ڇٽو آخوند

ڇٽو آخوند: آخوند ڇٽو ولد غلام ڄامڙو پنھنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. راڻيپور جي ڀرسان ڄامڙن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. کيس فقھ جي علم تي ڪافي عبور هو. هو راڻيپور جي پير غلام محي الدين شاھہ جو استاد ۽ سندس ديني مدرسي جو مهتمم هوندو هو. آخوند ڇُٽي ڄامڙي جو ڪلام ناصحانه قسم جو هو. هن فقھ تي ڪافي رسالا لکيا هئا. هن جو تاليف ڪيل ڪتاب ’جنت الفردوس‘ ۾ فقهي مسئلن جي تشريح بابت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو