙ، توراني، ڪوري، اوٿماڻي وغيرہ.


لفظ ڇُٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو