ڇِلُ/ ڇِلي

ڇِلُ/ ڇِلي: ڇِلي هڪ قسم جو چارو آهي، جيڪو ڪمند، جوئر ۽ مڪئيءَ تان پَن سوئي مال جي پيٽ ڀرڻ لاءِ استعمال ڪبو آهي. خاص طور ڪمند جا سڪل توڙي ساوا پن ۽ مٿيون چوٽيون لاهي، انهن کي ڳئن، گهوڙن ۽ ٻين وهٽن لاءِ گاھہ طور استعمال ڪبو آهي، ڇليءَ وارو گاھہ گهڻو ڪري مال شوق سان کائيندو آهي. ان جي ڪُتر بہ هڻبي آهي. شگر ملن ڏانهن ڪمند موڪلڻ واري عرصي ۾ ڇليءَ لاءِ ونگار ڪئي ويندي آهي ۽ ڇليءَ جو چارو مال لاءِ حاصل ڪبو آهي. ڇلھہ يا ڇلي اڪثر ڪمند جي پچي راس ٿيڻ بعد ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو