ڇٽو چانڊيو

ڇٽو چانڊيو: تعلقي ميرو خان ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ جي هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾ رسول بخش چانڊيو ۽ ڇٽو جويو ڳوٺ شامل آهن.
ڇٽو خليفو درس: خليفو ڇٽو ولد خليفو محمد قابل پلي (درس)، ڳوٺ سِگهہ، تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. هن جو جنم 1275ھہ/ 1858ع ڌاري ٿيو. خليفو ڇٽو اعليٰ درجي جو خوشخط هو. هندي، اردو، گجراتي، فارسي ۽ عربي ٻولين جي چڱي ڄاڻ رکندو هو. سھروردي مسلڪ ۾ غوث بھاؤالدين ذڪريا جو مُريد ۽ سندس وڏن خليفن مان هو. هن 1338ھہ بمطابق 1919ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو