ڇٽو ٻلال
ڇٽو ٻلال: ٻلال ڇُٽو، رياست بھاولپور ۾ ديري نواب ۾ رهندو هو. 1850ع کان اڳ ٿي گذريو آهي. بھاولپور جي نواب صبح صادق جو خاص ماڻهو هو، وڏو شڪاري ۽ توبچي هوندو هو. هرڻ جي شڪار جو وڏو ماهر مڃيو ويندو هو. هن جي شاعري بيتن جي صورت ۾ بھاولپور ۽ سنڌ ۾ مشھور آهي.