ڇپر کٽ: هيءُ کٽ جو هڪ خاص قسم آهي. هيءَ کٽ خاص طور گهوٽ ڪنوار لاءِ تيار ڪرائي ويندي آهي، جنهن تي سھڻي نموني چٽسالي ٿيل ۽ جهاٻا جهُوڙا لڳل هوندا آهن. ميرن جي دؤر ۾ حاڪمن توڙي ٻين شاهي گهراڻن ۾ هيءَ کٽ استعمال عام ڪئي ويندي هئي ۽ اڄ بہ ڪٿي ڪٿي استعمال ٿئي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾ هن کٽ کي ’وڏي کٽ‘ ڪوٺيو آهي. شاھہ لطيف جي رسالي ۾ پڻ ’ڇپر کٽ‘ جو ذڪر آيل آهي:
ڇِپُون ڇَپر کَٽَ، پَهَڻَ پٿراڻيون ڀانئيان،
سَيڻَنِ جي سَهَٽ، ڏونگر ڏولي آهيان.