ڇِڪِي

ڇِڪِي: ڇڪي پيٽ جي هڪ بيماري کي چيو ويندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن: (1) اُبت ڇڪي، (2) دن ڇڪي.
ميڊيڪل جي اصول ۾ ڊاڪٽر، ڇڪيءَ کي نه مڃيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اها معدي جي خرابيءَ جي هڪ بيماري آهي، جڏهن ته هوميوپيٿڪ وارن جو چوڻ آهي ته ڇڪي اهڙي بيماري آهي، جنهن سان ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويندو ۽ مٿس ٻيون به ڪيتريون بيماريون حملو ڪنديون آهن، جنهن جو بنيادي سبب ڇڪي هوندي آهي.
ابت ڇڪي: سنڌ ۾ ڇڪيءَ بابت عام طور حڪيمن پاران چيو ويندو آهي ته ڇڪي بادي شين کائڻ ڪري ٿيندي آهي. اُهي شيون جن جي کائڻ کانپوءِ گئس جي شڪايت وڌي وڃي. مثال طور: پٽاٽا، گوبي (گلن واري)، چڻن جي دال وغيره. پيٽ اندر گئس جي وڌيڪ ٺهڻ سان چڪر به ايندا آهن، رت جو دورو به هيٺ مٿي ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيچيده حالتن ۾ ماڻهو مري به ويندو آهي. ڇِڪيءَ وقت علاج لاءِ ماڻهو مختلف قسم جا سنوڻ ساٺ به ڪندا آهن. ڄاڻو ماڻهوءَ کان ڏس پتو به وٺندا آهن، جنهن کي ’ڇڪي ڪڍرائڻ‘ چئبو آهي. هن حالت ۾ مريض کي هڪدم سمهاري، سندس پنين، سٿرن، چيلهه ۽ پُٺن کي لتاڙبو ۽ مالش به ڪبي آهي. مرض جي سڃاڻپ لاءِ دُن (نهائين) تي ڌاڳو ماپي ڇڪيءَ جو اندازو لڳائيندا آهن ته ڪهڙي پاسي ۽ ڪيتري ڇڪي چڙهيل، لٿل يا پاسيري آهي. هن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪبو آهي، ان کي آڪو پنڪچر ٿراپي چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو