ڇُڳاڻي (ذات): هندن جي هڪ ذات جو نالو. ڇڳاڻي ذات جا هندو هالاڻيءَ ۾ اڪثريت سان رهندا هئا ۽ اروڙ ونسي هئا، جيڪي پنجاب کان ميرن جي دؤر ۾ خيرپور آيا هئا. اهي ميرن جي حڪومت ۾ ديوان جي عهدن تي مقرر ٿيا هئا. انگريزن جي دؤر ۾ خيرپور ڇڏي درياھہ اُڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري تعلقي ۾ پنهنجو ڳوٺ جوڙي ويٺا. ڇڳاڻي ’گروءَ‘ جا سک سڏائيندا آهن. پير جي ڳوٺ ۾ بہ رهندا هئا. ڇڳاڻي خاندان مان لاڙڪاڻي جو مشھور شاعر پرڀو ’وفا‘ ڇڳاڻي ۽ ماهوار ڪونج (ممبئيءَ) جو موجودہ ايڊيٽر نند ڇڳاڻي اهم اديب آهن. نند ڇڳاڻي، هالاڻيءَ وارن ڇُڳاڻين مان آهي.