ڇِڪو: ڇِڪو نوڙين مان ٺهيل تارازيءَ جي پڙ وانگر هوندو آهي، جيڪو ڇت ۾ ٽنگي، ان ۾ کاڌي جون شيون حفاظت سان رکي سگهبيون آهن تہ جيئن ماڪوڙين يا ٻلين وغيرہ جي نقصان کان محفوظ رهن. انهيءَ کانسواءِ نوڙين مان ٺهيل ڳوٿريءَ کي پڻ ڇڪو چئجي ٿو، جيڪا ڳاھہ ڳاهڻ وقت ڍڳن جي ٻوٿ تي ٻڌبي آهي تہ جيئن ڏاند اَن نہ کائي سگهن.