ڇٽيھہ لکڻو: هي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور صفتي خطاب آهي، جيڪو ٻھراڙيءَ ۾ اڪثر مائرون اولاد لاءِ ۽ عام ماڻهو ڪنهن سلڇڻي ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. هي لفظ صفت طور ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي ڪٿ لاءِ ڪتب ايندو آهي. جامع سنڌي لغت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن لفظ جي معنيٰ ’لڇڻن وارو ۽ سلڇڻو‘ ڏني آهي. اڄ بہ ٻھراڙيءَ ۾ ’لَڇڻ‘ کي ’لکڻ‘ چئبو آهي، جيڪو سنسڪرت ۾ ’لڪشڻ‘ آهي. ان ڪري نيڪ، بختاور ۽ گهڻين خوبين جي مالڪ شخصيت کي ڇٽيھہ لکڻو چوندا آهن. ڇٽيھہ لکڻي جي لفظي معنيٰ ڇٽيهن قسمن جون خوبيون رکڻ وارو شخص آهي.