ڇِلو1

ڇِلو1 (Purperium): ڇلو ڳوهاري عورت جي ويم کانپوءِ آجي ٿيڻ واري عرصي کي چئبو آهي. ان عرصي ۾ عورت جا سڀئي جنمي عضوا (Reproductive Organs) پنھنجي ساڳي جاءِ وٺي بيهندا آهن، جيئن ڳڀيرڻ (ٻار ماءُ: Uterus) سُسُي پنھنجي اصلي جاءِ وٺي بيهندي آهي ۽ عورت کان ڇلي جو رت (ارگر: Lochia) نڪري ويندو آهي. ان کان سواءِ ماءُ ۾ ٿڃ (Lactation) ٺھڻ جو عمل بہ شروع ٿيندو آهي. سراسري طرح هي عرصو ڇھن کان اٺن هفتن تي ٻَڌل هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’سوا مهينو‘ يا ’چاليهو‘ بہ چوندا آهن. هن ئي عرصي ۾ عورت اندر گهڻيون نفسياتي ۽ جسماني صحت جون تبديليون اينديون آهن ۽ ڪيترا مرض مُنهن ڪڍندا آهن.
ڇِلي جا آثار/علامتون (Clinical Symptoms): ڇِلي دوران هيٺيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون:
(1) ٻارَ ماءُ (ڳڀيرڻ) جو سُسُي پنھنجي اصلي حالت ۾ اچڻ (Involution): عورت جي ڳڀيرڻ کان وٺي هٿ پير لھڻ تائين ٻار ماءُ (ڳڀيرڻ) ۾ کوڙ تبديليون اينديون آهن، پر ٻار ڄڻڻ کانپوءِ ڳڀيرڻ جو سسي پنھنجي اصل حالت ۽ اصل هنڌ پهچڻ اهم مرحلو هوندو آهي، جيڪو بہ مختلف عورتن ۾ مختلف عرصي ۽ حالتن تي ٻَڌل هوندو آهي، پر سراسري طور هيءُ مرحلو چئن کان ڇھن هفتن تي ٻَڌل هوندو آهي. بنھہ ويم جي پڇاڙيءَ وقت ٻار ماءُ (Uterus) عورت جي دن وٽ بيٺل هوندي آهي، جيئن ويم جا سور (Labour Pain) شروع ٿيندا آهن تہ هر سور جي وَٽَ سان ڳڀيرڻ، دن واري جاءِ ڇڏي هيٺ لهندي ايندي آهي ۽ ان سان گڏ ڳڀيرڻ ۾ بہ خود ڪوئجڻ (Contraction) جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. آخر ۾ اهڙو مرحلو ايندو آهي، جو ڳڀيرڻ ٻار کي مادري رستي کان ٻاهر اوڳاڇي ڪڍڻ لاءِ ڪڙھہ جي هيٺ واري حصي تائين لھي ايندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڳڀيرڻ، عورت جي شرم گاھہ جي منهن تائين هيٺ لھي ايندي آهي. ٻار ماءُ (Uterus) زور سان ڪوئجڻ ڪري پنھنجي ماس ۽ رت نلين کي ايترو تہ نپوڙيو ڇڏي جو سندس گوشت ۽ رت جي نالين کي پوري خوراڪ نہ ملڻ ڪري ڇڻيو وڃي ۽ ڳڀيرڻ پاڻ بہ وزن ۾ گهٽجي ويندي آهي. ڳڀيرڻ عام حالت ۾ بہ هر ٻار ڄڻڻ کانپوءِ ڪمزور ٿي ويڪري ٿي ويندي آهي.
ويم کان پوءِ قدرتي طرح ’ٻار ماءُ‘ سوس کائڻ شروع ڪندي آهي. هي اُهو ئي عرصو هوندو آهي، جنهن عرصي جي پڄاڻيءَ کي اسان جي سنڌ جي عورتاڻي معاشري جي ٻوليءَ ۾ ’مٿي ڌوپ‘ سڏيو ويندو آهي. هيءُ اهو عرصو هوندو آهي، جنهن عرصي ۾ عورت جي جسم ۾ ٻہ تبديليون اينديون آهن، هڪ تہ عورت کي ارگر (ڇِلي جو رت) اچڻ بند ٿي ويندي آهي. ڇلي جي رت اچڻ کان آجي ٿي ويندي آهي. سندس مادري رستي جي صفائي ٿي ويندي آهي. ٻيو ڳڀيرڻ سُسُي ڪڙھہ ۾ پنھنجي قدرتي جاءِ وٺي بيهندي آهي. دائي يا ڊاڪٽرياڻي مادري رستو تپاسڻ کانپوءِ مٿي ڌوپ جي اجازت ڏيندي آهي.
ويم کان پوءِ ٻار ماءُ (Uterus) جو وزن سراسري طور اڍائي پائونڊ هوندو آهي، جيڪو آهستي آهستي گهٽجي پنھنجي اصلوڪي وزن ڏيڍ کان ٻن آئونس جيترو وڃي بيهندو آهي. ويم کانپوءِ ڳڀيرڻ هڪ اندازي مطابق اصلي حالت ۾ اچڻ لاءِ روزانو هڪ آڱر جي حساب سان سوس کائي، ڪڙھہ ۾ سمائجي بيهندي آهي.
(2) ڇِلي جو رت (ارگر: Lochia): عورت جي هٿ پير لھڻ کانپوءِ عورت جي مادري رستي (Vagina) کان جيڪو رت ايندو آهي، انهيءَ کي ڇلي جو رت (ارگر: Lochia) چئبو آهي، جيڪو نج رت نہ هوندو آهي، پر ان ۾ اڪيچار ٽٽل رت جون ناڙيون، پشمي پردا، ڳڀيرڻ جي اندرئين مٿاڇري جي ٽٽل کل جا ٽڪرا، ڪجهہ رطوبتون، گردن جي گلٽين مان نڪتل بلغم، رت جا اڇا ذرڙا ۽ ڪيترن قسمن جا زندہ ۽ مئل جيوڙا هوندا آهن. ارگر هڪ اندازي موجب 18 کان 36 آؤنس وزن جو ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٻار ۽ اُور وڏا هوندا آهن تہ ارگر بہ گهڻو هوندو آهي. ساڳي وقت عام ڏينهن ۾ عورت کي حيض گهڻو ايندڙ هوندو آهي تہ ان صورت ۾ بہ ڇلي جو رت گهڻو هوندو آهي، پر جيڪڏهن عورت جو ويم دوران رت گهڻو ضايع ٿيو هوندو آهي. يا وري ماءُ ٿڃ ڌارائڻ شروع ڪئي هوندي آهي ۽ ٻار هر هر ٿڃ ڌائيندو تہ ٻنهي صورتن ۾ عورت کي ارگر گهٽ ايندو آهي.
ويم کانپوءِ عام حالتن ۾ ڇلي جو رت ڏهن کان پندرهن ڏينهن يا ڪن عورتن ۾ ايڪيهن ڏينهن بہ هلندو آهي، جيڪو عورتن جي جدا جدا طبيعتن (جسماني طبيعت) تي ٻَڌل هوندو آهي. انهيءَ عرصي دوران ڇلي جي رت جو رنگ بہ مٽبو رهندو آهي: (1) پهريان ٻن کان چئن ڏينهن تائين ارگر جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي، جنهن کي ‘Lochia Rubra’ چئبو آهي. (2) پنجن کان ستن ڏينهن تائين ارگر جو رنگ ڦِڪو هوندو آهي، جنهن کي ‘Lochia Serosa’ چئبو آهي. (3) اٺن کان پندرهن ڏينهن تائين ارگر جو رنگ اڇاڻ مائل هوندو آهي، جنهن کي ‘Lochia Alba’ چئبو آهي.
ارگر جي عام طرح رواجي بوءِ رت جهڙي هوندي آهي، پر جيڪڏهن منجهانئس ڪا ڪِني بوءِ اچي تہ اها روڳ (عفونت: Sepsis) جي نشاني آهي. تنهن کانسواءِ عام ڇِلي جي رت جو جيڪو ڪپڙي تي داغ ٿيندو آهي تہ اهو ڪپڙي جي وچ ۾ ڳاڙهو ٿيندو آهي، جڏهن تہ روڳي ڇلي جي رت جو داغ ڪپڙي وچ ۾ بکڙو لڳندو آهي ۽ پاسن تي چھچ ڳاڙهو هوندو آهي.
(4) ٿڃ پوڻ (Lactation): ٿڃ پوڻ يا ٿڃ ٺھڻ جو عمل ٻن مرحلن ۾ ٿئي ٿو. پهريون مرحلو انهيءَ وقت شروع ٿئي ٿو، جنهن وقت ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سورهن هفتن (چئن مهينن) جو هوندو آهي. انهيءَ عرصي ۾ ماءُ جي ڇاتين ۾ دماغ کان پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone) ٿورو ٿورو پيو خارج ٿيندو آهي، جنهنڪري ماءُ جي ڇاتين جي کير جي غدودن ۽ کير ناڙين (Lacti ferrous Ducts) ۾ کير پيو ٺهندو آهي، جنهن کير جي پوڻ ۽ روانيءَ ڪري ويم کان اڳ ۾ کير جون ناڙيون کلنديون وينديون آهن، جيڪي سڀئي ڳاڻاٽي ۾ اٽڪل ويھہ هونديون آهن.
ٿڃ پوڻ جو ٻيو اصلي مرحلو عورت جي هٿ پير لھڻ (Parturition) کانپوءِ، ڇلي جي عرصي شروع ٿيڻ سان گڏ شروع ٿيندو آهي. ڇاتين ۾ کير ٺھڻ ۽ وڌڻ جو عمل ٻار جي لاڳيتي ڇاتين کي چڳڙ ڏيڻ (sucking) تي منحصر هوندو آهي. ٻار جڏهن ڄمندو آهي تہ عورت جي رت ۾ قدرتي طرح پروليڪٽن هارمون (PH) جي سطح وڌي ويندي آهي، تنهنڪري جنهن وقت ٻار ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيندو آهي تہ پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جي اڳئين حصي مان دماغ جي تنتي سرشتي جي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت (PH) جي ڪري هر وقت ڇاتين جي غدودن ۽ کير جي ناڙين ۾ ٿڃ پئي ٺهندي آهي. ٻار جيئن جيئن چڳڙ ڏيندو رهندو آهي، تيئن تيئن وڌيڪ پروليڪٽن هارمون (PH) پيو خارج ٿيندو رهندو آهي ۽ اوتري وڌيڪ ٿڃ ٺهندي رهندي آهي.
شروع ۾ ٻہ ٽي ڏينهن ٿڃ ڇڊي هوندي آهي، جنهن کي کنگهڙو (Colostrum) چئبو آهي. کنگهڙي جو رنگ ڦڪاڻ (زرديءَ) تي مائل هوندو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻي پروٽين (Protein) هوندي آهي. جيئن جيئن ٻار ٿڃ ڌائيندو ويندو آهي، تيئن تيئن ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ماءُ کي پختي ٿڃ اچي ويندي آهي.
(ب) ڇِلي جون پيچيدگيون (Complication of Puerperium):
(1) ٿڃ نہ پوڻ (Lactation Absent): ٻار ڄمڻ شرط ئي ماءُ کي ٿڃ اچڻ ضروري آهي. عام طرح سان ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان ٿڃ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ ٿڃ اچڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ ٿڃ اچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، مثال طور: جيئن ٻنڊين جو مڪمل ٻاهر نڪتل نہ هئڻ، ٻنڊين جا سوراخ بند هجڻ، يا کنگهڙي جي گهاٽي هجڻ وغيره، جنهنڪري ٿڃ پوڻ ۾ ڪجهہ ڪلاڪ يا ڪي ڏينهن بہ لڳي سگهن ٿا، تنهنڪري ماءُ کي مايوس نہ ٿيڻ کپي ۽ ان مايوسيءَ جي ڪري متان ماءُ ٻار کي ٿڃ ڏيڻ بند ڪري ڇڏي، جيڪا حالت ماءُ لاءِ بہ خطرناڪ آهي، جو کيس کير جي غدودن ۽ ناڙين ۾ کير گڏ ٿيڻ ڪري ڇاتين ۾ ڳڙ يا ڪينسر ٿيڻ جو خطرو ٿئي ٿو ۽ ٻار لاءِ مايوسي ٿي پوندي آهي. ٿڃ جيڪا مڪمل قدرتي غذا آهي، ٻار کي نہ ملڻ ڪري ٻار ڏُٻرو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ٿڃ جاري ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سود مند ترڪيبون آڻڻ گهرجن، جيسين وڃي ٿڃ جي وهڪ شروع ٿئي. مثال: جيئن اُرھہ جي پمپ (Breast Pump) وسيلي هر وقت ڇاتين کي هٿرادو چوس ڏياربي رهجي، جيسين وڃي ٻنڊين جا سوراخ کُلي پون ۽ ٿڃ جي وهڪ جاري ٿي وڃي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ ٻار جي ڪمزور ڄاڙيءَ ڪري ٻنڊين کي چڱيءَ طرح چوس ڪا نہ ايندي آهي، تنهنڪري ٻنڊين جا بند سوراخ کُلي نہ سگهندا آهن، ٻار ڪمزور ڄاڙيءَ جي ڪري ماءُ جي سخت ٻنڊين کي چڱيءَ طرح چڳڙ ڏئي نہ سگهندو آهي. لاڳيتو چڳڙ ڏيڻ ڪري سندس ڄاڙي ٿڪجي پوندي آهي، يا وري ٻار ماءُ جي اندر پيل ٻنڊين کي ڪمزور ڄاڙي هجڻ ڪري ڇِڪي ٻاهر ڪڍي ڪين سگهندو آهي، تنهنڪري ڪمزور ڄاڙيءَ واري ٻار بدران هفتو ڏيڍ اڳ ۾ ڄاول ڪنهن صحتمند ٻار کي ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا ٿڃ پيارجي، ائين ڪرڻ سان وڏي ٻار جي چوس ڏيڻ سان ٻنڊين جا بند سوراخ کُلي پوندا آهن، ۽ ٿڃ جي وهڪ جاري ٿي ويندي آهي. تنهن کانسواءِ هڪ ٻي ترڪيب بہ آهي تہ گرم پاڻيءَ ۾ ڪپڙو ڀڄائي انهن جي چوڌاري ٽاڪور ڪرڻ سان بہ ٿڃ جي وهڪ جاري ٿي ويندي آهي. بند ٻنڊيون کُلي پونديون آهن. عورت جي مائٽن کي بہ انهيءَ ڏس ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ عورت کي هر ممڪن تسلي بہ ڏيڻ گهرجي تہ جيئن هوءَ مايوس نہ ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ دائيءَ کي بہ پنھنجي تجربي جي بنياد تي هٿرادو وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن جيسين وڃي ٿڃ جي وهڪ جاري ٿئي.
(2) ڇِـلـي جـو رت نـه پـوڻ (Absent Lochia): عـام طـرح عـورت جـي ويم (Parturition) کان پوءِ عام حالتن ۾ ڇلي جو رت (ارگر) ڏهن کان پندرهن ڏينهن هلندو آهي (ڪن مريضائن ۾ ايڪيھہ ڏينهن هلندو آهي)، جيڪو پهريان چار ڏينهن تہ چڱيءَ طرح کُلي اچڻ گهرجي، جيئن اندر جو اڊگڊ، ڪن ڦٿ، رت ۽ ڪن ڪچرو نڪري وڃي ۽ آهستي آهستي پندرهن ڏينهن ۾ عورت جو مادري رستو سڄو صاف ٿي وڃي، پر جيڪڏهن ڇلي جو رت ٿورو اچي اٿڻ شرط بند ٿي وڃي، يا دٻجي وڃي. ان مان ڪا ڪني بوءِ اچي، يا ارگر تيزابيت وارو اچي، جيڪو مادري رستي کي ڇلهي ڇڏي تہ سمجهڻ گهرجي تہ اُها روڳ (عفونت: Sepsis) جي نشاني آهي، جيڪا حالت عورت لاءِ ڪنهن بہ صورت ۾ چڱي ڪانهي. ان جو خاطر خواھہ علاج ٿيڻ گهرجي، نہ تہ ٻيءَ صورت ۾ عورت کي ڇِلي جو تپ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ ڏُکي ٿي پوندي آهي.
(3) اڻپوري ڳڀيرڻ جي سوس (Incomplete Involution): ڳڀيرڻ گهڻين حالتن ۾ سوس کائي پنھنجي اصل هنڌ تي ڪا نہ پهچندي آهي. جنهن جا گهڻا سبب هوندا آهن. مثال: جيئن اُور جا ٽڪرا رهجي وڃڻ، رت جا دڳ ٺھي پون ۽ اُهي خارج نہ ٿيڻ، ٻار ماءُ جو پنھنجي جاءِ تان ٿڙڪي وڃڻ، ۽ وري ڳڀيرڻ جي ڪمزوريءَ جي ڪري پوئتي ڪِري پوڻ اهڙا سبب آهن، جنهنڪري ڳڀيرڻ اڻپوري سوس کائيندي آهي. جنهن جي بنيادي علامت اها هوندي آهي تہ پندرهن ڏينهن تائين ارگر جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي. ڳڀيرڻ جي اڻپوري سوس جي ڪري ضعيفہ جي صحت لاءِ ڪا چڱي ڳالھہ نہ هوندي آهي. ويم کان پوءِ ڳڀيـرڻ جي اڻ پوري سـوس جي ڪـري عـورتـن ۾ ڪيـتريون زنانيون بيماريون ٿي پونديون آهن.
(4) ويم کان پوءِ سور (Post Partum Pain): ويم کان اڳ ۾ ويم جا سُور ٿيڻ ۽ ويم کانپوءِ عورت کي سور ٿيڻ فطري ڳالھہ آهي، جنهن جو سبب ڳڀيرڻ جو ڪوئجڻ (Contraction) هوندو آهي. ويم کان اڳ ۾ ڳڀيرڻ انهيءَ لاءِ ڪوئبي آهي تہ ٻار کي مادري رستي کان اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي اچي، جڏهن تہ ويم کانپوءِ ڳڀيرڻ انهيءَ لاءِ ڪوئبي آهي تہ سوس کائي پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي ۽ پنھنجي اصلي جاءِ تي ڪڙھہ ۾ ويهي. ويم کانپوءِ چوويهن کان اٺيتاليھہ ڪلاڪ ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ ڪري عورت کي ڪڙھہ، نرن ۽ چيلھہ ۾ سور هجڻ عام ڳالھہ هوندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڪيترين عورتن کي تہ اور (Placenta) جي نڪري وڃڻ کان پوءِ سور ختم ٿي ويندو آهي، پر ائين بہ ٿيندو آهي تہ گهڻن سبب جي ڪري سور تيز ٿي وڃي ۽ ڪڙھہ کان وٺي ڍونگري چيلھہ ۽ سٿرن ڏانهن بہ وڌي ويندو آهي، جنهن جا سبب اُهي هوندا آهن تہ حاملا عورت کي تڪڙو ويم ڪرائڻ لاءِ اهڙيون دوائون کارايون وينديون آهن يا وري اهڙيون سُيون هنيون وينديون آهن، جنهن ۾ عورت جي ڳڀيرڻ جي مشڪن کي زوري سيٽرائبو آهي تہ جيئن جلدي تڪڙو ويم ٿئي. ائين بہ ٿيندو آهي تہ ڪمزور ڳڀيرڻ جي حالت ۾ عورت جي ڳڀيرڻ جون مشڪون اڻپوريون سيٽبيون آهن، انهن کي پوريءَ طرح سيٽجڻ جو موقعو نہ ملندو آهي. ان کانسواءِ هي سور بعضي وقت ٻار ماءُ ۾ ڄميل رت جي ڳوڙهن ڪري بہ ٿيند ا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن رت جي ڳوڙهن کي ڪڍڻ لاءِ ڳڀيرڻ زور سان ڪوئبي آهي.
ويم کان پوءِ عورت کي ڏاڍا پريشان ڪندڙ سور ٿيندا آهن، پر انهن جو علاج تمام سولو آهي، جيڪڏهن سور ڳڀيرڻ کي تڪڙو ڪوئجڻ يا سيٽرائجڻ ڪري دوائن کارائڻ ۽ سُين لڳڻ ڪري ٿيا هجن، يا ڪمزور ڳڀيرڻ جي اڻپوري سيٽجڻ ڪري ٿيا هجن تہ ان صورت ۾ سور ڀڃڻ يا لاهڻ لاءِ ڪا بہ Analgesic دوا پيارڻ گهرجي يا سُئي هڻڻ گهرجي، پر جيڪڏهن سور ڪڙھہ ۾ رت جي ڳوڙهن جي گڏ ٿيڻ ڪري ٿيو هجي تہ عورت کي سڌو سمهاري، ٽنگون ڊگهيون ڪري عورت جي پيٽ کي دن وٽان هيٺ آڍڻ گهرجي، جيئن ڳوڙها نڪري وڃن. رت جا ڳوڙها نڪرڻ کانپوءِ سور پاڻمرادو لھي ويندو آهي. ان کانسواءِ گرم پاڻيءَ جي ٿيلهي سان يا گرم پاڻيءَ ۾ ڪپڙو پُسائي ڪڙھہ تي ٽاڪور ڪرڻ سان بہ سور ڇڏي ويندو آهي.
ڇِلي جي ديوانگي (Puerperal Insanity): ڇِلي جي ديوانگي يا چريائپ، ڇِلي جي وقت بہ ٿيندي آهي ۽ ٿڃ ڏيڻ دوران بہ ٿيندي آهي. هيءَ ٿورو وقت بہ هلندي آهي ۽ ڪن حالتن ۾ سڄي عمر بہ هلندي آهي (سڄي عمر هلڻ واريءَ ديوانگيءَ کي اسان جي سنڌ جي معاشري ۾ عورتاڻي ٻوليءَ ۾ ويم ۾ خرابي ڪري ڄاڻايو ويندو آهي.) ڇِلي جي ديوانگيءَ جا جتي نفسياتي سبب ٿين ٿا، اُتي گهڻي ڀاڱي روڳي عفونت (Sepsis) جو نتيجو هوندي آهي.
پيشاب جو بند ٿيڻ (Retention of Urine): ويم کانپوءِ پهريان هڪ ٻہ ڏينهن ڪيترين عورتن کي پيشاب بند ٿيڻ جي عام تڪليف ٿي پوندي آهي، جنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب ڏُکيو ويم يا پهريون ويم هوندو آهي.
قبضيت (Constipation): ويم کانپوءِ گهڻين عورتن کي قبضيءَ جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب اميدواريءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ کاڌي پيتي جي ڦير ڦار ۽ گهٽ کاڌو کائڻ هوندو آهي.
تنهن کانسواءِ ننڊ نہ اچڻ (Sleeplessness/ Insomnia) ۽ نبض جو تيز ٿيڻ، جيڪڏهن نبض (Pulse) سٺ کان 70 ڌڪ في منٽ کان وڌي وڃي تہ ان جو سبب گهڻو رت وهڻ ۽ ڪجهہ زهري حالتون پيدا ٿيڻ آهي. ان کانسواءِ بلڊ پريشر وڌڻ جو سبب عورت کي دماغي دورا پوڻ واري ڪيفيت آهي، جيڪي ويم کانپوءِ 48 ڪلاڪن ۾ ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن بلڊ پريشر گهٽجي وڃي تہ ان جو سبب ڪا ڳڻتي يا گهڻو رت وهڻ ٿي سگهي ٿو. پر انهن پيچيدگين کان پريشان ٿيڻ بجاءِ ڊاڪٽرياڻي سان مشوري ۾ رهڻ بهتر رهندو.
ڇِلي جو تپ (Puerperal Fever): ڇلي جو تپ ڇلي جي سڀني پيچيدگين ۾ خطرناڪ ٿئي ٿو. هن جو بر وقت علاج نہ ٿئي يا مهلڪ بڻجي وڃي تہ عورت جي زندگيءَ کي هر حال ۾ خطرو ٿي پوندو آهي. عام حالت ۾ هي بخار ويم کانپوءِ تڪڙو ٻارهن ڪلاڪن کان چوويهن ڪلاڪن ۾ ٿيندو آهي. اوچتو چڙهندو آهي ۽ جسم جي گرميءَ جو پد تمام گهڻو ٿي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ تہ 100 کان 104 ڊگريون فارنهائيٽ تائين پهچندو آهي. بخار دوران مريضه کي سردي (Rigor) لڳندي آهي. نبض جي رفتار 120 ڌڪ في منٽ تائين پهچي ويندي آهي، پر جيڪڏهن نبض جي رفتار 140 ڌڪ في منٽ تائين پهچي تہ عورت جو موت بہ واقع ٿي سگهي ٿو، ان حالت ۾ يڪدم ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائڻ گهرجي. هن بخار ٿيڻ جا ڪيترا سبب آهن، پر سڀ کان وڌيڪ بنيادي سبب زهري روڳ (ڇوت/ عفونت: Septicemia)، جيڪو عورت جي سڄي ڪڙھہ، پيٽ ۽ رت ۾ پکڙجي ويندو آهي.
ڇِلي جي تپ جون علامتون (Clinical Symptoms of Puerperal Fever):
1. ڇلي جو تپ ويم کانپوءِ ٻارهن ڪلاڪن کان چوويهن ڪلاڪن جي عرصي ۾ ٿيندو آهي.
2. سردي (Rigors) سان گڏ عورت کي اوچتو تمام گهڻو تيز بخار ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري مريضه وِڦلندي آهي، گهڻي مهلڪ حالت ۾ پنهنجا هٿ، پير ۽ ٽنگون، ٻانھون هڻندي آهي.
3. تپ دوران عورت جي نبض جي رفتار في منٽ ۾ 100 کان 120 ڌڪ هڻندي آهي. موت جي ويجهو اچڻ وقت اها 140 ڌڪ في منٽ تائين پهچندي آهي، جيڪي مريضه جا آخري پساھہ هوندا آهن، جڏهن تہ هڪ عام صحتمند ماڻهوءَ جي نبض هڪ منٽ ۾ 60 کان 70 دفعا ڌڙڪندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو