ڇپري: ڇپري هڪ قسم جي ٻوٽي آهي، جيڪا جابلو علائقي ۽ ٿر ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي. هيءَ ٻوٽي ول وانگر زمين ۾ ڇٽ هڻندي آهي ۽ ان ۾ ٿورا ڪنڊا بہ ٿيندا آهن. هيءَ ول دوا طور ڪم ايندي آهي. ٻوٽيءَ جي سنهڙين شاخن مان کير جهڙي اڇي رَس نڪرندي آهي.
- وڏن ڪنن واري رڍ جو هڪ قسم بہ ڇپري سڏجي ٿو.
- ڇپري، ننڍي ڇپر کي بہ چئبو آهي، جيڪا ٿوڻين ۽ وچ ۾ ڏنل ڏڪن تي بيٺل هوندي آهي ۽ ان جي سرن، ڪانهن، کپ وغيرہ جي ٻوٽن سان ٻڌل هوندي آهي.