ڇُٽو عمراڻي

ڇُٽو عمراڻي: ڇٽو عمراڻي سيوهڻ جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن بابت ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو تہ: درويش ڇٽو سيوستاني پنھنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. ڇـُٽو درويش اصل ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي جو امير هو. هيءُ راجا دلوراءِ جو سڳو سؤٽ هو، جيڪو هڪ وڏو ظالم شخص هو. راجا دلوراءِ جي ظلم سبب جڏهن اروڙ جو شھر ويران ٿيو، تڏهن هي برهمڻ آباد ۾ اچي رهيو ۽ اتي بہ راجا دلوراءِ ساڳي روش جاري رکي. درويش فطري طور تي نيڪ طبيعت جو مالڪ هو. ان دور ۾ سنڌ ۾ بنو عباس خاندان جي گورنرن جي حڪومت هئي. انهيءَ دؤر ۾ هيءُ عربستان حج ڪرڻ لاءِ هليو ويو، جڏهن مڪي معظم پهتو تہ هڪ پوڙهي عورت کي دڪان تي قرآن پڙهندي ڏسي، اتي بيهي تلاوت ٻُڌڻ لڳو، قرآن پڙهڻ کانپوءِ عورت هن کي چيو تہ اي بزرگ! اوهان ڇو بيٺا آهيو. هن چيو تہ قرآن جي قرات ٻڌڻ لاءِ. احسان ٿيندو اگر اوهان مون کي قرآن سيکاريو. عورت جواب ڏنو تہ منهنجي استاد منهنجي ڌيءَ آهي، پر اها پردہ نشين آهي، اگر تون چاهين تہ زنانو لباس پهري خاموشيءَ سان اچي درس ۾ شامل ٿي. آخر ڇٽو درويش هن عورت جي درس ۾ پهچي ويو. چون ٿا تہ اها ڇوڪري علم نجوم کان بہ واقف هئي. ان ڪري کيس خبر پئجي چڪي هئي تہ سندس شادي هڪ سنڌيءَ سان ٿيندي، آخر هن جي شادي ڇُٽي درويش سان ٿي ۽ ڇُٽو درويش شاديءَ بعد پنھنجي زال سميت سنڌ واپس آيو.
روايت موجب ڇُٽو درويش جڏهن شھر برهمڻ آباد پهتو، تڏهن راجا دلوراءِ هن کي چيو تہ پنھنجي زال کيس ڏي، جنهن تي ڇُٽي درويش انڪار ڪيو. چون ٿا راجا دلوراءِ جو اهو رواج هو تہ نئين ڪنوار پهرين هن جي حوالي ڪئي ويندي هئي. هڪ ڏينهن ڇُٽو درويش ڪنهن ڪم سبب گهران ٻاهر نڪتو تہ راجا دلوراءِ سندس گهر ۾ گهِڙِي پيو، پر ڇُٽو درويش بہ اچي پهتو ۽ پنھنجي گهر واريءَ سميت شھر کي ڇڏي کيس بد دعائون ڏيندو ويو ۽ اعلان ڪيائين تہ ظالم دلوراءِ جي ظلمن ڪري هي شھر غرق ٿيندو، جنهن کي نڪرڻو آهي سو نڪري ٻاهر ٿئي. چون ٿا تہ ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ اهو شھر زلزلي سبب تباھہ ٿي ويو.
درويش ڇٽو، حاجي، حافظ ۽ عارف شخص هو. سيوهڻ ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي آخر/ يارهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ وفات ڪيائين.
ڪتاب ’سيوهڻ صدين کان‘ ۾ خير محمد ٻرڙو ڄاڻائي ٿو تہ: ”ڇٽو امراڻي (عمراڻي) راءِ گهراڻي جو امير هو. ڪي هن کي سومرا قبيلي جي ٿھيم خاندان مان لکن ٿا. سندس والدہ جو نالو ’آمره‘ هو، جنهن پٺيان ’آمراڻي‘ سڏجي ٿو. راجا دلوراءِ سندس مائيتو ڀاءُ هو. ڇٽو آمراڻي ڪيترين ئي ڪرامتن جو مالڪ هو. چور سندس نالو ٻُڌي ڀڄي ويندا هئا. سندس مقبرو سيوهڻ شھر ۾ ڏکڻ طرف، انڊس هاءِ وي تي، ريلوي لائين جي ڀرسان آهي.
هن جي مقبري تي شاھجھان جي دؤر ۾ سيوهڻ جي حاڪم ديندار شاھہ هڪ گنبذ تعمير ڪرايو. جنهن تي هيٺيون ڪتبو نصب ٿيل آهي:
بــدور شـهـنشـاھہ شـاهـجهـان
خـديـو خــر مــنـد صـاحـبـقـران
چو خلد برين روضہء شاھہ چته
بـنـا کــرد نـواب ديـنـدار خـان
ز ســال بـنـايــش طلب داشتند
بھشت بروئي زمين گفت‘ عثمان
1042 ھہ


لفظ ڇُٽو عمراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو