ڇٻلاڻي، منگهارام: منگهارام ڇٻلاڻيءَ جو جنم 1896ع ڌاري ٿيو. 1917ع ۾ ايس. ٽي. سي. ڊي. ڪاليج بمبئيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ بي. اي پاس ڪيائين. بي. اي پاس ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول جو استاد طور مقرر ٿيو. 1926ع ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. 1926ع ۾ پنهنجي ڀاءُ پروفيسر حشمتراءِ جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ ماڊل هاءِ اسڪول کوليائين، جنهن جو پرنسپال به پاڻ ٿيو. 1936ع ۾ ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي ايڪسٽينشن طرفان ’واڌو مل بولچند هاءِ اسڪول‘ کوليائين ۽ ٻئي سال ان ئي ساڳي نالي سان پرائمري اسڪول به قائم ڪرايائين. منگهارام ڪيترو وقت هيڊماسترن جي ڪراچيءَ واري ايسوسيئيشن جو صدر؛ ڪراچي بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو نائب صدر؛ ڪراچي انڊين گرلس هاءِ اسڪول جو سيڪريٽري؛ ڪراچيءَ جي تعليم جي ترقيءَ واري سوسائٽي ۽ فيميل ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري؛ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي عامل پنچائت جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ خزانچي به رهيو. هن هندستان جي ملڪي جوڙجڪ ۽ انتظام بابت ڪيترا ڪتاب به لکيا.
ڇٻي: پيش مان ٺهيل هڪ قسم جي ٽوڪري، جنهن جو منهن ويڪرو ٿئي. ڇٻيون ننڍيون يا وڏيون ٺاهيون وڃن ٿيون. جن ۾ عورتون پنهنجو ڳنڍ ٽوپي جو سامان ۽ هار سينگار جو سامان رکن ٿيون. اتر سنڌ ۾ مانيءَ جي دٻڪيءَ کي ڇٻي به سڏيو وڃي ٿو.
اڄڪلهه ڇٻيون، ڪڻڪ جي تيلين، پلاسٽڪ وغيره مان ٺاهيون وڃن ٿيون.
ڇٻيل: درياهه جي اهڙي پاتار، جنهن ۾ ڪپر به هجن ۽ واڌو باقي پاڻي پلٽ ڪري وهي ان کي ’ڇٻيل‘ چئبو آهي. درياهه اندر ڪيتريون ’ڇٻيلون‘ ٿينديون آهن. ڇٻيل تان ڄڻ ته پاڻي البيلائيءَ سان ٽپندو رهندو آهي ۽ اهو نظارو وڻندڙ لڳندو آهي. ان ڪري ئي شايد سهڻي سينگار ڪيل ۽ ناز انداز سان هلندڙ مرد ۽ عورت کي ڇٻيلو، ڇٻيلي، ڇٻل ڇٻيلو، ڇيل ڇٻيلي چئبو آهي.